سنڌ جي تازي صورتحال : انهن جي نانءُ جيڪي فتوائون ڏين ٿا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انهن جي نانءُ جيڪي فتوائون ڏين ٿا
    سرمد

    صحيح غلط، غدار هيرو، عظيم ڀاڙئي وارن لقب القابن، تعزيرن تبرن جو هڪڙو جهان آهي، جيڪو سنڌ جي هاڻوڪي سرءُ کي اجاڙپڻي کان محفوظ ڪيو ويٺو آهي ۽ بيحد دلچسپ مرحلي مان گذري رهيو آهي. ڪهڙو ڏات ڌڻي، ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ (هڪڙو اهو لفظ جيڪو ٻڌي چڱي حس رکندڙ ماڻهوءَ جو هٿ به پسٽل طرف وڌڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو)، صحافي وغيره ڪنهن ريلي ۾ نه آيو ته معنيٰ اهو پڪ سان غدار ٿيو يا مصلحت پسند.

    (هنن ويچاري تاج جويي کي به بخش نه ڪيو جيڪو پوري عمر سنڌ جي راهه ۾ پنهنجا پير ئي نه پر روح به بار بار زخمي ڪندو رهيو آهي).

    سوشل ميڊيا تي 24 ڪلاڪ ڪوڙ بڪجي رهيو آهي. صحيح غلط، غدار هيرو، عظيم ڀاڙئي جا ٺپا (اسٽيمپ) هر ڪو کنيو هلي. ان سڄي جنگ ۾ هڪڙن جون نياڻيون ست قرآن لهن ته ٻين جي نياڻين لاءِ بازاري هوڪا ڏنا ٿا وڃن ۽ ان جو اثر سنڌ جي بزرگ ۽ ٿڌي مزاج واري وڏي وزير به ايترو ورتو جو هن جيڪو بنا نالي ورتي نياڻين کي نچائڻ وارو جملو حيدرآباد واري جلسي ۾ ڳالهايو ان سڄي جلسي جي روح کي زهرآلود ڪري ڇڏيو. وڏي وزير کي اهو جملو ڳالهائڻ نه گهربو هو. ايئن جيڪي ڪجهه حڪمران جماعت جي وزيرن مشيرن لاءِ ڳالهايو وڃي ٿو اهو به نه ڳالهائڻ کپندو هو، پر اسان جي راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي وٽ ان مامري ۾ ٻٽا معيار آهن. ڪير به ريئلسٽڪ (حقيقي) پوزيشن تي اچڻ لاءِ تيار نه آهي.

    اها اسان جي خواهش آهي ته تڪراري سياهه آرڊيننس خلاف جيڪو به مظاهرو، ريلي يا احتجاج ٿئي ٿو ان ۾ سڄي سنڌ پلٽجي پيل هجي ۽ اسان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ان پروپئگنڊا کي هٿي ڏيندي نظر اچون. ان لاءِ ٻيو وبال جان بڻيل هٿيار ايس ايم ايس آهي. ۽ اها به اسان جي خواهش آهي ته حڪمران جماعت جو هر جلسو سرڪاري سرپرستي هيٺ ڄاڻايو وڃي ۽ ان کي ناڪام جلسي طور ڏٺو وڃي.

    15هين آڪٽوبر واري جلسي بابت سفيد ڪوڙن جو اهڙو ته عاليشان مظاهرو نظر آيو جو ان تي واقعي گوئرنگ گوئبلز به حيران رهجيو وڃن. خواهش هئي ته اهو جلسو ناڪام وڃي ڇو ته سنڌي ماڻهو ڪاري آرڊيننس خلاف هاڻ پ پ کان منهن موڙي چڪا آهن. جڏهن گهڙيال تي بيرحميءَ سان 3 وڳا تڏهن اسان مان جن جي خواهش هئي ته جلسو ناڪام ويندو؛ تن جي خوشيءَ مان دل ڇاتيءَ کان ٻاهر نڪرندي محسوس پئي ٿي، پر پوءِ جلد ڪنهن معجزي جيان قافلن جو رخ اهڙو ڦريو جنهن اسان جي خواهش تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

