جسقم چيرمين جو ملير جي ڳوٺن دو دورو

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويد جوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2009۔

  1. جاويد جوکيو

    جاويد جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    asul matt

    جسقم چيرمين بشير خان قريشي جو ملير جي ڳوٺن جودورو ۽ درساڻو ڇنو ۾ عوامي جلسي کي خطاب رپورٽ جاويد جوکيو
    سنڌ هڪ آزاد ملڪ هُيو، سنڌي هڪ تاريخي قوم آهن ۽ هيءَ تاريخي قوم پنهنجي والاريل ديس جي اصلوڪي آزاد حيثيت واري گهُر ڪري ٿي، ۽اهو مطالبو دنيا آڏو وزنائتي انداز ۾ ورجائڻ ۽ واضح ڪرڻ لاءِ ست نومبر تي سنڌي قوم کي هڪ جاءِ ۽ يڪ آواز ڪرڻ جي سلسلي ۾ جسقم چيرمين بشير خان قريشي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر سرڪي گذريل ڏينهن ملير جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن جو تفصيلي دورو ڪيو جن ۾ حاجي شيدي خان جوکيو ڳوٺ، مارو خاصخيلي ڳوٺ، در محمد بلوچ، ڄام مهر علي جوکيو، علي نواز جوکيو، رضا محمد جوکيو، سميت درساڻو ڇنو ،ميمڻ ڳوٺ، سومار ڪنڊاڻي ۽ کوکرا پار جي علائقن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ درساڻو ڇنو ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب لاءِ پهتا تـ سوين ماڻهن پاران جسقم جي قافلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي ويئي سچو ديشي پڪو ديشي بشير قريشي ۽ اهڙن ٻين قومي نعرن جي گونج ۾ بشير خان ۽ سندس قافلي کي پنڊال ۾ آڻي ويهاريو ويو. انهي عوامي جلسي کي پُر وقار بنائڻ لاءِ جسقم يونٽ درساڻو ڇنو جي صدر جاويد جوکيو، مشفق سنڌي،جهڙن نوجوانن جي محنت جو نتيجو هُيو جو درساڻو ڇنو جي سڄي بازار ڳاڙهن جهنڊن ۽ بينرن سان سجهايل هئي ۽ سندن اپيل جي اثر ۾ تمام هوٽلون ، دوڪانن، ۽ ٻيا ڪاروبار جسقم جي قافلي پهچڻ تي بند ٿي ويا ۽ ماڻهن جو بي پناه هجوم گڏ هيو. ماڻهن کي چٽاين ۽ درين تي ويٺل ڏسي بشير خان قريشي پاڻ مرادو صوفن تان لهي ماڻهن آڏو چٽاين تي ويٺو تـ ٻيا دوست بـ صوفن ۽ ڪرسين تان لهي هيٺ ويهي رهيا اسٽيج سيڪريٽري پروگرام جي باقائده شروعات لطيف سائين جي هن بيت
    ڪاري ڪڪر هيٺ مون جهيڙيندي ڇڏيا
    ڪارا ڪُنداق هٿن ۾ تڙول هيٺ
    ٿي تني سان ڏيٺ موٽڻ ڄڻ مهڻو
    سان ڪندي اڳوڻي ناظم۽ علائقي جي معتبر شخصيت امداد جوکيو کي آجياڻي تقرير لاءِ سڏ ڪيو امداد جوکيو جسقم جي قافلي کي درساڻو ڇنو اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو تـ جسقم جي جهدوجهد جس لهڻي آ . اسان ۽ بشير خان وارن اڳ بـ ڌارين جي آباد ڪاري خلاف گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ اڳتي بـ اسين ساڻن ٻانهن ٻيلي رهنداسين ۽ هن يقين ڏياريو تـ ملير واسي ست نومبر تي سڄي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ ڪراچي ۾ گڏ هونداسين آجياڻي تقرير کانپوءِ اسٽيج سيڪريٽري جاويد جوکيو جي گذارش تي امداد علي جوکيو، بشر خان قريشي کي اجرڪ اوڍائي، يوسي درساڻو ڇنو جي ناظم مجاهد احمد جوکيو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر سرڪي کي اجرڪ اوڍائي ۽ ٻين ڪيترن ئي درساڻو ڇنو واسين پاران وڏي تعداد ۾ اڳواڻن کي اجرڪون اوڍائڻ جي ڪري اهو سلسلو ڪافي دير تائين هلندو رهيو .جن ۾ محمد اسلم جوکيو، يوسي گهگهر جو ڪائونسلر حسين بخش جوکيو، حاجي ناٿوظهير احمد جوکيو، شوڪت علي عرف بابا قوم ۽ ٻيا بـ هُيا جن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي تنهن کان پوءِ ناظم مجاهد جوکيو کي خطاب لاءِ سڏيو ويو، هن ڪراچي ٻهراڙي جي ڳوٺن جي زمينن تي حڪومت جي هڪ اتحادي لساني ڌُر پاران ترقي ۽ مختلف پروجيڪٽن جي آڙ ۾ ڦٻائي ويندڙ زمينن جي نشاندهي ڪندي جسقم قيادت کي ان معاملي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي گهر ڪئي ۽ ست نومبر تي قومي پروگرام ۾ پوري قوت سان شامل رڻ جو عهد ظاهر ڪيو،




    موت مقدر، سوڀ حياتي
    جيل اسان جا، جيون ساٿي،
    من جهورين تنهنجون گوليون .
    پوءِ بـ اسان جون ساڳيون ٻوليون
    تنهنجو ديش، منهنجو ديش سنڌو ديش، سنڌو ديش
    جي جونگار ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي کي خطاب جي دعوت ڏني ويئي .هن چيو تـ جيل جي سختين اسان جي همٿ گهٽائي ناهي پر سائين جي ايم سيد جي نظريئي مطابق سنڌ جي آزادي ۾ اسان جو يقين وڌيڪ مظبوظ ٿيو آهي هن جذباتي انداز ۾ چيو تـ ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا تـ ڪراچي اسان جو شهر آهي پر تاريخ چوي ٿي تـ ڪراچي جوکين، گبولن، ڄاموٽن، بلوچن، ۽ خاصخلين جو شهر آهي ڊاڪٽر سرڪي چيو تـ ڪيڏي نـ ڏک جي ڳالهـ آهي جو ڌاريا هن ڌرتيءَ تي دعوا ڪري رهيا آهن ۽ اسان ڌرتيءَ ڄاوا مالڪي ۽ وارثي جي لفظ جي اهميت کي نٿا سمجهون، هن زور ڀريو تـ درساڻي ڇني واسي ست نومبر تي سنڌ جي آزادي مارچ جي نيد کڻي اوهان وٽ آيا آهيون جنهن ۾ پنهنجا ٻچا ٻار پوڙها جوان سمورا ماڻهون اسان سان گڏ ٿي ڪراچي ۾ پنهنجو فرض نڀائن .
    هلو هلو ڏک م پسو ڏوٿيا
    سونهون جي سٿ جو، سو هوت مون سلو
    آن جو بـ ٿئي ڀلو، آئون بـ گڏجان ساٿ کي.
    ان بيت جي گونج ۾ اسٽيج سيڪريٽري جاويد جوکيو جسقم چيرمين بشير خان قريشي کي خطاب جي دعوت ڏني تـ ماڻهن قومي نعرن جي هوڪرن ۾ اُٿي بيهي بشير خان جي آجيان ڪئي.
    بشير خان قريشي پنهنجي خطاب ۾ چيو تـ اسان سنڌي هوٽلن تي، دوڪانن ۽ اوطاقن ۾ ويهي ڪچهري ڪري چوندا آهيون تـ هائو ادا سنڌ چوڦير ظلم ٿي رهيو آهي، اسان جي وسيلن تي ڌاريان عياشي پيا ڪن ۽ سنڌي مائرون ۽ پئ بُک وگهي پنهنجو اولاد وڪڻڻ لاءِ هوڪا پيا ڏين. هن چيو تـ اها سنڌ جي تصوير ضرور آهي پر اوطاقن ۾ ويهي ان تي ڪچهريون ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي .اُن لاءِ ا وهان کي عملي وک کڻڻي پوندي، قدم وڌائڻون پوندو، ۽ دنيا کي اهو ٻڌائڻون پوندو تـ سنڌ ڌرتي جي وسيلن جا وارث صرف سنڌي آهن هن چيو تـ قدرت پٺاڻن کي پنهنجي ڌرتي پنجابين کي پنهنجي ڌرتي ڏني آهي اهي پنهنجي ڌرتي تي رهن، اسان جي ڌرتي تي قبضي جو کين ڪوبـ جواز نـ آهي بشير خان قريشي چيو تـ سنڌي ماڻهو جيڪو اڳي خوشحال هو هنئير هو جيڪا عذاب جهڙي زندگي پيو گذاري اهو قدرت جو لکيو ناهي، انهيءَ لاءِ آئون هڪڙو ئي اکر چوندس تـ اهو ”غلاميءَ جو طوق “ سنڌين جي ڳچي مان لهندي تڏهن سڀني مسئلن مان ڇوٽڪارو ملندو هن چيو تـ اقتداري سياست جو حال اهو آهي جو سنڌ ين جن کي نمائيندو ڪري اسلام آباد موڪليو پنجابي انهن جا لاش سنڌ ڏانهن موڪلي رهيا آهن.هن چيو تـ ڌرتي جي آزادي خاطر پاڻ کي ڪُهائينداسين پنهنجي ٻچن کي ڪهائينداسين پر ڌرتي ماءُ کي آزاد ڪرائبو هن چيو تـ اسان درساڻي ڇني ۽ ملير واسين اڳيان جهول جهلي عرض ٿا ڪريون تـ ست نومبر تي هر سنڌي جي کڄندڙ وک ڪراچي جي گهٽين ڏانهن هُجي
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جاويد صاحب زبردست موضوع آهي
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين اوهان لکيو آهي ته سنڌ هڪ آزاد مُلڪ هيو (سائين ان جي باري ۾ مونکي اڄ خبر پئي آهي) جيڪڏهن اوهان ٿورو ان تي تفصيل سان لکي موڪليندو ته اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو۔۔۔

    موت مقدر، سوڀ حياتي
    جيل اسان جا، جيون ساٿي،
    من جهورين تنهنجون گوليون .
    پوءِ بـ اسان جون ساڳيون ٻوليون
    تنهنجو ديش، منهنجو ديش سنڌو ديش، سنڌو ديش

    باقي پنهنجي ٻولي به اها ئي آهي۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو