آهي ته چُڪ ننڍڙي، پر...

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    آهي ته چُڪ ننڍڙي، پر...
    جِيڻا = جينا = جيناه = جيناح = جنِاح

    سنڌيءَ ٻولي مٿان جِتي ٻيون هچائون مڙهيون ويون آهن اتي ڪجهه اهي به آهن ته سنڌي جي تاريخي ماڳن، وستين ۽ وڙن سان گڏ خود سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ۽ سندس ذات جو به اچار غلط ڪڍيو وڃي. ڪنهن وسنديءَ جو نالو مٽائڻ ته سڌي سئين زوراوري آهي جيئن ”خانڳڙهه“ کي ”جيڪب آباد“ ڪري ڇڏڻ يا ”نيرون ڪوٽ“ کي ”حيدرآباد“ ڪرڻ وغيره پر نالو بگاڙڻ به خراب آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو بگاڙو ڏاڍو خراب ٿيو وڃي، جيئن ”ڪلهوڙا“ کي ”ڪالوڙا“ سڏڻ يا ”ٺٽو“ کي...
    هڪ ڀيري ڄامشوري ڦاٽڪ وٽ بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هوس منهنجي ڀرسان هڪ ”لئنڊ ڪروزر“ (ڀُون-چيٿي، ڌرتي چٽيندڙ) جيپ اچي بيٺي جنهن ۾ هڪ ٺاهوڪو يورپي مرد ۽ ڪپهه جهڙي يورپياڻي ويٺل هئا. مرد سَٽ ڏئي در کولي، لهي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو، سندس هٿ ۾ نقشو هو ۽ ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هڪ لفظ پويان مون کي رڳو ”ٺاٺا“ ٻڌڻ ۾ آيو. کيس ورجائڻ لاءِ چيم. ورجائيندي ساڳيو ئي ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ چئي ”ٺاٺا“ چيائين ۽ ان سان گڏ نقشي تي هڪ هنڌ آڱر رکيائين. نقشي تي ڏٺم، سندس آڱر Thatta لفظ ڏي اشارو ڪري رهي هئي جنهن جو اچار ٿيندو ”ٿَٽا“ ۽ هُن اچاريو پئي ”ٺاٺا“، جڏهن ته حقيقي لفظ آهي ”ٺٽو“ (جيڪو انگريزي سميت دنيا جي هر ٻولي ۾ سولائيءَ سان اچاري سگهجي ٿو). تڏهن سمجهيم ته اهو ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ لفظ هڪ نه پر ٻه هئا يعني where is ۽ ”ٺاٺا“ جو مطلب هو ”ٺٽو“ يعني ”ٺٽو ڪٿي آهي؟“ ۽ هن سموري ڳالهه جو مطلب هو ته ٺٽي ڪهڙي رستي سان وڃي سگهجي ٿو. مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته هن وري به ”ٺاٺا“ چيو. جيڪڏهن ”ٺٽو“ جي ”ٺ“ بدران ”ٽ“ جو اچار ڪڍي ها، جيئن ڪيترائي ڀڄي-آيل-ڀارتي اچاريندا آهن، ته به مان ڇا ڪري پئي سگهيس!
    جيئن ”ٺٽو“ ڦري ۽ بگڙي ”ٿٽو“، ”ٺٺو“ ”.....“، ”ٿٽا“، ”ٺٺا“ ۽ ”ٺاٺا“ پئي ٿيو آهي تيئن ”موئِن جو ڊارو“، ”ڪوٽڊيجي“، ”لارڪانا“ يا ”لڙڪانا“ ”سَڪر“، ”سِنڌِ(Scindhe) ۽ سِنڊ(Sind) پڻ زبردست ۽ زوريءَ بگڙيل لفظ آهن. (سنڌ بابت لکيل ڪجهه پراڻن انگريزي ۽ جرمن ڪتابن ۾ ”سنڌ“ جو اچار Scindh لکيل آهي جيڪو ٺيڪ آهي.) تازو ئي سرڪاري طور مڃيو ويو آهي ته ”سنڌ“ آئينده Sindِنڊ) نه لکبو پر Sindh (سنڌ) لکيو ويندو. انگريزي ۽ ”قومي“ ٻولي ۾ سنڌي ۽ سنڌين جون ڪيتريون ئي شيون، جيئريون توڙي اجيو، خاص طور جن ۾ ”ٻ“، ”ڄ“، ”ڃ“، ”ڏ“، ”ڳ“، ”ڱ“، ۽ ”ڻ“ اکر آهن اهڙو ته بگاڙيون وڃن ٿيون جو ڪيترن ئي موقعن تي کِل سان گڏ شرم به اچيو وڃي. انهن اچارن ۾ مجبوري سمجهندي اسين کڻي ”ڪوٽڊيجي“، ”راءِ ڊِياچ“، ”ڊاهر“، ”الله ڊنو يا ڊينو“ ”جام“ وغيره تي ماٺ ڪري به وڃون پر سَسِي پُنُو (پُنُون)، عمر مارِي، ”موئن جو ڊارو“ وغيره جيڪي ٺيڪ اچاري سگهجن ٿا، انهن کي ڇو ٿو بگاڙي وڃي؟
    اهو ساڳيو حشر خاص طرح جڏهن ماڻهو جي نالي يا ذات سان ٿئي ٿو تڏهن مورڳو اندر سڙيو وڃي. ”جُنيجو“، ”برڙو“، ”کوڙو“، ”ڀَٽُو“، ”مَگنيجو“ تالپُور وغيره جهڙا بگڙيل اچار ڪنهن جا ٻُڌل ناهن! پر وڏي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جنهن فرد کي اپکيڊ جي مسلمانن جو قائداعظم ۽ پاڪستانين جو حقيقي رهبر سمجهيو وڃي ٿو ان جي ذات کي گذريل پنجاهه سالن کان لاڳيتو بگاڙيو پئي ويو آهي.
    محمد علي جي جنم جاءِ جِهرڪن ۾ سمجهي وڃي يا لياريءَ ۾ پر ان تي ڪوبه اختلاف ناهي ته سندس ذات ”جِيڻا“ هئي جيڪا انگريزي ۾ Jina يا Jinah لکي ويندي هئي جنهن کي اپکنڊ جي غير سنڌي آباديءَ ته بگاڙي ”جينا“، ”جيناهه“، ”جيناح“ يا ”جناح“ چوڻ شروع ڪيو پر جن ٻولين ۾ ”ڻ“ اچاري سگهجي ٿو، جيئن سرائيڪي، پنجابي، هندڪو وغيره انهن ۾ به ”جناح“ ئي سڏجڻ لڳو ۽ حد درجي خراب ڳالهه اها هئي ۽ آهي جو سنڌيءَ ۾ به ”جناح“ چيو، لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. اسان جيڪڏهن ائين ڪندا رهياسون ته پوءِ سوين لفظن جي بگاڙي ۾ پاڻ به شامل هونداسون ۽ اها، بهرحال، سنڌي ٻولي سان هٿچراند آهي، جنهن ۾ اسين پاڻ گڏ رهي ڪورس جي ڪتابن وسيلي پنهنجي ايندڙ نسلن کي به بگڙيل صورت ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون.
    جيئن ”ڀَٽُو“، ”جُنيجو“ ۽ ”جام“ کي ٺيڪ اچارڻ جو جتن ڪندي اڄ ڪلهه ريڊيو ۽ ٽي وي تي غير سنڌي انائونسر به ڀُٽو، جوڻيجو ۽ ڄام چٽو ڪري اچاري سگهن ٿا تيئن جنهن کي ”قوم جو ابو“ سمجهيو وڃي ٿو ان جي ذات پڻ ٺيڪ اچارڻ گهرجي.
    بظاهر ته چڪ ننڍي آهي پر پوءِ به اهڙيون سوين چُڪون گڏجي ٻوليءَ جي مزاج ۽ ميٺاڄ کي بگاڙيو ڇڏين.