    ليڪن اسان دل نه لاٿي. سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيل جلسي ۾ جڏهن حيدرآباد جي ويجهي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جلسو عملي شڪل ۾ ٿيندي ڏٺوسين ته پوءِ اسان روايتي نشانبر تي لهي آياسين. اسان کي سرڪاري فنڊ نظر اچي ويا جڏهن ته اهي جلسا جلوس مظاهرا جيڪي اسان جي خواهش پٽاندڙ ٻارهن ماهه جاري رهندا اچن انهن جي فنڊنگ متعلق اسان ڪڏهن به ڪڇيو نه آهي ڇو ته اتي ويندي اسان جا پر سڙڻ لڳن ٿا. اسان کي سرڪاري مشينري ياد آئي، جنهن ان جلسي کي ڪامياب ڪيو هو، اسان کي اهي چڙ وارن چهرن وارا پوليس اهلڪار ياد آيا جيڪي هزارن جي تعداد ۾ جلسي ۾ ويٺل ڏٺا، اسان کي ايم ڪيو ايم جي جلسي ۾ موجودگيءَ جو کٽڪو هو حالانڪه ڪنهن به جلسي ۾ ڪا به لساني شناخت رکندڙ شهري اچي سگهي ٿو.

    اسان جي اٽوٽ خواهش جيڪا جلسي جي ناڪامي جي منتظر هئي اها دم هارائي وئي هئي پر پوءِ به اسان وسان نه گهٽايو. ويندي هڪ ٽي وي چئنل ان قسم جي اسٽوري به ڪرائي ته جلسي ۾ شريڪ ماڻهن مان ڪنهن کي به آرديننس بابت پتو ئي نه هو.... پر ڇا ڪڏهن ان قسم جي اسٽوري به ٿي ته تڪراري آرڊيننس خلاف جيڪو جم غفير رستن تي سراپا احتجاج آهي ان ۾ شريڪ ماڻهن مان ڪيترن کي آرڊيننس جي اي بي سيءَ جو پتو آهي؟ ڪتابن جي مهورت وارين تقريبن ۾ شامل ٿيندڙن جا اهي ڪتاب پڙهيل هوندا آهن، جن لاءِ هو وقت سيڙائي اتي گڏ ٿيندا آهن؟ ٺوس قسم جو اهو ٽرينڊ پ پ جي جلسي لاءِ ضرور هجڻ گهرجي پر ان ٽرينڊ کي ٿورو ٻئي پاسي به لاهڻ گهرجي.

    هڪ ڌر جيڪڏهن اقتداري مصلحت ۾ اچي پنهنجو منهن سياهه ڪيو آهي ته ٻي ڌر محض نفرت ۾ پاڻ سان اهڙو ورتاءُ ڪيو آهي. اسان ان قسم جا ماڻهو به آهيون جو پهرين اهي اديب جيڪي اسان کي ياد به نه هئا جن جو اتو پتو نامعلوم هو انهن جي ايوارڊ واپس ڪرڻ کانپوءِ انهن جي عظمت جو پتو پيو آهي.

    اسان وٽ ڪو سارتر به ڪونهي جنهن نوبل انعام واپس ڪيو هو ۽ سارتر 1964ع ۾ ادب جو نوبل انعام اهو چئي ٺڪرايو هو: ”اديب کي ڪڏهن به پاڻ کي هڪ اداري ۾ تبديل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ نه گهرجي“. اسان وٽ هر اديب هڪڙو ادارو آهي انجمن آهي. اسان وٽ هرڪو پاڻ ۾ هڪ ادارو کنيو هلي. چي، فلاڻو هڪ فرد نه پر ادارو آهي، هو شخص نه پر تحريڪ آهي.

    عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ عظيم ويڙهه وڙهي سگهجي ٿي، پر ان جو طريقو به اهڙو هجڻ گهرجي. هر اها تحريڪ ۽ جدوجهد پنهنجو مقصد ڪيئن حاصل ڪري سگهندي جيڪا اختلاف راءِ جو حق کسي هر ڏينهن هڪ نئين تعزير سان سامهون اچي، جتي پنهنجو قد اوچو ۽ ٻين جو پست نظر اچڻ واري بيماري لڳل هجي اتي عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ وڙهي ويندڙ ويڙهه مشڪريءَ کانسواءِ ڪجهه نه آهي.

    ڇا توهان کي نه ٿو لڳي ته اسان هڪڙي غيرضروري انبوهه ۾ شامل ٿي ويا آهيون جتي پنن کي چري پري سگهڻ ۽ پکين کي گيت ڳائڻ جي اجازت نه هجي. محبت جڏهن لٻاڙ محض رهجي وڃي ۽ دعوائن ۽ فتوائن جي ور چڙهي وڃي تڏهن ان جو روح مري ويندو آهي. حب الوطنيءَ جي بيجا دعويٰ جذبي جي کوکلپڻي جي اظهار ۾ تبديل ٿي ويندي آهي... اسان ان روايت ۾ ڏاڍا خودڪفيل آهيون.

    حيدرآباد واري جلسي جي ڏينهن نسيم نگر چوڪ تي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چوڪ تي حملو انتهائي مذمت جوڳو عمل هو... پر ساڳي وقت ان جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ حسين آباد گدو چوڪ تي پ پ جي ڪئمپ تي حملو به مذمت جوڳو عمل هو. پر اسان مان گهڻن گدو چوڪ واري پ پ ڪئمپ تي حملي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي؟ سياسي عمل ۾ ان قسم جو لاڙو سنڌ جي سياسي ماحول کي ڪٿي وٺي ويندو ڪاش اسان جي راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي کي ان جو احساس هجي. هر شيءِ محض دعويٰ تائين بهتر آهي.

    پيپلزپارٽي جمهوريت جي نالي ۾ ائين فراڊ جو نالو آهي، جيئن سوامي روحاني مسرت ۽ تياڳ جي فلسفي جي نالي ۾ ڪندا آهن. مفاهمت جي نالي ۾ پ پ جو ڪو به سياسي اصول نه رهيو آهي، درست. آرڊيننس جي نالي ۾ هنن رڳو ايم ڪيو ايم کي خوش ڪيو آهي، درست. هر اداري ۾ ڪرپشن جي ڪالي پ پ جي هٿن مان وڏي ٿي آهي، درست.... پر ٿورو سوچيو ڇا مهاڪال ٻئي طرف نه آهي؟ ڇا ٻي هر ڌر بائث مسرت پهلو رکي ٿي؟

    جيڪڏهن متبادل نه آهي ته ڇا پ پ سڀ ڪجهه ڪرڻ جو حق رکي ٿي ۽ ڀيل ڪرڻ جو لائسنس رکي ٿي؟ ڪنهن به صورت ۾ نه. ليڪن انهن کان حساب اهو وٺندو جنهن جو نالو عوام آهي ۽ جنهن جي سهاري هو اقتدار جي منزل تي رسيا آهن. شهادت جو جام نوش تصور ڪرڻ هڪ ڳالهه ۽ ڀوڳڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ پيپلزپارٽي ڪيئي ڀيرا ۽ سندي حد کان وڌيڪ ان جو ذائقو چکيو آهي. ان ڏس ۾ پ پ کي ميار ڏيندڙن کي سو ڀيرا سوچڻ گهرجي.

