انهن جي نانءُ جيڪي فتوائون ڏين ٿا
سرمد
صحيح غلط، غدار هيرو، عظيم ڀاڙئي وارن لقب القابن، تعزيرن تبرن جو هڪڙو جهان آهي، جيڪو سنڌ جي هاڻوڪي سرءُ کي اجاڙپڻي کان محفوظ ڪيو ويٺو آهي ۽ بيحد دلچسپ مرحلي مان گذري رهيو آهي. ڪهڙو ڏات ڌڻي، ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ (هڪڙو اهو لفظ جيڪو ٻڌي چڱي حس رکندڙ ماڻهوءَ جو هٿ به پسٽل طرف وڌڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو)، صحافي وغيره ڪنهن ريلي ۾ نه آيو ته معنيٰ اهو پڪ سان غدار ٿيو يا مصلحت پسند.
(هنن ويچاري تاج جويي کي به بخش نه ڪيو جيڪو پوري عمر سنڌ جي راهه ۾ پنهنجا پير ئي نه پر روح به بار بار زخمي ڪندو رهيو آهي).
سوشل ميڊيا تي 24 ڪلاڪ ڪوڙ بڪجي رهيو آهي. صحيح غلط، غدار هيرو، عظيم ڀاڙئي جا ٺپا (اسٽيمپ) هر ڪو کنيو هلي. ان سڄي جنگ ۾ هڪڙن جون نياڻيون ست قرآن لهن ته ٻين جي نياڻين لاءِ بازاري هوڪا ڏنا ٿا وڃن ۽ ان جو اثر سنڌ جي بزرگ ۽ ٿڌي مزاج واري وڏي وزير به ايترو ورتو جو هن جيڪو بنا نالي ورتي نياڻين کي نچائڻ وارو جملو حيدرآباد واري جلسي ۾ ڳالهايو ان سڄي جلسي جي روح کي زهرآلود ڪري ڇڏيو. وڏي وزير کي اهو جملو ڳالهائڻ نه گهربو هو. ايئن جيڪي ڪجهه حڪمران جماعت جي وزيرن مشيرن لاءِ ڳالهايو وڃي ٿو اهو به نه ڳالهائڻ کپندو هو، پر اسان جي راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي وٽ ان مامري ۾ ٻٽا معيار آهن. ڪير به ريئلسٽڪ (حقيقي) پوزيشن تي اچڻ لاءِ تيار نه آهي.
اها اسان جي خواهش آهي ته تڪراري سياهه آرڊيننس خلاف جيڪو به مظاهرو، ريلي يا احتجاج ٿئي ٿو ان ۾ سڄي سنڌ پلٽجي پيل هجي ۽ اسان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ان پروپئگنڊا کي هٿي ڏيندي نظر اچون. ان لاءِ ٻيو وبال جان بڻيل هٿيار ايس ايم ايس آهي. ۽ اها به اسان جي خواهش آهي ته حڪمران جماعت جو هر جلسو سرڪاري سرپرستي هيٺ ڄاڻايو وڃي ۽ ان کي ناڪام جلسي طور ڏٺو وڃي.
15هين آڪٽوبر واري جلسي بابت سفيد ڪوڙن جو اهڙو ته عاليشان مظاهرو نظر آيو جو ان تي واقعي گوئرنگ گوئبلز به حيران رهجيو وڃن. خواهش هئي ته اهو جلسو ناڪام وڃي ڇو ته سنڌي ماڻهو ڪاري آرڊيننس خلاف هاڻ پ پ کان منهن موڙي چڪا آهن. جڏهن گهڙيال تي بيرحميءَ سان 3 وڳا تڏهن اسان مان جن جي خواهش هئي ته جلسو ناڪام ويندو؛ تن جي خوشيءَ مان دل ڇاتيءَ کان ٻاهر نڪرندي محسوس پئي ٿي، پر پوءِ جلد ڪنهن معجزي جيان قافلن جو رخ اهڙو ڦريو جنهن اسان جي خواهش تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
ليڪن اسان دل نه لاٿي. سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيل جلسي ۾ جڏهن حيدرآباد جي ويجهي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جلسو عملي شڪل ۾ ٿيندي ڏٺوسين ته پوءِ اسان روايتي نشانبر تي لهي آياسين. اسان کي سرڪاري فنڊ نظر اچي ويا جڏهن ته اهي جلسا جلوس مظاهرا جيڪي اسان جي خواهش پٽاندڙ ٻارهن ماهه جاري رهندا اچن انهن جي فنڊنگ متعلق اسان ڪڏهن به ڪڇيو نه آهي ڇو ته اتي ويندي اسان جا پر سڙڻ لڳن ٿا. اسان کي سرڪاري مشينري ياد آئي، جنهن ان جلسي کي ڪامياب ڪيو هو، اسان کي اهي چڙ وارن چهرن وارا پوليس اهلڪار ياد آيا جيڪي هزارن جي تعداد ۾ جلسي ۾ ويٺل ڏٺا، اسان کي ايم ڪيو ايم جي جلسي ۾ موجودگيءَ جو کٽڪو هو حالانڪه ڪنهن به جلسي ۾ ڪا به لساني شناخت رکندڙ شهري اچي سگهي ٿو.
اسان جي اٽوٽ خواهش جيڪا جلسي جي ناڪامي جي منتظر هئي اها دم هارائي وئي هئي پر پوءِ به اسان وسان نه گهٽايو. ويندي هڪ ٽي وي چئنل ان قسم جي اسٽوري به ڪرائي ته جلسي ۾ شريڪ ماڻهن مان ڪنهن کي به آرديننس بابت پتو ئي نه هو.... پر ڇا ڪڏهن ان قسم جي اسٽوري به ٿي ته تڪراري آرڊيننس خلاف جيڪو جم غفير رستن تي سراپا احتجاج آهي ان ۾ شريڪ ماڻهن مان ڪيترن کي آرڊيننس جي اي بي سيءَ جو پتو آهي؟ ڪتابن جي مهورت وارين تقريبن ۾ شامل ٿيندڙن جا اهي ڪتاب پڙهيل هوندا آهن، جن لاءِ هو وقت سيڙائي اتي گڏ ٿيندا آهن؟ ٺوس قسم جو اهو ٽرينڊ پ پ جي جلسي لاءِ ضرور هجڻ گهرجي پر ان ٽرينڊ کي ٿورو ٻئي پاسي به لاهڻ گهرجي.
هڪ ڌر جيڪڏهن اقتداري مصلحت ۾ اچي پنهنجو منهن سياهه ڪيو آهي ته ٻي ڌر محض نفرت ۾ پاڻ سان اهڙو ورتاءُ ڪيو آهي. اسان ان قسم جا ماڻهو به آهيون جو پهرين اهي اديب جيڪي اسان کي ياد به نه هئا جن جو اتو پتو نامعلوم هو انهن جي ايوارڊ واپس ڪرڻ کانپوءِ انهن جي عظمت جو پتو پيو آهي.
اسان وٽ ڪو سارتر به ڪونهي جنهن نوبل انعام واپس ڪيو هو ۽ سارتر 1964ع ۾ ادب جو نوبل انعام اهو چئي ٺڪرايو هو: ”اديب کي ڪڏهن به پاڻ کي هڪ اداري ۾ تبديل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ نه گهرجي“. اسان وٽ هر اديب هڪڙو ادارو آهي انجمن آهي. اسان وٽ هرڪو پاڻ ۾ هڪ ادارو کنيو هلي. چي، فلاڻو هڪ فرد نه پر ادارو آهي، هو شخص نه پر تحريڪ آهي.
عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ عظيم ويڙهه وڙهي سگهجي ٿي، پر ان جو طريقو به اهڙو هجڻ گهرجي. هر اها تحريڪ ۽ جدوجهد پنهنجو مقصد ڪيئن حاصل ڪري سگهندي جيڪا اختلاف راءِ جو حق کسي هر ڏينهن هڪ نئين تعزير سان سامهون اچي، جتي پنهنجو قد اوچو ۽ ٻين جو پست نظر اچڻ واري بيماري لڳل هجي اتي عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ وڙهي ويندڙ ويڙهه مشڪريءَ کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
ڇا توهان کي نه ٿو لڳي ته اسان هڪڙي غيرضروري انبوهه ۾ شامل ٿي ويا آهيون جتي پنن کي چري پري سگهڻ ۽ پکين کي گيت ڳائڻ جي اجازت نه هجي. محبت جڏهن لٻاڙ محض رهجي وڃي ۽ دعوائن ۽ فتوائن جي ور چڙهي وڃي تڏهن ان جو روح مري ويندو آهي. حب الوطنيءَ جي بيجا دعويٰ جذبي جي کوکلپڻي جي اظهار ۾ تبديل ٿي ويندي آهي... اسان ان روايت ۾ ڏاڍا خودڪفيل آهيون.
حيدرآباد واري جلسي جي ڏينهن نسيم نگر چوڪ تي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چوڪ تي حملو انتهائي مذمت جوڳو عمل هو... پر ساڳي وقت ان جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ حسين آباد گدو چوڪ تي پ پ جي ڪئمپ تي حملو به مذمت جوڳو عمل هو. پر اسان مان گهڻن گدو چوڪ واري پ پ ڪئمپ تي حملي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي؟ سياسي عمل ۾ ان قسم جو لاڙو سنڌ جي سياسي ماحول کي ڪٿي وٺي ويندو ڪاش اسان جي راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي کي ان جو احساس هجي. هر شيءِ محض دعويٰ تائين بهتر آهي.
پيپلزپارٽي جمهوريت جي نالي ۾ ائين فراڊ جو نالو آهي، جيئن سوامي روحاني مسرت ۽ تياڳ جي فلسفي جي نالي ۾ ڪندا آهن. مفاهمت جي نالي ۾ پ پ جو ڪو به سياسي اصول نه رهيو آهي، درست. آرڊيننس جي نالي ۾ هنن رڳو ايم ڪيو ايم کي خوش ڪيو آهي، درست. هر اداري ۾ ڪرپشن جي ڪالي پ پ جي هٿن مان وڏي ٿي آهي، درست.... پر ٿورو سوچيو ڇا مهاڪال ٻئي طرف نه آهي؟ ڇا ٻي هر ڌر بائث مسرت پهلو رکي ٿي؟
جيڪڏهن متبادل نه آهي ته ڇا پ پ سڀ ڪجهه ڪرڻ جو حق رکي ٿي ۽ ڀيل ڪرڻ جو لائسنس رکي ٿي؟ ڪنهن به صورت ۾ نه. ليڪن انهن کان حساب اهو وٺندو جنهن جو نالو عوام آهي ۽ جنهن جي سهاري هو اقتدار جي منزل تي رسيا آهن. شهادت جو جام نوش تصور ڪرڻ هڪ ڳالهه ۽ ڀوڳڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ پيپلزپارٽي ڪيئي ڀيرا ۽ سندي حد کان وڌيڪ ان جو ذائقو چکيو آهي. ان ڏس ۾ پ پ کي ميار ڏيندڙن کي سو ڀيرا سوچڻ گهرجي.
ون يونٽ پاڪستان کي ورهايو هو. ڇا تڪراري مڪاني نظام سنڌ کي ورهائيندو؟ هڪ ڳالهه اها ته هي بليڪ آرڊيننس ون يونٽ نه آهي. باقي اهو پ پ کي کائي ڇڏيندو ان ڏس ۾ ايندڙ عام چونڊون هڪ امتحان هونديون. پارٽي زوال کان بچي ٿي يا نه ان جو حساب ڪتاب عوام جي هٿ ۾ آهي نه مٺ ڀريل پارٽين، ميڊيا ۽ راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي ۽ سول سوسائٽيءَ جي هٿن ۾.
sarmadcolumnist@gmail.com