    چُڪ ڀلي ننڍي يا ننڍڙي هجي پر ٺيڪ ڇونه ڪئي وڃي؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين بلڪل اوهان سچ پيا فرمايو اهو اسان جو الميو آهي ۔ پر ان کان وڏو الميو اهو پڻ آهي ته هاڻي اهو بگاڙ اسان وٽ فيشن طور استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو ان کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي ۔
    اوهان طرفان ان يادهاني تي اوهان جس لهڻو۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين رياضت ٻرڙو صاحب،اسلام عليڪم ،
    اوهان جي ونڊ تمام وڏي معني ا خيز آهي سچ ته مون لاء ڪافي ساري معلومات نئين آهي۔اسان جون غلطيون تمام وڌي رهيون آهن جيڪي لا علمي جي سبب گهر ڪنديون ٿيون وڃن۔اوهان مهربانن جي جاکوڙ اکيون کولڻ لاء قومي ڪم جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۔مهرباني ڪري ان کي جاري رکو ۔۽ مون جهڙي انڌي جون اکيون بنجو جيئن مان پنهجي بچيل نسل کي تنبيه ۾ ڪجه ڏئي سگهان،۽ پاڻ به ڪٿي ڀٽڪڻ کان بچي وڃان۔
     
  4. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مهرباني سائي
    مهرباني سائين۔ اتساهڻ جا وڏا قرب۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جو اهم مضمون آهي ۔۔۔۔ مون اڳ به ڪٿي لکيو هو ته ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي پر پنهنجي لفظن کي بگاڙن هڪ وڏو غلط ڪم ۽ منهنجي نظر ۾ ڏوهه آهي۔

    رياضت سائين اوهان جا لک ٿورا جو اوهان سنڌ جي ساڃاه وندن جا لکيل ڪارائتا مضمون اسان سان ونڊ ڪندا رهو ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام سهني معلوماتي ونڊ۔۔ سائين پنهنجي ٻولي جي لفظن جي غلط اُچارجڻ ۾ اسان جو پنهنجو به وڏو هٿ آهي، هاڻي پنهنجن ڳوٺن سان لڳندڙ شهري آبادي ۾ جيڪي ڪاروباري دڪان يا هٽ آهن انهن مٿان لڳل لوهين تختين (سائن بورڊ) تي جيڪي نالا اڪريل هوندا اهي وري اردو ۾ لکيل آهن هاڻ اسان جي ٻهراڙين جا ٿورا گهڻا پڙهيل انهن اشتهارن تي لکيل اکرن جو غلط اُچار ورجائي ورجائي پنهنجي ٻولي جي لفظن کي بگاڙي ٿا وجهن۔ هاڻ لفظ آهي ”کٽاڻ” مسئلاَ ۔ ڪنهن به دڪان تي آچار (کٽاڻ) ملندي آهي ته ان تي سنڌي ۾ ئي لکيل هوندو آهي ته” شڪارپوري آچار جو بهترين مرڪز۔ پر ان مٿان ” آچار بدران کٽاڻ” لکيل هجي ته اهو لفظ آساني سان اُچاري سگهجي ٿو۔ ۽ پو ٿيندو ائين جو ايندڙ وقت تائين اهي ڌاريا لفظ اُچاري اُچاري پنهنجا اصلوڪا لفظ ئي وساري ويهندا سين۔۔۔ان سان ملندڙ ڪيترائي مثال اسان جي اوسي پاسي ۾ نظر ايندا آهن۔ ۽ وري اسان جا پنهنجا سنڌي ڀائر جيڪي ٿورڙي پنهنجي ترقي سمجهندي اهڙن لفظن کي ورجائڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن، جئين ڏوڏا۔ ڏوڪا، کارڪون۔۔۔ کي کجور ڪري سڏڻ ئي، ڏاڙهون کي آنار، بيضا، بيدا يا آنا کي انڊا چوندا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو