• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خادمِ اعلى جو ٽوپي ڊرامو...

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
بيڪري جو سامان وقت کان اڳ نه ڏيڻ جي ڪري هڪ غريب مسڪين ملازم تي ٿيل تشدد جي وڊيو ڪجهه ڏينهن اڳ سڄي دنيا ڏٺي، پنهنجي عوام جي خدمت جي دعوى ڪندڙ خادمِ اعلى سڏرائيندڙ پنجاب جي وزيراعلى ”شهباز شريف“ جي شريف نياڻي جهڙي انداز سان ان غريب ملازم کي ڌمڪيون ڏنيون پئي، اهو سي سي ٽي وي ڪئميرا جي فوٽيج جي مدد سان سڀني ڏٺو، ان ڌمڪين ڏيڻ جي ڪجهه دير بعد ئي ايليٽ فورس جا پوليس اهلڪار ان غريب ملازم کي وڃي ڪنهن مجرم وانگر کنڀي پهرين ته روڊ تي سرِ عام تشدد ڪن ٿا پوءِ وري ان کي کڻي وڃي ٻيهر تشدد ڪري روڊ تي ڦٽو ڪري ويا۔۔
تشدد ٿيڻ جي هفتي کان پوءِ جڏهن اها ڪئميرا مان ڀريل مووي سوشل نيٽورڪ تي عام ٿي ۽ ٽي وي تي پڻ ڏيکاري وئي ته ٻه ٽي ڏينهن ٺاپر رکڻ کان بعد وزير اعلى جي سيڪيورٽي تي مامور انهن پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جن ان غريب تي تشدد ڪيو، وري به ميڊيا جي شور تي نيٺ وزيراعلى پنهنجي ناٺيءَ کي گرفتار ڪرايو، پر ان ڌيءَ تي گرفتار نه ڪيو ويو، جنهن جي چرچ تي ان غريب ملازم تي تشدد ڪيو ويو۔۔
اهو آهي انصاف جو ڊرامو۔۔
مهرباني ڪري اي خادمِ اعلى پنهنجو ٽوپي ڊرامو بند ڪريو۔۔۔
425956_485799298107086_1335011677_n.jpg
 
Back
Top