سنگت کي هٿ ٻڌي هڪ دفعو وري سلام دوستو ڪافي عرصي کان مصروفيت ايتري وڌي آهي جو وڃي ٿيا خير ۔ نوڪري ڪرڻي ٿي پئي رات جو ته ڏينهن جو سج ئي ڪونه ڏسو رڳو ننڊ ئي ننڊ ان ڪري سنڌ سلامت تي به اچڻ گهٽجي ويو آهي۔ اميد ته سنگت معاف ڪندي۔ اڄ جو وري ڦيرو ڪاٽيو ته فورم وڌيڪ ڀلو لڳو۔ جيئن ته پاڻ خبرن جي شعبي سان تعلق پيا رکون ان ڪري سنڌ سلامت تي سوهندڙ اڳ واري خبرن جي پٽي نظر نه آئي۔ جي ڪنهن ٻي جاءِ تي رکيل آهي ته شپ ڪور کي ڏسيو نه ته انتظاميه کي عرض ته اهڙي پٽي سان خبرن جي معلومات سنگت کي ملندي رهندي آهي ان ڪري ٻيهر لڳايو ته هوندر ڀلو۔ والسلام ساٿ سلامت سنڌ سلامت
ههه۔۔۔ ادا اوهان جي ڳالهه واقعي صحيح آهي، جادوگر سائين اچي ته ڪجهه ان باري ۾ ڏس پتو ڏئي ته اها پٽي ڪنهن اغوا ڪئي آهي۔۔۔
ادا مست اوهان بلڪل درست فرمايو پر ڪنهن به دوست هن تحرير تي پنهنجا تاثرات ونڊ نه ڪيا آهن۔۔۔۔ ادا جادوگر ته الائي ڪٿي آهي۔۔۔۔ اگر ڪجهه مزيد دوستن هن تحرير ۾ جواب ڏيڻ يا وري انهي کي شڪايت کي هر هر ياد ڪندا ته ادا جادوگر به اچي ڪڙڪندو۔۔۔۔
وڌيڪ ته جادوگر صاحب ئي ٻڌائيندا پر جادوگر جي جادوگري به اڄڪلهه ايئن ٿي وئي آهي جيئن ڪجهه وقت اڳ آرٽيڪل لکندڙ مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو لکيو هو اڳي جانور موسمن جو اندازو لڳائيندا هئا ته ڇا ٿيڻ وارو آهي۔ پر هاڻي ماحول جي آلودگي سبب نه زلزلي ته ڳوهه ٿي ڦيرا کائي نه وري ڍڳيون هاڻي برسات جي خوشبو سڃاڻي ٿيون ٿر ڏي لوڻا هڻن۔ ڪمپيٽر جي دنيا به ايڏو تيزي سان پئين وڌي ويجهي جو هي يار اڃان مس مس هن اوطاق جا رنگ نون رنگن ۾ رنگي ٿو ته وري ڪجهه نئون اچيو وڃي۔ ۽ ڪامپيٽبلٽي يا مطابقت واري مسئلي سبب ڪجهه شيون چاهيندي به نه ٿيون هلي سگهن۔ بهرحال وري به جادوگر ( ذيشان رشيد ) جو جادو هلي ويو ته اوهان جو ڪم ٿي ويندو۔
ڪافي دوستن هي موضوع ڏٺو آهي مگر جواب صرف هڪ ٻن ڏنو مونکي به هاڻي شڪ ٿو ٿئي ته ڪنهن واقعي نه اغوا ڪئي هجي اها خبرن واري پٽي!
مهرباني ادا حفيظ جن جي جنهن ٽيگ ڪري موضوع طرف ڌيان ڇڪرايو۔۔۔ نه ته مصروفيتن ڪري ڪافي موضوع ڏسڻ کان گسيا وڃن۔۔۔ ادا زاهد سومرو ڳالهه ته ڪم جي ڪئي آهي۔۔۔ ان ڪري ڪوشش ڪبي ته دوستن کي خبرن کان واقف رکجي۔۔۔ پوءِ جيئن به ٿي سگهي نه ته ادا عبدالحفيظ لغاري واري ڪمپيٽبلٽي جو عذر ته آهي ئي۔۔۔