سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
سينيئر رڪن
مُرڪڻ تنهنجو مرهمن وانگر
اندر منهنجو زخمن وانگر
من جي هن ڪشڪول لاءِ مٺڙا
پيار تنهنجا هن پدمن وانگر
توکان ڇڄندي مون جو کليو هو
سمجهين ها هو سڏڪن وانگر
هتان وڃي پوءِ پڇين ته ها تون
ڪير رنو ٿي ٻارن وانگر
توکان پوءِ جي مينهن وٺا سي
مونکي لڳا سي لڙڪن وانگر
توکان پوءِ هي شهر سمورا
بنجي ويا آهن کنڊرن وانگر
منهنجي قابل ناهين خادم
لفظ لڳا سي پٿرن وانگر
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي