ڀاڙي ماڻهو!!! ڀاڙِي تي ويساه نه ڪوئي! جنهن کي چاهي تنهن کي وڪڻي ماءُ مِٺِيِ جي ڇاتي وڪڻي ... ٻار به وڪڻي، تن جي ٻولي ٻاتِي وڪڻي ابا وڪڻي ڏاڏا وڪڻي. تن جا سڏ پڙاڏا وڪڻي ٿوهر وڪڻي. ٿر کي وڪڻي برپٽ، باغ ۽ بر کي وڪڻي پل اسان جا پهر به وڪڻي ڍنڍون، ڍورا، پلر به و ڪڻي تنهنجا منهنجا ڳوٺ سمورا، شهر به وڪڻي. اروڙ، مڪلي، موهن وڪڻي پنهنجي جوءِ جو جوڀن وڪڻي کرڙي، دٻي، مياڻي وڪڻي جي هو چاهي نياڻي وڪڻي، هن جو وس هلي جي جيڪر سچ کي وڪڻي! ڪيِئن هو جلندڙ سج کي وڪڻي؟؟؟ ڀاڙي ماڻهو!!! وطن به وڪڻيو کائي ڄاڻي قوم به وڪڻيو کائي ڄاڻي ڪفن به وڪڻيو کائي ڄاڻي عزت عظمت غيرت ڇا هي؟ ڳالهه نه اهڙي ڀاڙي ڄاڻي ڀاڙي ڪوٽن ڪوٺن ڄاوا تن ۾ ڪيڏو فرق ته آهي ڪوٺن وارا ڀاڙي ماڻهو، پيٽ گذر لئه ڌنڌو ڪن ٿا ڪوٽن وارا سياسي ڀاڙيا، پنهنجي ذاتي ملڪيت خاطر، قوم سڄي جو سودو ڪن ٿا، رت سان رنـڱيل اتهاس اسان جو، خوار ڪرن ٿا ، گندو ڪن ٿا......!!! (وشال سنڌو نريش)