تحريڪ آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جو حصو انسان بهتر ۽ روشن مستقبل لاءِ تاريخ جي هر دور ۾ قربانيون پئي ڏنيون آهن . آزادي جي تحريڪ ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ، انهن جو مثال ملڻ محال آهي . مسلمان لاءِ الڳ وطن پاڪستان حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ سنڌ جي مسلمانن جو ڀرپور حصو تاريخ جو روشن باب آهي . هن ساري تحريڪ مان هڪ سدا جرڪندڙ نتيجو اهو نڪري ٿو ته برصغير جي ٻين مسلمانن وانگر سنڌ به غلاميءَ جي طوق کي هر دور ۾ لاهي اڇلائڻ لاءِ هميشه آتي پئي نظر آئي آهي . پوءِ اها انگريزن جي غلامي هجي يا هندن جي سنڌ جو عوام پرماري قوتن جو دشمن رهيو آهي ۽ ان جي مخالفت ۾ پنهنجو تن ، من ۽ ڌن قربان ڪيو آهي . 1857 ع جي جنگ آزادي : انگريزن سال 1857 ع ۾ مياڻيءِ جي جنگ ۾ ميرن جي لشڪر کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو هو ، مگر سال 1857 ع ۾ گڏيل هندستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم واقعو نه صرف ڌاري حڪومت خلاف بغاوت هئي پر آزادي جي پهرين جنگ هئي ، جنهن ۾ مقامي فوج سان گڏ عوام به ڀرپور حصو ورتو ، آزادي جي هن پهرين جنگ ۾ سنڌ به پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪيو . ڪتاب سيپاءِ ميونٽي ، جو مصنف هري پرساد چٽوپاڏيه لکي ٿو : “ ڪن مذهبي جوش رکندڙ مسلمانن بڌايو ته اسلام خاطر لڙائي ڪريو ، آزادي لاءِ لڙندڙ اڳواڻن جو پاڻ ۾ مخفي طرح منصوبن۽ پروگرامن جو رابطو قائم رهيو . بهادر شاه ظفر ، شهيد سنڌ مير شير محمد خان کي خط لکيو ته هو انقلابين جي مدد ڪري ، تنهن تي مير شير محمد بلوچ پئسا ، سپاهي ۽ بارود موڪليو ، پر سڄو منصوبو ان وقت خاڪ ۾ ملي ويو ، جڏهن ٽالپر قبيلي جي هڪ فرد اهو راز سنڌ ۾ برطانوي آفيسرن اڳيان ظاهر ڪيو .” سال 1857 ع جو فساد سڄي هندستان ۾ ظاهر ٿيو ، ان فساد سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ، حيدرآباد ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي فساد آلوده ڪري ڪراچي ۾ ڏيهي پلٽڻ ، ڪمشنر ، ڪماني ۽ ٻين علمدارن کي خبر پئجي ويئي ، ان تي انقلابين کي گرفتار ڪري ڪن کي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو ، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو ته ڪن کي وري ڪاري پاڻيءَ اماڻيو ويو. اهڙي طرح حيدرآباد ، سکر ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به برطانوي سماج خلاف سنڌين بغاوت ۾ خوب حصو ورتو . علماءِ ڪرام جو ڪردار: تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي علماءِ ڪرام پڻ چڱو پاڻ ملهايو ، مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جي سرڪردگي ءَ ۾ جڏهن انگريز حڪومت کي انقلاب ذريعي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته ان جو مرڪز افغانستان مقرر ڪئي وئي . انهيءَ انقلابي جدوجهد لاءِ جڏهن ڏوڪڙ جمع ڪيا ويا ته سنڌ مان سيٺ حاجيءَ عبدالله هارون دل کولي چندو ڏنو ، انهيءَ تحريڪ لاءِ مولانا محمود حسن سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي جنهن جي سياسي تربيت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي هئي ، مولانا محمد صادق کڏي “ ڪراچي” وارو ، مولانا عبدالله لغاري کي هدايت ڪئي جن مخفي طرح طرپور هڪ سال جدوجهد ڪئي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ امروٽ ۾ ويهي برطانوي سي آئي ڊي کان پاڻ کي لڪائي انقلابي تحريڪ هلائي ، حاجي شاه بخش لاشاري به ساڻس گڏ هئا ، مولانا سنڌي جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ هلائي تڏهن خرچ جي پورائي لاءِ پير جهنڊي صاحب جي گهرواريءَ پنهنجا سونا زيور ڏنا . مولانا سنڌي جڏهن ڪابل روانو ٿيو ته شيخ عبدالرحيم سنڌ جي عورتن پنهنجا سونا زيور وڪڻي سفر جو خرچ فراهم ڪيو هن پروگرام کي “ ريشمي رومال واري تحريڪ” سڏيو وڃي ٿو . ان جي ظاهر ٿيڻ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪابل مان ۽ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي کي گرفتار ڪري 3 سال رتنا گري جيل رکيو ويو . ان کان علاوه رئيس غلام محمد ڀڙڳڙي ۽ حاجي شاه بخش کي به جيل ۾ قيد ڪيو ويو . ان کان علواه ڪيترن ئي عالمن کي لوھ جا چڻا چٻڻا پيا . خلافت تحريڪ: پهرين مهاڀاري لڙائي 1914_18 جي خاتمي کان پوءِ برطانيا ۽ سندس اتحادين ترڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏيو ، جنهن تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن خلافت کي سلامت رکڻ لاءِ “ تحريڪ خلافت” شروع ڪئي ، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن پڻ ڀرپور حصو ورتو ، 22 نومبر 1919 ع ۾ دهلي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو ، سيٺ عبدالله هارون ۽ پير تراب علي شرڪت ڪئي .لاڙڪاڻي ۾ پڻ پير رشد الله شاه جهنڊي واري جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي ، جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين اڳواڻن تقريرون ڪري خلافت جي اهميت تي روشني وڌي ، خلافت ڪاميٽي جو فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بيت المال پڻ بڻايو ويو ، جنهن ۾ 90517 روپيا مرڪزي خلافت ڪميٽي کي ڏنا ويا ، بعد ۾ “ هجرت جي تحريڪ” شروع ٿي جنهن ۾ سنڌ جي 750 مسلمانن تي مشتمل قافلو جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي هيٺ 7 جولائي 1929 ع تي هڪ اسپيشل ڳاڏي رستي لاڙڪاڻي کان افغانستان روانو ٿيو. 1923 ع ترڪي ۾ انقلاب آيو ۽ مصطفى ڪمال اتاترڪ خلافت جو خاتمو آندو ۽ اهڙي طرح هن تحريڪ جي پڄاڻي ٿي . حر تحريڪ: حرن جي تحريڪ شروع ئي ان ڪري ٿي ته جئين ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي وڃايل آزادي ٻيهر حاصل ڪري سگهن . پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ اول طرفان پيدا ڪيل جذبي حرن کي هميشه انگريزن خلاف رکيو ۽ ايسيتائين جو 1859_94 ع ۾ انهن سنڌ ۾ انگريزن خلاف حرن جي پهرين تحريڪ بغاوت 1894ع ۾ ٿي ، جنهن ۾ پير بخش خاصخيلي پنهنجي ساٿي پير بخش وساڻ ۽ ٻين سان گڏ مکي ٻيلي کي مرڪز بڻائي انگريزن خلاف مسلح ڪاروائي شروع ڪئي . آزادي جي هيءَ تحريڪ اٽڪل 13 سال هلي . هن ٽولي آزادي جو اعلان ڪري انگريزن سان زبردست جهيڙا ڪيا ، جنهن سان انگريزن جي بي پناھ جنگي قوت حرن تي ڪيترائي ظلم ڪيا ، هزارن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو ويو ، سندن زمينون ضبظ ڪيو وين ، فقيرن کي لوڙهن ۾ نظر بند ڪيو ويو ، هي تحريڪ انگريزن جي جديد هٿيارن ۽ منظم جاسوسي سان ختم ٿي . حرن جي ٻي تحريڪ پير صبغت الله شاھ ثاني جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿي . هن تحريڪ جو مقصد به انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ هو ، هميشه حڪومت انهيءَ فڪر ۾ رهندي هئي ته ٿوري گهڻي شڪايت ملي ته سخت کان سخت قدم کنيو وڃي ، انگريزن کي هن گادي مان هميشه خطرو رهندو هو ، آخر پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاھ سوريه بادشاھ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اٽڪايو ويو، ان ۾ محمد علي جناح کي وڪيل ڪيو ويو ، جنهن ٽيئن شنوائي تي سرڪار جي رويي جي آڌار تي چيو ته پير صاحب کي 8 سال قيد جي سزا ڏني ويئي . ٻي مهاڀاري ڪڙائي دوران پير صاحب پاڳاري کي آڪٽوبر 1941 ع ۾ ٻيهر گرفتار ڪري سي پي يوپي صوبي جي جيل ۾ رکيو ويو ، پير صاحب جي قيد ٿيڻ شرط حرن پنهنجيون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون ، جيئن انگريز مجبور ٿي ملڪ ڇڏي وڃن ۽ سنڌ ڌارين جي غلاميءَ مان آزاد ٿي وڃي ، سال 1943ع ۾ انگريز حڪومت سنڌ ۾ مارشل لاءِ لاڳو ڪيو ۽ مارشل لاءِ جا ڪيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مخفي طوپر هلايا ويا . سانگهڙ کان چئن ميلن جي پنڌ تي پير صاحب جي گڻنگ واري بنگلي تي بمباري ڪئي ويئي ۽ پير ڳوٺ جي ڪوٽ کي مشينن ذريعي تباھ ڪيو ويو ، پير صاحب پاڳاري تي برطانيه سرڪار جي خلاف بغاوت ڪري ۽ ٻين ڏوهن وارا ٽريبيونل ۾ هلايا وايا ۽ ڪورٽ مارشل تحت پير صاحب کي موت جي سزا ڏني وئي ____________________ ماهوار الفاروق جي ٿورن سان
اڳ آزادي جون تحريڪون مضبوط ھُيون، ڳالھ آ ھاڻي سنڌ کي آزاد ڪيئن ڪرائجي؟ جڏھن سنڌ جي ڳالھ اچي ٿي ته سڀني کي پنھنجا مفاد ٿا اڳيان اچن پنھنجا مطلب ٿا اڳيان اچن۔