    ون يونٽ پاڪستان کي ورهايو هو. ڇا تڪراري مڪاني نظام سنڌ کي ورهائيندو؟ هڪ ڳالهه اها ته هي بليڪ آرڊيننس ون يونٽ نه آهي. باقي اهو پ پ کي کائي ڇڏيندو ان ڏس ۾ ايندڙ عام چونڊون هڪ امتحان هونديون. پارٽي زوال کان بچي ٿي يا نه ان جو حساب ڪتاب عوام جي هٿ ۾ آهي نه مٺ ڀريل پارٽين، ميڊيا ۽ راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي ۽ سول سوسائٽيءَ جي هٿن ۾.

    sarmadcolumnist@gmail.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين تمام بهترين ونڊ آهي انيڪ حقيقتون اوهان بيان ڪيون آهن۔ڪافي سوال ذهن کي جنجهوڙين ٿا ۔ڪجه سوال هن ڪچڙي ذهن ۾ رهنمائي گهرن ٿا،
    ڇا تڪراري مڪاني نظام سنڌ کي ورهائيندو؟
    سائين عرض ته ڪن ڌرين کي سنڌ سان ڪو تعلق ئي ڪو نهي انهن پنهجو ڌار وطن جوڙي رکيو آهي جنهن کي عملي جامون پارائڻ لاء هنن جي پرتشدد ۽ فيصلا ڪن سيا ست آخري مرحلن ۾ ڪاهي پئي آهي ،جيڪي پنهجي هر عمل کي پنهجي جدوجهد خاطر استعمال ڪري رهيا آهن ،جنهن ۾ کلي عام حڪومتي مشينري جو استعمال پڻ ڪري رهيا آهن ،ايترو ئي نه بلڪه هنن جي راه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ هو دور ڪري رهيا آهن ،هنن لاء ڪنهن به انسان جو ڪو تقدس باقي ناهي بچيو،فوج ،رينجرس،پوليس تائين هنن جي دسترس آهي اهي سرڪاري هٿياربند هنن جي اشارن جا محتاج آهن ،جيڪي هن وقت مست هاٿي بڻجي هر ڪمزور ڏاڍي کي پنهجي پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن،جن هر حال ۾ پنهجي لاء ڌار وطن جو تصور ڏنو آهي ۽ پنهجي قوم کي مڪمل طرح اعتماد ۾ وٺي دنيا کي ثابت ڪيو آهي ته اسين جداگانه قوم آهيون ۽ اسان کي اسان جا حق ڏنا وڃن۔جن ۾ هنن پنهجي اڪثريت ڄاڻائي آهي،جنهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاء هنن کي مشرف جي فيصلاڪن حڪومت عطا ڪئي ويئي،جن ۾ هنن جو مقصد مختيارڪاري کان نجات هو،جيئن پانهجي ماڻهن کي ڪاغذي و قانوني تحفظ ڏيڻ جو اختيار حاصل ڪرڻ هو،جيڪو هنن ناظمن جي معرفت حاصل ڪيو ،پهرين مرحلي ۾ هنن بائڪاٽ ڪيو جيئن سڄي ملڪ ۾ رائج ٿي وڃي ۽ عام ماڻهو ان نظام جو عادي بنجي وڃي ،ان جي ڪاميابي کان پوء ٻيو دور شروع ڪيو ويو جن ۾ پهرين دور کان ڪافي تبديليون ڪيون ويون ۽ مزيد آسان بنايو ويو ۽ قوت (پاورس) کي آساني سان منتقل ڪيو ويو،جن ۾ خاص طور پهرين نادرا،متعارف ڪرائي ويئي ۽ ان جي حصول لاء گهربل ڊاڪومينٽس ناظم جي حوالي ڪيا ويا۔ناظم جيڪي ٺيٺ سياسي وابستگي جي هيٺ ڇونڊجي آيا،۽ پنهجن علائقن جا بادشاه بنايا ويا۔جن پنهجي پرائي جي فرق کي پنهجي دفتر ۾ ڳڻي ڇڏيو ۽ هر ماڻهوء جي سروي ڪئي ويئي،جن کي هنن پنهجي استعمال ۾ آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ايتري قدر جو شهر ۾ رضاڪارن جو هڪ ٽيم بڻائي چوراهن بزارن ۾ مقرر ڪيا ويا جن کي هر ماڻهوء تي نظر رکڻ جو ڪم ڏنو ويو ۽ پنهجن هٿيار بند ماڻهن کي روڊ رستن کان واقف رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جيئن ڪنهن به ڪاروائي ۾ دير نه ٿئي ۽ ٽارگٽ لازمي حاصل ٿيڻ کپي جي نوعيت کي مد نظر رکندي انهن کي سکيا پڻ ڏني ويئي،۔
    ان سڄي عرصي ۾ مشرف حڪومت هنن سان هر قسم جو سهڪار ڪندي رهي ۽ خاموش تقسيم جي ڪاغذي مرحلي کي حتمي شڪل ڏني ويئي ،مقصد حاصل ٿيڻ کانپوء
    هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت محترمه بينظير صاحبه کي شڪار جي چاري طور استعمال ڪيو ويو،ان سان ڳالهيون ڪري ان کي ملڪ آندو ويو ۽ مخصوص وقت گزرڻ تي مختلف تجربه ڪري آخر هن کي شهيد ڪيو ويو۔پهريون دفعو خاص طور سنڌ ۾ روينيو آفيسن کي باه ڏيئي ساڙيو ويوجنهن کان پوءگاهي به گاهي ٻيا تمام سرڪاري دفترن کي باه ڏني ويئي،هنن جو مشن ڪامياب ويو هنن جا مقصد حاصل ٿيا،هاڻي هنن وٽ ڪاغذي رڪارڊ موجود رهيو جڏهن ته باقي سڄي سنڌ پنهجي انهيءحق کان محروم ڪئي ويئي۔هاني ته ڪنهجو کاتو به سلامت ڪونهي ۽ بقايا ڪم هن ڪرپٽ حڪومت ۾ لاٿا ويا آهن جيڪي اصل جنگ جو سبب تڏهن بڻبا جڏهن ٻني هڪڙن جي کاتا ٻين جا سامهون ايندا۔اهيو حربو وقت اچڻ تي استعمال ڪيو ويندو۔
    مطلب چوڻ جو ته اسان جو هاڻي ڪراچيء تي ڪيترو اختيار آهي،ڇا اسان ڪراچي ۾ هڪ ڪائونسلر جي سيٽ کٽي سگهنداسين؟ ڇا ڪراڇي جو ميئر ڪو سنڌي ٿي سگهندو؟ ڇا ڪراچي هڪ رياست نه ٺاهي ويئي آهي؟ ڇا ڪراچي جو ميئر وزيراعلي ا جا پاور نه ٿو رکي؟
    زوالفقار مرزا جيڪي دانهون ڪيون انهن کي هڪ منصوبي تحت ختم ڪيو ويو۔ڇا ان ۾ ڪنهن کي ڪا به صداقت نظر ڪو نه آئي؟
    لياري ۾ جو ڪجه به ٿيو اهيو ڪنهن به نظر ڪو نه آيو۔
    هن وقت ڪرسين تي سڀ اهي ئي ويٺا آهن جن کي پنهجي پيسن ۽ بئنڪ بيلينس کان وڌيڪ ڪا به دلچسپي ڪونهي انهن جي پنهجي سڃاڻپ ڪا به ڪو نه هئي اهي هميشه محترمه جي ڪري ئي سڃاتا ويندا هئا ۔اڳ به هنن جا اهي ڪم هوندا هئا پر محترمه جي ڊپ کان ڪجه ماڻهن جو خيال رکندا هئا ۔هاڻي ته پڪ هئن ته ڪير به ڪونهي سو عوام کي بيوقوف بڻئيندا رهيا آهن ۽ هن عوام مان يا ڌرتي مان جيڪو فائدو هي وٺي سگهن ٿا سو وٺن پيا۔
    15 تاريخ واري بوکلاهٽ ڏسڻ وٽان هئي جڏهن پنڊال ۾ ٿورو جهڳڙو ٿيو ته ليدرن کي ان مهل ڀٽو ۔۽ شهيد راڻي نظر اچي ويئي۔ جو نعرا هڻائڻ بيهي رهيا۔۽ هنن کي ڪو به شرم نه آيو۔
    هي اهي سياستدان ڪو نه آهن جيڪي ملڪ ۽ قومن جي تقدير جا فيصلا ڪندا آهن هي اهو حرامين جو ٽولو آهي جيڪو فقط دولت خاطر ملڪ تي حڪمران آهي ۽ هن کي قائم رکڻ ۾ دشمنن جا مفاد آهن جن جي ڪري هي اڃا باقي آهن ،جڏهن هنن جي ضرورت ختم ٿيندي پاڻهي هنن کي اصل مقام تائين پهچائيندا۔
    ڳاله جيڪا ووٽن جي آ ،ته ياد رکو اهيو فقط ڊرامون هوندو آهي جي ووٽن جو ايترو قدر هجي هان ته لکين ماڻهن جي احتجاج کي ڪانه ڪا موٽ ضرور ملي هان۔
    ۽ هڪ ڏينهن اليڪشن جو هوندو آهي جنهن ۾ طاقت جو استعمال ۽ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري ماڻهن جي سليڪشن کي بدلايو به ويندو آهي۔ڪيئي بيقاعدگيون پيدا ڪري نتيجه پنهجي مقصد جا حاصل ڪيا ويندا آهن۔جيڪي کوڙ مثال اڳ۾ به موجود آهن ۔جتي انسانن جا حق غضب ڪرڻ لاء ٻٽو قانون موجود هجي ۔ڌرتي ڌڻين کي محڪوم بنائڻ لاء سالن جا سال لاقانونيت بدحالي ۽ بيروزگاري جي باه ۾ اڇلايو ويو هجي ،مختلف ايجنسين جي هٿان حراسان ڪري ڪونڌر ڪهايا ويندا هجن هر ڳوٺ ڳوٺ نگر نگر بدامني جو راڄ قائم ڪيو ويو هجي،سنڌي ماڻهن لاء منشيات عام ڪئي ويئي هجي ۔زڪوات ۽ ڪارڊن جي مد ۾ پينو بنائي لور لور ڪرايو ويندو هجي ۔ڇا هن قوم ۾ ايتري جدت باقي آهي جو انهن جو حل ووٽن جي ذريعي ٿيندو هجي ،
    اصل نتيجه هاڻي وارن چند سالن ۾ ملندا ۔
    جڏهن اسان وٽ پنهجي سڃاڻپ جو ڪو به دستاويز ڪو نه هوندو۔۽ اسين ڪنهن به ڪم جي لائق ڪو نه رهنداسين۔
    ٿي سگهي ٿو منهجي ذهن ۾ اڀرندڙ اهي سوال غلط هجن اوهان جي رهنمائي ۾ ڪجه ضرور ميسر ٿيندو



     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عتيق الرحمان صاحب سلام

    اوهان جا خيال، اوهان جا احساس اوهان جا سوال ۔۔۔۔ اوهان جي اندر جي ماجرا سچ اسان سڀني جي ساڳي حالت آهي۔هاڻي نه ڀٽو رهيو آهي نه محترمه بينظير رهي آهي، هوڏانهن نه سائين جي ايم سيد آهي نه ئي وري ڪي اصول آهن۔ هر هنڌ پيٽ پرست پيا گهمن ۔۔۔۔ الائي ڇو هنن حآلتن ۾ مونکي اياز جن سٽون ياد پيون اچن :

    هي ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي
    هي ڪارو چوٽو پانڊي جو
    مون لاء ٻنهي ۾ ڦير نه ڪو ۔۔۔۔

    پوء به مايوسي ڪفر آهي، اميد جو دامن ناهي ڇڏيو ، اچو ته علم جي واٽ سان سنڌ کي سنواريون، علم ئي اسان کي اهڙين حالتن مان پار وٺي هلندو۔
     
  4. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين بلڪل علم جي طاقت سان گهڻو ڪجه ڪري سگهون ٿا۔پر ظالم لاء ته ڪو طريقو هجي ۔اسان هر ڪوشش لاء تيار آهيون ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو