سائين عرض ته ڪن ڌرين کي سنڌ سان ڪو تعلق ئي ڪو نهي انهن پنهجو ڌار وطن جوڙي رکيو آهي جنهن کي عملي جامون پارائڻ لاء هنن جي پرتشدد ۽ فيصلا ڪن سيا ست آخري مرحلن ۾ ڪاهي پئي آهي ،جيڪي پنهجي هر عمل کي پنهجي جدوجهد خاطر استعمال ڪري رهيا آهن ،جنهن ۾ کلي عام حڪومتي مشينري جو استعمال پڻ ڪري رهيا آهن ،ايترو ئي نه بلڪه هنن جي راه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ هو دور ڪري رهيا آهن ،هنن لاء ڪنهن به انسان جو ڪو تقدس باقي ناهي بچيو،فوج ،رينجرس،پوليس تائين هنن جي دسترس آهي اهي سرڪاري هٿياربند هنن جي اشارن جا محتاج آهن ،جيڪي هن وقت مست هاٿي بڻجي هر ڪمزور ڏاڍي کي پنهجي پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن،جن هر حال ۾ پنهجي لاء ڌار وطن جو تصور ڏنو آهي ۽ پنهجي قوم کي مڪمل طرح اعتماد ۾ وٺي دنيا کي ثابت ڪيو آهي ته اسين جداگانه قوم آهيون ۽ اسان کي اسان جا حق ڏنا وڃن۔جن ۾ هنن پنهجي اڪثريت ڄاڻائي آهي،جنهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاء هنن کي مشرف جي فيصلاڪن حڪومت عطا ڪئي ويئي،جن ۾ هنن جو مقصد مختيارڪاري کان نجات هو،جيئن پانهجي ماڻهن کي ڪاغذي و قانوني تحفظ ڏيڻ جو اختيار حاصل ڪرڻ هو،جيڪو هنن ناظمن جي معرفت حاصل ڪيو ،پهرين مرحلي ۾ هنن بائڪاٽ ڪيو جيئن سڄي ملڪ ۾ رائج ٿي وڃي ۽ عام ماڻهو ان نظام جو عادي بنجي وڃي ،ان جي ڪاميابي کان پوء ٻيو دور شروع ڪيو ويو جن ۾ پهرين دور کان ڪافي تبديليون ڪيون ويون ۽ مزيد آسان بنايو ويو ۽ قوت (پاورس) کي آساني سان منتقل ڪيو ويو،جن ۾ خاص طور پهرين نادرا،متعارف ڪرائي ويئي ۽ ان جي حصول لاء گهربل ڊاڪومينٽس ناظم جي حوالي ڪيا ويا۔ناظم جيڪي ٺيٺ سياسي وابستگي جي هيٺ ڇونڊجي آيا،۽ پنهجن علائقن جا بادشاه بنايا ويا۔جن پنهجي پرائي جي فرق کي پنهجي دفتر ۾ ڳڻي ڇڏيو ۽ هر ماڻهوء جي سروي ڪئي ويئي،جن کي هنن پنهجي استعمال ۾ آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ايتري قدر جو شهر ۾ رضاڪارن جو هڪ ٽيم بڻائي چوراهن بزارن ۾ مقرر ڪيا ويا جن کي هر ماڻهوء تي نظر رکڻ جو ڪم ڏنو ويو ۽ پنهجن هٿيار بند ماڻهن کي روڊ رستن کان واقف رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جيئن ڪنهن به ڪاروائي ۾ دير نه ٿئي ۽ ٽارگٽ لازمي حاصل ٿيڻ کپي جي نوعيت کي مد نظر رکندي انهن کي سکيا پڻ ڏني ويئي،۔ ان سڄي عرصي ۾ مشرف حڪومت هنن سان هر قسم جو سهڪار ڪندي رهي ۽ خاموش تقسيم جي ڪاغذي مرحلي کي حتمي شڪل ڏني ويئي ،مقصد حاصل ٿيڻ کانپوء هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت محترمه بينظير صاحبه کي شڪار جي چاري طور استعمال ڪيو ويو،ان سان ڳالهيون ڪري ان کي ملڪ آندو ويو ۽ مخصوص وقت گزرڻ تي مختلف تجربه ڪري آخر هن کي شهيد ڪيو ويو۔پهريون دفعو خاص طور سنڌ ۾ روينيو آفيسن کي باه ڏيئي ساڙيو ويوجنهن کان پوءگاهي به گاهي ٻيا تمام سرڪاري دفترن کي باه ڏني ويئي،هنن جو مشن ڪامياب ويو هنن جا مقصد حاصل ٿيا،هاڻي هنن وٽ ڪاغذي رڪارڊ موجود رهيو جڏهن ته باقي سڄي سنڌ پنهجي انهيءحق کان محروم ڪئي ويئي۔هاني ته ڪنهجو کاتو به سلامت ڪونهي ۽ بقايا ڪم هن ڪرپٽ حڪومت ۾ لاٿا ويا آهن جيڪي اصل جنگ جو سبب تڏهن بڻبا جڏهن ٻني هڪڙن جي کاتا ٻين جا سامهون ايندا۔اهيو حربو وقت اچڻ تي استعمال ڪيو ويندو۔ مطلب چوڻ جو ته اسان جو هاڻي ڪراچيء تي ڪيترو اختيار آهي،ڇا اسان ڪراچي ۾ هڪ ڪائونسلر جي سيٽ کٽي سگهنداسين؟ ڇا ڪراڇي جو ميئر ڪو سنڌي ٿي سگهندو؟ ڇا ڪراچي هڪ رياست نه ٺاهي ويئي آهي؟ ڇا ڪراچي جو ميئر وزيراعلي ا جا پاور نه ٿو رکي؟ زوالفقار مرزا جيڪي دانهون ڪيون انهن کي هڪ منصوبي تحت ختم ڪيو ويو۔ڇا ان ۾ ڪنهن کي ڪا به صداقت نظر ڪو نه آئي؟ لياري ۾ جو ڪجه به ٿيو اهيو ڪنهن به نظر ڪو نه آيو۔ هن وقت ڪرسين تي سڀ اهي ئي ويٺا آهن جن کي پنهجي پيسن ۽ بئنڪ بيلينس کان وڌيڪ ڪا به دلچسپي ڪونهي انهن جي پنهجي سڃاڻپ ڪا به ڪو نه هئي اهي هميشه محترمه جي ڪري ئي سڃاتا ويندا هئا ۔اڳ به هنن جا اهي ڪم هوندا هئا پر محترمه جي ڊپ کان ڪجه ماڻهن جو خيال رکندا هئا ۔هاڻي ته پڪ هئن ته ڪير به ڪونهي سو عوام کي بيوقوف بڻئيندا رهيا آهن ۽ هن عوام مان يا ڌرتي مان جيڪو فائدو هي وٺي سگهن ٿا سو وٺن پيا۔ 15 تاريخ واري بوکلاهٽ ڏسڻ وٽان هئي جڏهن پنڊال ۾ ٿورو جهڳڙو ٿيو ته ليدرن کي ان مهل ڀٽو ۔۽ شهيد راڻي نظر اچي ويئي۔ جو نعرا هڻائڻ بيهي رهيا۔۽ هنن کي ڪو به شرم نه آيو۔ هي اهي سياستدان ڪو نه آهن جيڪي ملڪ ۽ قومن جي تقدير جا فيصلا ڪندا آهن هي اهو حرامين جو ٽولو آهي جيڪو فقط دولت خاطر ملڪ تي حڪمران آهي ۽ هن کي قائم رکڻ ۾ دشمنن جا مفاد آهن جن جي ڪري هي اڃا باقي آهن ،جڏهن هنن جي ضرورت ختم ٿيندي پاڻهي هنن کي اصل مقام تائين پهچائيندا۔ ڳاله جيڪا ووٽن جي آ ،ته ياد رکو اهيو فقط ڊرامون هوندو آهي جي ووٽن جو ايترو قدر هجي هان ته لکين ماڻهن جي احتجاج کي ڪانه ڪا موٽ ضرور ملي هان۔ ۽ هڪ ڏينهن اليڪشن جو هوندو آهي جنهن ۾ طاقت جو استعمال ۽ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري ماڻهن جي سليڪشن کي بدلايو به ويندو آهي۔ڪيئي بيقاعدگيون پيدا ڪري نتيجه پنهجي مقصد جا حاصل ڪيا ويندا آهن۔جيڪي کوڙ مثال اڳ۾ به موجود آهن ۔جتي انسانن جا حق غضب ڪرڻ لاء ٻٽو قانون موجود هجي ۔ڌرتي ڌڻين کي محڪوم بنائڻ لاء سالن جا سال لاقانونيت بدحالي ۽ بيروزگاري جي باه ۾ اڇلايو ويو هجي ،مختلف ايجنسين جي هٿان حراسان ڪري ڪونڌر ڪهايا ويندا هجن هر ڳوٺ ڳوٺ نگر نگر بدامني جو راڄ قائم ڪيو ويو هجي،سنڌي ماڻهن لاء منشيات عام ڪئي ويئي هجي ۔زڪوات ۽ ڪارڊن جي مد ۾ پينو بنائي لور لور ڪرايو ويندو هجي ۔ڇا هن قوم ۾ ايتري جدت باقي آهي جو انهن جو حل ووٽن جي ذريعي ٿيندو هجي؟ ، اصل نتيجه هاڻي وارن چند سالن ۾ ملندا ۔ جڏهن اسان وٽ پنهجي سڃاڻپ جو ڪو به دستاويز ڪو نه هوندو۔۽ اسين ڪنهن به ڪم جي لائق ڪو نه رهنداسين۔ ٿي سگهي ٿو منهجي ذهن ۾ اڀرندڙ اهي سوال غلط هجن اوهان جي رهنمائي ۾ ڪجه ضرور ميسر ٿيندو
اوهانجي هورا کورا پنهنجي جا تي اصل ۽ حًقيقت آهي ۔۔۔۔ هڪ ماڻهون ٻي کان پڇيو ته نالو ڇا اٿي ته ٻي همراه جواب ڏنو ۔۔۔” بچو“ پهرين سوال ڪيو ته ڪم ڪهڙو ڪندو آهين ته ٻي همراه جواب ڏنو ته ” نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهندو آهيان“ پهرين همراه واراڻيو ته پو تون به نه ” بچين“ اسين اصل ۾ نانگن کي کير پيئاري انهن کي مست ڪري وري انهن جي ٻرن ۾ ويٺا هٿ وجهون ۔۔۔۔ جمهوريت جي آڙ ۾ اسان وارا ڀوتار جيڪي ووٽ وٺي مٿي اچن ٿا سي کائي مست ٿي، نانگ وارو زهر ڀري ويٺا آهن ۔۔۔ مون پڪ سڃاتا پنهنجا هيا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ۔۔۔ دنيا جي ٻين قومن جو مٿيون طبقو ۽ جاگيردار طبقو به ظالم آهي پر پو به حب الوطني سبب هو پنهنجين قومن کي جدت ڏانهن وٺي وڃن ٿا ۔۔۔۔ هي همراه ته اصل جدت ته ٺهيو پر ٻلي جي فطرت وارا ٿي پيا آهن ته عوام انڌو هجو ته هو سڀ ڪجهه کائي وڃن ۔۔۔ نه گهٽ آهي گهوٽ ۾ نه ڪمي آهي ڪنوار ۾ ۔۔۔۔ اهي مٿئين طبقي وارا ته نالائق ۽ ڏوهاري آهن ئي آهن پر اسان وار حب الوطن سڏائيندڙ ۾ به اصل اک ۾ ڪاٺي ۔۔۔ نشئي، ڀتي خور، ظالم ۽ چور ٿي پيا آهن، جن لئه مئاس سي ڪانڌي به ڪون ٿيا ۔۔۔۔ ۽ جي ڪو مت جو موڙهو سچ ٿو چوي ته انکي اهڙيون ته ڌمڪيون ٿا ڏين جو مسڪين سچ چوڻ ته پري رهيو، ملڪ مان ٽپڙ ئي کنيون هليو ٿو وڃي ۔۔۔ مطلب ته مجموعي قومي حالت اهڙي ته گنڀير ٿي پئي آهي جوجلد ان حالت مان نه نڪتاسون ته تباهي جيڪا شروع ٿي آهي سا هڻي وڃي هنڌ ڪندي ۔۔۔ هٿ مٿي آهن، اکين مان ڳوڙها سڪي ويا آهن ۔۔۔ الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
هر وڏو انگ ٻڙيءَ کان شروع ٿيندو آهي ۔ڇو نه وڏي انگ کي ٻڙيءَ کان شروع ڪيون يقين آ ته انگ وڌندو ويندو۔هر مزاج جو ساٿي شامل ٿي پنهجو ڪم ڪري سگهي ٿو،علم وارو پنهجي علم سان،اصلاح وارو پنهجي اصلاح سان،همٿ وارو پنهجي همٿ سان،بهادر پنهجي بهادريءَ سان جنگجو پنهجي جنگ سان۔بس ڳانڍاپو لازمي هجي هڪ ٻئي سان رابطو هر گهڙيء جو پاڻ ۾ هجڻ کپي ،محبت ايڪي جو درس ڏيندا ،پنهجي ربَّ پنهجي امام جي پوئلڳي ڪندي پنهجي ڌرتي ماتا تان گهور ٿيندي،صبر سان حوصلي سان بردباريء سان وقت جي جابرن سان وڙهڻ جي تياري ڪجي ۽ انقريب الله جي مدد سان ظالمن کي شڪست ڏجي۔ ڪاش جيڪر ائين ٿي سگهي!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
سائين عتيق الرحمان صاحب سلام اوهان جا خيال، اوهان جا احساس اوهان جا سوال ۔۔۔۔ اوهان جي اندر جي ماجرا سچ اسان سڀني جي ساڳي حالت آهي۔هاڻي نه ڀٽو رهيو آهي نه محترمه بينظير رهي آهي، هوڏانهن نه سائين جي ايم سيد آهي نه ئي وري ڪي اصول آهن۔ هر هنڌ پيٽ پرست پيا گهمن ۔۔۔۔ الائي ڇو هنن حآلتن ۾ مونکي اياز جن سٽون ياد پيون اچن : هي ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي هي ڪارو چوٽو پانڊي جو مون لاء ٻنهي ۾ ڦير نه ڪو ۔۔۔۔ پوء به مايوسي ڪفر آهي، اميد جو دامن ناهي ڇڏيو ، اچو ته علم جي واٽ سان سنڌ کي سنواريون، علم ئي اسان کي اهڙين حالتن مان پار وٺي هلندو۔