ڪير چوي ٿو انب ميون جو بادشاهه آهي؟ الطاف شيخ اسان جي ملڪ جا ماڻهو انبن جي موسم جو آڌرڀاءُ وڏي گرم جوشيءَ سان ڪن ٿا، اسان وٽ انب غريب توڙي امير جو دلپسند ميوو آهي، هي نه فقط ميوو آهي پر ڀاڄي پڻ. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو انبن جي موسم ۾ ٻوڙ يا ڀاڄي رڌڻ بدران انب سان ڀت يا ماني کائين. انب ذائقي ۽ خوشبوءِ وارو ميوو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي پروٽين ۽ کنڊ موجود آهن، انب اسان جي ماڻهن لاءِ بهترين ميوو آهي، انبن جي موسم ۾ گدرا، ڇانهيون، سردا، چڪون، بادام ۽ زردالون يتيم ٻارن وانگر بنا ڪنهن خريدار جي ڌيان ڇڪائڻ جي دڪانن تي پيا هوندا آهن، هن موسم ۾ ڪو مٺائيءَ کي به نٿو پڇي. بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي ماڻهن لاءِ انب ميون جو بادشاهه آهي، منهنجي راءِ به انب لاءِ ساڳي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن لاءِ سنڌڙي انب (Madras Alphonso) ميون جو بادشاهه آهي ته ڪن لاءِ چؤسو، لنگڙو، دسهري يا سرولي انب بادشاهه آهن، جي مون کان پڇڻ چاهيندا ته آئون بينگن ڦلي يا سوارن ريکا جو نالو کڻندس، انب لاءِ سڀني کي پيار ۽ ان کي انبن جو بادشاهه سڏڻ جو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا اچون. 1968ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي سفر شروع ڪيا ۽ پهريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ قدم رکيو، ته منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي جڏهن هتي جي مارڪيٽ ۽ ميوي جي دڪانن تي هر هڪ کي هڪ ڄاهي جي شڪل جي ميوي دورين (Durian) جو ديوانو ڏٺم، منهنجي پڇڻ تي هر هڪ هن ڪوجهي شڪل ۽ ڪنڊن واري دورين کي ميون جو بادشاهه ٿي سڏيو. مون سمجهيو هو چرچا ٿا ڪن يا ٽوڪ خاطر هن ميوي کي بادشاهه ٿا سڏين، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ بدبودار ۽ ڪوجهي شڪل وارو دورين ڪيئن ٿو ميون جو بادشاهه ٿي سگهي. پر ڪجهه لڳاتار سامونڊي سفرن ۽ هن تر جي بندرگاهن ۾ رهي رهي، اهو محسوس ڪيم ته هن پاسي بئنڪاڪ کان بينڪولا ۽ سنگاپور کان ڪمپوچيا تائين هر هڪ دورين کي ميون جو سرتاج ٿو سمجهي. انب ۽ دورين جي وچ ۾ اهو فرق آهي ته انب کي هر هڪ پسند ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي گهٽ پسند هجي پر هو ڪڏهن به ائين نه چوندو ته انب کي منهنجي ڀرسان به نه رکو پر دورين کي هر هڪ نٿو پسند ڪري، جيڪو پسند ڪري ٿو اهو چرين وانگر هن تي فدا آهي، جيڪو نٿو ڪري اهو بنهه نٿو ڪري، بلڪه هن ميوي سان سخت نفرت ڪري ٿو، دورين جي هنڱ جهڙي اگري ڌپ ڪري هو ان جي ويجهو به نٿو گذري، دورين کائڻ ۾ انب کان به مٺو آهي پر سندس بوءِ تمام خراب الٽي اچڻ جهڙي آهي، ان ڪري هن ميوي کي هڪڙا پسند ڪن ٿا ته ٻيا هن کان پري ڀڄن ٿا. هن پاسي يعني ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ دورين لاءِ اهو عام چيو وڇي ٿو ته: ”Durian is most loved and most hated fruit“ هن ميوي لاءِ ماڻهن کي يا ته سخت پيار آهي يا سخت ڌڪار، ان جي وچ ۾ ٻيو ڪو احساس ناهي. دورين ناريل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو ۽ سندس ٻاهرين کل ٿلهي، سخت کهري ۽ ٿلهن ڪنڊن واري آهي، هنن ڪنڊن ڪري هن ميوي جو نالو دورين پيو آهي، ملئي زبان ۾ Duri معنيٰ ڪنڊو ۽ Durian معنيٰ ڪنڊن وارو. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز رستي آئون ڏهه سال کن ايندو ويندو رهيس ۽ اهڙا ڏهه سال مون وڏي ڪوشش ڪئي ته دورين ميوو يا ان مان ٺهيل بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ کاڌا وڃن پر مون کي ڪاميابي نصيب نه ٿي، دورين جي ڌپ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪيمسٽري ڪلاس ۾ پيدا ٿيندڙ هئڊروجن سلفائيڊ گئس جي ناسن ۾ چڀندڙ (Pungent) ڌپ جي ياد ڏياري ٿي، جنهن لاءِ اسان جو مرحوم ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو چوندو هو ته اهو Devil’s Dung آهي. هونءَ ملائيشيا ۾ ميون جي کوٽ ناهي. ملائيشيا توڙي ڀر وارن ملڪن ٿائلينڊ، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره ۾ ڪيترائي لذيذ، مٺي ڳر ۽ سٺي سڳنڌ وارا ميوا ٿين ٿا. جهڙوڪ: مينگواسٽين، رمبوتان، چڪون، ماتاڪچنگ، ڊوڪونگ، چمپداڪ، اسٽار فروٽ، ليچي، انناس، لونگان وغيره، ويندي ملائيشيا جو ڪيلو، خاص ڪري پسانگ اماس (سنهري ڪيلو) بهترين جنس آهي جيڪا جپان ۽ يورپ جي ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ٿئي ٿي. اهڙن لذيذ، سستن ۽ سڀ جي پسند وارن ميون هوندي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن علائقن جا ماڻهو دورين جهڙي بدشڪل ۽ بدبودار ميوي پٺيان چريا ڇو آهن، جيڪو قيمت ۾ تمام مهانگو آهي، ڪنڊن واري کل هجڻ ڪري کڻڻ ۾ ڏکيو ۽ ڳرو آهي، کولڻ ۾ سخت آهي، بلڪ خطرناڪ آهي، ڇو جو هن ميوي کي ڀڃڻ واري جا هٿ اڪثر زخمي ٿيو پون، ۽ بقول يورپين جي هن ميوي جي ڌپ بدبودار جورابن جهڙي آهي، سڀ کان حيرتناڪ ڳالهه اها آهي ته ههڙي ڳري ميوي مان کائڻ لاءِ ڪي چمچا مس ڳر (Pulp) جا نڪرن ٿا. ائگريڪلچر ۽ باٽني جي شاگردن لاءِ اهو لکندو هلان ته دورين ميوي جو Genus Durio فئملي سان تعلق آهي، هو پنهنجي وڏي سائيز، منفرد بوءِ ۽ چڀندڙ ڪنڊن واري کل ڪري هڪ نمايان ميوو آهي، دورين ڊيگهه ۾ 12 انچ ۽ گولائيءَ ۾ 16 انچ تائين ٿئي ٿو ۽ تور ۾ ٽي ڪلو جيترو به ٿئي، ان جي ٻاهرين کل سائي کان ناسي رنگن تائين ٿئي ٿي. اندرين کائڻ واري ڳر هئڊي کان ڳاڙهي رنگن واري ٿئي ٿي. هن کائڻ واري ڳر مان بدبوءِ نڪري ٿي، جيڪا ايڏي ته تيز ۽ چڀندڙ ٿئي ٿي، جو بند دورين مان به محسوس ٿيندي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا هوٽل يا ڪا عمارت سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ آهي ته هڪ ڪمري ۾ آيل دورين ميوي جي ڌپ سڀني ڪمرن ۾ رهندڙن کي محسوس ٿئي ٿي، مزي جي ڳالهه اها ته دورين جي اها ڌپ ڪن کي الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڪن لاءِ اها بدبودار ڌپ نه پر عطر عنبيرن کان بهتر خوشبوءِ آهي، دورين کائڻ وارن عاشقن کان پڇبو ته هو توهان کي چوندا ته هن ميوي جي بادامن جهڙي خوشبوءِ آهي پر ٻيا ان کي سڙيل بصرن جي ڌپ سڏين ٿا، ٻٻر جي ڪنڊ واري هن ميوي جي ان بدبوءِ ڪري هن پاسي جي ملڪن جي وڏين هوٽلن ۾ هن ميوي کي آڻڻ تي بندش آهي. سنگاپور ۾ ته نه فقط هوٽلن ۽ آفيسن ۾ پر ميٽرو ريل (MRT) ۽ ۽ پبلڪ بس ۾ به کڻي اچڻ جي اجازت ناهي. جتي ڪٿي توهان کي Durians not Allowed جا بورڊ نظر ايندا، منهنجي خيال ۾ هتي جي حڪومتن جو اهو سٺو فيصلو آهي، نه ته هن ميوي جي ڌپ کان ونءُ ويندڙ توهان ۽ اسان جو ساهه گهٽجي وڃي. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز جون جي مهيني ۾ ڪراچي ايندو هو ته منهنجا جهاز هلائڻ وارا ساٿي مون پاران خوشيءَ سان ڊيوٽي ڪندا هئا، جيئن آئون ڳوٺ جو چڪر هڻي اچان ۽ واپسي تي انبن جو کوکو به کڻي اچان، پر انب اهڙو ميوو آهي، جنهن کي هر هڪ پسند ڪري ٿو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو کڻي گهٽ کائيندو هجي. هتي ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي آفيس ۾ ڏهه کن جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هوندا هئاسين. مون اٺ نو سال کن هن آفيس ۾ ڪم ڪيو، هر سال دورين جي موسم ۾ اسان هڪ يا ٻه دفعا چيني چيف انجينئر لائوسينگ جي ڊيوٽي ڪندا هئاسين، جيئن هو پنهنجي ڳوٺ موئر (Muar) ٻه ڏينهن وڃي واپسي ته دورين ميوي جو کارو کڻائي اچي، پوءِ اهو ڏينهن اسان جي آفيس ۾ مڪاني ملئي ۽ چيني آفيسرن لاءِ ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي، باقي اسان چار پنج ٻاهرين ملڪن جا دورين جي ڌپ ۾ بي حال ٿي ويندا هئاسين، هن ميوي جي ايڏي ته چڀندڙ (Pungent) ڌپ ٿئي ٿي، جو اسان جا يار کائڻ بعد چڱي طرح صابڻ سان هٿ ۽ چپ ڌوئي ايندا هئا ته به سندن جسم مان خاص ڪري پگهر مان اها ڌپ پئي ايندي هئي، اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ برطانيا جو ڪئپٽن ڪئرو، جنهن هڪ دفعي همت ڪري دورين جي ڳر چوسي هئي، اهو چوندو هو: ”Mr.Altaf! Eating Durian is like eating custard in public toilet.“ چون ٿا ته گهڻا گهڻا سال اڳ دورين فقط ملئي ماڻهو کائيندا هئا ۽ ناريل، ڪٺهل ۽ انناس وانگر تمام سستو ميوو هوندو هو، پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ۾ رهندڙ چينن کي دورين جو اهڙو چشڪو لڳو جو هاڻ توهان کي جتي ڪٿي چيني خريدار نظر ايندا، جيڪي ملئي ماڻهن کان وڌيڪ امير آهن ۽ دورين جي قيمت گهڻي هجڻ جي باوجود خريد ڪن ٿا. دورين جو وڻ 25 کان 50 ميٽر اتاهون ٿئي ٿو. ان جا پن رٻڙ پلانٽ وانگر سدا ساوا ٿين ٿا، اهو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا گل ۽ ڦل ڏئي ٿو. اها ڳالهه اسان جي ماڻهن لاءِ شايد عجيب هجي جتي چار مختلف موسمون ٿين ٿيون، پر ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري اتي ٻارهوئي ساڳي موسم مينهن ۽ گرمي واري رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو هوس ته اسان جي گهر جي ڪمپائونڊ ۾ لڳل انب ۽ چڪن جا وڻ به سال ۾ ٻه دفعا ٻور ڏيندا هئا. نئون لڳايل دورين جو وڻ چئن کان پنجن سالن بعد ميوو ڏئي ٿو، ٻور جهلڻ (Pollination) بعد ٽي مهينا وٺي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو دورين ۽ ڪٺهل (jack fruit) کي ساڳيو ٿا سمجهن، ڪٺهل بنگلاديش ۽ ڏکڻ هندستان ۾ به ٿئي ٿو، جيڪو سائيز ۾ ڊگهو ٿئي ٿو، ان جي کل کهري ضرور ٿئي ٿي پر دورين جي کل کان تمام