انڊيا پاڪستان جي جنگ جي دوران پاڪستان جي فوجي ڪمانڊر اعلان ڪيو ته جيڪو به دشمن جي فوج جو هڪ ٽئنڪ ڪاهي ايندو ته ان کي هڪ مهيني جي موڪل ۽ 50 هزار روڪ انعام ملندو۔۔اهو ٻڌي ٻئي ڏينهن پاڪستان جي فوج مان هڪ پٺاڻ وڃي انڊيا جو ٽئنڪ ڪاهي آيو۔۔ فوجي ڪمانڊر ڏاڍو خوش ٿيو۔۔ان پٺاڻ کان بهادريءَ جي قصي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي پر پٺاڻ چيو۔۔ ” اڃان ترسو، مون کي ٻيو به موقعو کپي، قصو بعد ۾ ٻڌائيندس۔ـٻيو دفعو وري پٺاڻ ٻيو ٽينڪ ڪاهي آيو، بهادريءَ جو قصو پڇڻ تي وري به پٺاڻ ڪمانڊر کي ڪجهه ڏينهن ترسڻ جو چيو۔۔اهڙي طرح اهو سلسلو هلندي هلندي پنج ٽينڪن تائين پهچي ويو۔۔آخرڪار هن دفعي ڪمانڊر حيران ٿي پڇيو۔۔ ”اڄ توکي ڪيئن به ڪري پنهنجي بهادريءَ جو راز ٻڌائڻو آهي۔“پٺاڻ چيو: ”سائين ! جهڙو اعلان توهان هتي ڪيو آهي، اهڙو اعلان انڊيا جي فوجي ڪمانڊر به ڪيو آهي ۽ هو اسان کي هڪڙو ٽئنڪ ڏئي وڃن ٿا ۽ هڪڙو وٺي وڃن ٿا۔۔“هههههههههههههههههههه
اهو دور ويو جڏهن پٺاڻ بي عقل سمجهيو ويندو هو۔۔ هاڻ پٺاڻ اسان کان ٻيڻ تي هوشيار آهن۔۔ ڏيتي ليتي ۾ رقم وصول ڪرڻ ڪو پٺاڻن کان سکي۔۔۔
سائين منهنجي انهي کي چوندا آهن جهڙي پوکيو تهڙو لڻيو۔ لڳي ٿو اها انعامي اسڪيم ٻنهي ملڪن جي تعاون سان هلي رهي هئي۔ ڀلاء حضرت پٺاڻ کي انعام وغيره مليو يا رڳو ڊڪ ڊوڙ ۾ مصروف رهيو۔ توهان جي لطيفي تي اسان جي چپن تي ڳوڙهي مسڪهراٽ آئي،توهانجون مهربانيون۔