• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيوهڻ واسين جي به ٻڌو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
بين الاقوامي شهرت رکندڙ سيوهڻ شهر ۾ گذريل ٻن هفتن کان بدبودار پاڻيءَ جي سپلائي هجڻ جي ڪري سيوهڻ واسي ڪيتري ئي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن۔ منڇر جي ڇوڙ جي ڪري درياءَ جو پاڻي حد کان وڌيڪ هاڃيڪار ۽ بدبودار ٿي ويو آهي۔
پاڻي اهڙو آهي جنهن کي جانور به پيئڻ ته ڇا پر ڏسڻ به پسند نه ڪن۔ ڏسڻ ۾ ئي ان پاڻيءَ جو رنگ ٻڌائي ٿو ته منڇر جي زهريلي پاڻي جي سپلائي سنئين سڌي سيوهڻ واسين جي پيئڻ لاءِ ڏني پئي وڃي۔ پيئڻ جي پاڻيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو نه هجڻ جي ڪري مجبورن سمورا سيوهڻ واسي پنهنجي اکين تي ۽ نڪ تي هٿ رکي ان بدبودار پاڻي کي پيئڻ جي لاءِ مجبور آهن۔پئسي وارا ماڻهو ته منرل واٽر جون مهانگيون بوتلون وٺي پيئن پيا پر ڏچي ۾ ته غريب ماڻهو آهن جيڪي ٻه وقت جي مانيءَ جي لائي پئسا وڏي جوکي سان ڪمائين ٿا، اهي مهانگو وڪامجندڙ صاف پاڻي ڪٿان آڻين۔​
سيوهڻ جي آس پاس جر جي پاڻيءَ جي لاءِ ايڪڙ ٻيڪڙ هينڊپمپس موجود آهن پر اهو جر جو پاڻي به مختلف اين جي اوز جي سروي مطابق نهايت هاڃيڪار آهي جنهن ۾ 70 سيڪڙو سنکيو موجود آهي، جيڪو انساني صحت جي لاءِ نهايت سنگين وائرس وانگر آهي۔ مضرِ صحت پاڻيءَ جي اچڻ جي ڪري بيمارين ۾ پڻ واڌ ٿي وئي آهي، جوان، بزرگ، عورتون ۽ ٻار مختلف بيمارين جي ڪري اسپتالن ڏانهن رخ ڪن پيا پر اسپتالن ۾ به اهو ئي ڏس ٿو ڏنو وڃي ته بابا پاڻي مٽايو۔۔ پاڻي ته اهڙو اهي جو ان کي اوٻاري پيئڻ سان به ان جو ذائقو نه ٿو مٽجي۔۔
براءِ مهرباني اختيارين کي گذارش آهي ته سيوهڻ واسين جي انهيءَ التجا تي غور ڪري انهن کي صاف سٿري پاڻي جي سپلائي ڪئي وڃي ته جيئن هو مختلف بيمارين کان بچي سگهن۔۔
اسد علي حسيني۔۔۔۔ سيوهڻ​
 
Back
Top