گهڻي نرم آهي، گيدوڙي وانگر گهٽ درجي جو هجڻ ڪري بيحد سستو آهي، ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ دورين سڀ کان مهانگو آهي، مثال طور دورين جون زياده دلپسند جنسون ڊي 24 (جيڪاDuro Zibethinus آهي)، سلطان ۽ مائوشان وانگ جو هڪ ڪلو 5 کان 10 آمريڪن ڊالر آهي، هڪ دورين جو سراسري وزن ٻه ڪلو به لڳايو وڃي ته هڪ هڪ داڻي جي قيمت هڪ هزار کان ٻه هزار رپين تائين ٿئي ٿي، ان ۾ کائڻ جوڳو حصو يعني گودو جنهن کي هتي Aril سڏين ٿا، اهو 15 کان 25 سيڪڙو مس ٿئي ٿو، باقي رڳو ٿلهي کل ۽ ٿلها ٻج ٿين ٿا. دورين ميوي ۾ کنڊ، وٽامن سي، پوٽئشيم ۽ Theserotonergic Amino acid Tryptophan تمام گهڻو ٿئي ٿو، ڪاربو هائيڊريٽ، پروٽين ۽ چرٻي جو به Source آهي. هن پاسي جي ماڻهن جو اهو وهم آهي، بلڪ ديسي چيني حڪيمن موجب دورين جو تاثير گرم آهي ۽ کائڻ واري کي تمام گهڻو پگهر ٿئي ٿو، هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن ۽ پيٽ وارين عورتن کي دورين هرگز نه کائڻ کپي، دورين معجونن ۽ ڪشتن جو ڪم ڏئي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته دورين چونڊڻ وقت هيلمٽ (لوهي ٽوپلو) پائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ڇو جو وڻ مان ڪو دورين هيٺ هلندڙ ماڻهوءَ جي مٿي ۾ لڳڻ سان هن کي سخت زخمي ڪري سگهي ٿو، هونءَ دورين لاءِ چون ٿا ته هن کي اک ٿئي ٿي، اهو وڻ مان ان وقت نٿو ڇڻي جنهن وقت وڻ هيٺان ڪو موجود آهي، دورين دنيا جو واحد ميوو آهي، جيڪو وڻ مان پٽي نٿو سگهجي. ملائيشيا ۾ ناريل پٽڻ جو ڪم ڀولڙن کان ورتو وڃي ٿو پر اهي به دورين جهڙو ڳرو ۽ ڪنڊ وارو ميوو پٽڻ جو جوکو نٿا کڻن، هي ميوو جڏهن پچي راس ٿي هيٺ چڻي ٿو، ان وقت وڻ هيٺان کنيو وڃي ٿو، دورين گهڻو ڪري رات جو ڪري ٿو. ۽ پوءِ ڏينهن جو کنيو وڃي ٿو. منهنجي هڪ ملئي دوست پاڪستان ۾ انبن جا مختلف نالا ٻڌي مون کي چيو ته يار توهان جي ميون جي سردار ”انب“ جا هي ڪهڙا عجيب نالا آهن... طوطا پوري، بينگن ڦلي، گلاب خاصو، لنگڙو، فجري، زردالو، ڪليڪٽر، راجا پوري...! ملائيشيا کان آيل مهمان کي ته مون ڪو جواب نه ڏنو پر ڏٺو وڃي ته سندن ميون جي بادشاهه دورين جا به عجيب نالا آهن، جيڪي انهن ان جي رنگن، سائيز، ذائقي، شڪل، بوءِ مطابق رکيا ويا آهن، هن شهر ملاڪا ۽ ڀر واري رياست ”جوهور“ ۾ دورين جون جيڪي جنسون مشهور آهن، انهن جا نالا آهن: برونگ هنتو (چٻرو)، ڪچنگ تيدور (ستل ٻلي)، جينتار بومي (زلزلو)، وغيره، پينانگ پرسان پلائو باليق نالي هڪ ٻيٽ دورين کان مشهور آهي، جتي جون ڪجهه جنسون هن ريت آهن: انگت انجنگ (غمگين ڪتو)، ناسي ڪنيت (هيڊ وارو ڀت)، تيمباگو (ٽامو پتل)، سموت (اڏوهي)، ڪيپاس (پنکو)، ايتريقدر جو دورين جي هڪ جنس جو نالو Kurap يعني خارش وارو ڪينئون (Ring worm) به آهي. روزاني ڪاوش حيدرآباد تان کنيل
سڄو مضمون پڙهي اهو محسوس ڪيم ته انب ئي ميون جو بادشاهه ميوو آهي۔ باقي هن هن نئين ميوي دورين بابت عجيب ليک لڳو۔ ماڻهن کي شاباس آهي جو اهڙو ڌپ وارو ميوو کائين ٿا۔ خير هر ڪنهن جي پنهنجي پسند آهي پر اهو ميوو منهنجي نظر ۾ ميون جو بادشاهه ٿي نه ٿو سگهي جنهن جي بوء کان ماڻهو ڪوهين ڏور ڀڄي۔