سائين سنڌي گڏجن ڇو جڏهن ته ڪنهن کي نوڪري ڪنهن کي کجور جي ٽوڪري ڏئي کيڏايو پيو وڃي پ پ ۾ اڪثريت سنڌين جي ئي نظر اچي ٿي پر پنهنجي غلط فيصلي تي بي شرمائي سان هنڀوڇيو هڻندي نظر پيا اچن ڪاش اهڙن سنڌي سڏائيندڙن کي ٻڏي مرڻ گهرجي۔
اسان جي قوم ۾ اڳواڻي ۽ عهدي جي لالچ جو جيڪو ناسور آهي اهو ئي اسان جي ناڪامين جو بنيادي سبب آهي ۽ اها ئي رڪاوٽ آهي نه گڏجڻ جي۔ نه ڏسجي ته جيڪي ٻين جي مستقبل جي مفادن لاءِ سندن جهولين ۾ ڪريا پيا آهن هنن جي نظرين ۾ ڪو خاص فرق ناهي۔ بس رڳو اڳواڻي جي نشي ۾ ڌت آهن
مڪاني نظام جي آڻڻ سان مڪڙن کي ٻه فائدا ٿيا آهن هڪ طرف حيدرآباد ۽ ڪراچي ماڻڻ سان فائدو مڪڙن جو پيو ٿئي ۽ ٻئي طرف پيپلز پارٽيءَ جي هٺ جي ڪري سنڌي پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا پيا ٿين۔۔۔ مون کي انگريزن وارو اصول ياد پيو اچي۔۔۔ ڊوائڊ اينڊ رُول۔۔ وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو۔
پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي نادانيءَ سان مڪاني ادارن واري نظام وسيلي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ اهڙو ڳٽ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ کي ون يونٽ جي تحريڪ جيان وڏا وس ڪرڻا پوندا. هڪ طرف پنهنجي ان سياسي نادانيءَ کي پيپلز پارٽي مڃڻ کان انڪاري آهي ته ٻئي طرف عوامي رد عمل کي ساڃاهه سان سمجهڻ بجاءِ اها پنهنجي روايتي وڏيرڪي هوڏ تي بيهي جيڪا صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جهڙو ماحول جنم وٺي رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي هن قانون ۽ ان کان پوءِ پيدا ڪيل ماحول ڪارڻ سنڌ ۾ هر پاسي ڄڻ ته پيٽرول هاريو پيو آهي ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي معمولي چڻنگ به ان کي ڀڀڙ بڻائي سگهي ٿي. ان قسم جي صورتحال ۾ ڪابه ڌر ٿوري ڪوشش سان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي پر پيپلز پارٽيءَ کي ان جو ڪوبه ادراڪ ناهي.
پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ لاء ڪيئي وس ڪيا ويا، ڪيئي جابر آيا پر پارٽي پوء به زندهه رهي پر هن دفعي پ پ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي پاڻ ئي هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جيڪو سندس سياسي موت ثابت ٿي سگهي ٿو۔ پر هتي ڪيئي سوال اڀرن ٿا : ڇا ڪيل جدوجهد اقتدار لاء ناهي؟ ڇا اين پي پي پي ، ف ليگ، ق ليگ يا ٻيا وڏيرا سنڌ جي مفاد لاء پيا لڙن؟ ڇا قومپرست ڌڙا سڀ گڏ آهن؟ ڇا اسان جي جدوجهد جو رخ سنڌ جي آزادي آهي؟ ڇا پ پ پ جي هن ڪيل غلط فيصلي خلاف اٿيل آواز ڪنهن انقلاب ڏانهن پيو وڌي؟ جيڪڏهن انهن جو جواب نفي ۾ آهي ته پوء مان هڪ ٻيو سيناريو پيو ڏسان، اهو اهو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ ڪافي سيٽون وڃائيندي پر کٽندڙ اڪثريت ۾ نه هوندا ۽ هڪ نئين کچڙي جنم وڄندي۔ جنهن ۾ نواز ليگ، ٻيا وڏيرا ۽ ڪجهه قومپرست گڏجي حڪومت ٺاهيندا ۽ وري به ايم ڪيو ايم اڳيان بليڪ ٿيندا، جنهن سبب پ پ پ جو گراف ٻيهر وڌندو ۽ هن جي سياسي حيثيت به اڀرندي۔ نواز ليگ ان ڪري اسان جي قومپرست ڌرين جي حامي آهي جو هو ڏسي رهيا آهن ته هن نظام سبب اثاثا پنجاب بجاء سنڌ جي هڪ شهري پارٽي ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن جيڪا ڳالهه هنن کان هضم ڪانه ٿيندي۔ ڇو ته هنن جي نظر به اسان جي اثاثن تي آهي۔ تنهنڪري نواز ليگ اسان جي قومپرست قيادت کي پنهنجي لاء استعمال ڪري اقتدار حاصل ڪري ويند ي۔ ٿي سگهي ٿو مان غلط به هجان پر اسان سنڌين جي ڪاميابي تڏهن ئي ممڪن ٿيندي جڏهن اسان جي تحريڪ ۾ وڏيرا ، جاگيردار، قبضا پرست، ڀتا خور، ڌوڪيباز ۽ روز وڪامجندڙ ماڻهو شامل نه هجن۔ جيڪڏهن هن وقت به پ پ پ کي سياسي طور ختم نه ڪري سگهياسين ته ياد رکو پوء شايد ئي اهڙو موقعو ملي سگهي۔ هڪ ٻي اهم ڳالهه ته هن جدوجهد کي جذبات کان هٽي سياسي ، سماجي، اخلاقي طرح وڙهجي ۽ عام ماڻهوء تائين پهچجي۔ جيڪا ڳالهه مونکي نظر ڪانه پئي اچي۔
پي پي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ته تڏهن ٿئي جڏهن ڪو متبادل هجي۔۔ سنڌين جو اڳواڻ ڪير آهي؟ ڪو هڪڙو نالو ته هجي جيڪو ذهن ۾ اچي ته فلان شخص سنڌين جو اڳواڻ آهي۔۔ نواز ليگ ته هن دفعي ڪجهه سيٽون کڻي ايندي۔۔ پر توهان کي لڳي ٿو ته قومپرستن کي ڪا سيٽ ملندي؟ جي ها ته ڪير ۽ ڪٿان؟ اهو ذهن ۾ هجي ته جلال شاهه نواز شريف سان گڏ آهي۔۔ مسلم ليگ فنڪشنل ته آرمي هيڊڪوارٽر تان هلي ٿي۔۔ ان کي قوم پرست چوڻ غلط آهي۔۔
اوهان جي ڳالهين سان متفق آهيان ۔۔۔۔۔ پ پ پ جي هارائڻ سان ڪو قومپرست نه پر ڪو ٻيو جاگيردار يا وڏيرو ئي کٽي ايندو ۽ ها اوهان جا ڪيل سوال منهنجا به ته آهن ۔۔۔۔۔۔ قومپرستن جو گڏ ٿيڻ ڪو معجزو ئي هوندو ۽ ها قوپرستن کي هاڻ قومپرست به نه ٿا چئي سگهون ۔۔۔ ڇو ته هو به هاڻ وفاق پرست آهن۔
سائين وفاق پرست به نه بلڪ مفاد پرست آهن جي انهن کي قوم جو ذرو به خيال هجي ها ته هن وقت سڀ متفق ٿي ڪنهن هڪ کي اڳواڻ ڪري پاڻ ان جي سپوٽ ڪن ها ۽ نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم کان به وڌيڪ سيٽون سنڌي قومپرست کڻن ها ڇو ته پوري سنڌ ۾ اڪثريت ايم ڪيو ايم جي مقابلي ۾ سنڌي قوم جي آهي پر اهي ڀوتارن جي ڀوء کان ورهائجي ٿا وڃن ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا سنڌي اقليت ۾ نظر اچن ٿا ۽ اقليت وارن وارا حق به حاصل نه ٿا ڪري سگهن ۔پاڻ واري ديشي کي وٺي ڪنهن قوم پرست سان ملڻ جي ناڪام عملي ڪوشش ڪجي ؟
ورهاست جا حامي حرامي اٿوءَ حرامي به نامي گرامي اٿوءَ رڳو ڏوه ڌارين جو نه آهي ادا. گهڻائي وڏيرا مقامي اٿوءَ 751 اٽيچمينٽ ڏسو