• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تحريڪ آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جو حصو

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
تحريڪ آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جو حصو

انسان بهتر ۽ روشن مستقبل لاءِ تاريخ جي هر دور ۾ قربانيون پئي ڏنيون آهن . آزادي جي تحريڪ ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ، انهن جو مثال ملڻ محال آهي .

مسلمان لاءِ الڳ وطن پاڪستان حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ سنڌ جي مسلمانن جو ڀرپور حصو تاريخ جو روشن باب آهي . هن ساري تحريڪ مان هڪ سدا جرڪندڙ نتيجو اهو نڪري ٿو ته برصغير جي ٻين مسلمانن وانگر سنڌ به غلاميءَ جي طوق کي هر دور ۾ لاهي اڇلائڻ لاءِ هميشه آتي پئي نظر آئي آهي . پوءِ اها انگريزن جي غلامي هجي يا هندن جي سنڌ جو عوام پرماري قوتن جو دشمن
رهيو آهي ۽ ان جي مخالفت ۾ پنهنجو تن ، من ۽ ڌن قربان ڪيو آهي .


1857 ع جي جنگ آزادي :


انگريزن سال 1857 ع ۾ مياڻيءِ جي جنگ ۾ ميرن جي لشڪر کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو هو ، مگر سال 1857 ع ۾ گڏيل هندستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم واقعو نه صرف ڌاري حڪومت خلاف بغاوت هئي پر آزادي جي پهرين جنگ هئي ، جنهن ۾ مقامي فوج سان گڏ عوام به ڀرپور حصو ورتو ، آزادي جي هن پهرين جنگ ۾ سنڌ به پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪيو .

ڪتاب سيپاءِ ميونٽي ، جو مصنف هري پرساد چٽوپاڏيه لکي ٿو : “ ڪن مذهبي جوش رکندڙ مسلمانن بڌايو ته اسلام خاطر لڙائي ڪريو ، آزادي لاءِ لڙندڙ اڳواڻن جو پاڻ ۾ مخفي طرح منصوبن۽ پروگرامن جو رابطو قائم رهيو . بهادر شاه ظفر ، شهيد سنڌ مير شير محمد خان کي خط لکيو ته هو انقلابين جي مدد ڪري ، تنهن تي مير شير محمد بلوچ پئسا ، سپاهي ۽ بارود موڪليو ، پر سڄو منصوبو ان وقت خاڪ ۾ ملي ويو ، جڏهن ٽالپر قبيلي جي هڪ فرد اهو راز سنڌ ۾ برطانوي آفيسرن اڳيان ظاهر ڪيو .”
سال 1857 ع جو فساد سڄي هندستان ۾ ظاهر ٿيو ، ان فساد سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ، حيدرآباد ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي فساد آلوده ڪري ڪراچي ۾ ڏيهي پلٽڻ ، ڪمشنر ، ڪماني ۽ ٻين علمدارن کي خبر پئجي ويئي ، ان تي انقلابين کي گرفتار ڪري ڪن کي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو ، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو ته ڪن کي وري ڪاري پاڻيءَ اماڻيو ويو. اهڙي طرح حيدرآباد ، سکر ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به برطانوي سماج خلاف سنڌين بغاوت ۾ خوب حصو ورتو .

علماءِ ڪرام جو ڪردار:


تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي علماءِ ڪرام پڻ چڱو پاڻ ملهايو ، مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جي سرڪردگي ءَ ۾ جڏهن انگريز حڪومت کي انقلاب ذريعي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته ان جو مرڪز افغانستان مقرر ڪئي وئي . انهيءَ انقلابي جدوجهد لاءِ جڏهن ڏوڪڙ جمع ڪيا ويا ته سنڌ مان سيٺ حاجيءَ عبدالله هارون دل کولي چندو ڏنو ، انهيءَ تحريڪ لاءِ مولانا محمود حسن سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي جنهن جي سياسي تربيت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي هئي ، مولانا محمد صادق کڏي “ ڪراچي” وارو ، مولانا عبدالله لغاري کي هدايت ڪئي جن مخفي طرح طرپور هڪ سال جدوجهد ڪئي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ امروٽ ۾ ويهي برطانوي سي آئي ڊي کان پاڻ کي لڪائي انقلابي تحريڪ هلائي ، حاجي شاه بخش لاشاري به ساڻس گڏ هئا ، مولانا سنڌي جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ هلائي تڏهن خرچ جي پورائي لاءِ پير جهنڊي صاحب جي گهرواريءَ پنهنجا سونا زيور ڏنا . مولانا سنڌي جڏهن ڪابل روانو ٿيو ته شيخ عبدالرحيم سنڌ جي عورتن پنهنجا سونا زيور وڪڻي سفر جو خرچ فراهم ڪيو هن پروگرام کي “ ريشمي رومال واري تحريڪ” سڏيو وڃي ٿو . ان جي ظاهر ٿيڻ سان مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪابل مان ۽ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي کي گرفتار ڪري 3 سال رتنا گري جيل رکيو ويو . ان کان علاوه رئيس غلام محمد ڀڙڳڙي ۽ حاجي شاه بخش کي به جيل ۾ قيد ڪيو ويو . ان کان علواه ڪيترن ئي عالمن کي لوھ جا چڻا چٻڻا پيا .


خلافت تحريڪ:


پهرين مهاڀاري لڙائي 1914_18 جي خاتمي کان پوءِ برطانيا ۽ سندس اتحادين ترڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏيو ، جنهن تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن خلافت کي سلامت رکڻ لاءِ “ تحريڪ خلافت” شروع ڪئي ، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن پڻ ڀرپور حصو ورتو ، 22 نومبر 1919 ع ۾ دهلي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو ، سيٺ عبدالله هارون ۽ پير تراب علي شرڪت ڪئي .لاڙڪاڻي ۾ پڻ پير رشد الله شاه جهنڊي واري جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي ، جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين اڳواڻن تقريرون ڪري خلافت جي اهميت تي روشني وڌي ، خلافت ڪاميٽي جو فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بيت المال پڻ بڻايو ويو ، جنهن ۾ 90517 روپيا مرڪزي خلافت ڪميٽي کي ڏنا ويا ، بعد ۾ “ هجرت جي تحريڪ” شروع ٿي جنهن ۾ سنڌ جي 750 مسلمانن تي مشتمل قافلو جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي هيٺ 7 جولائي 1929 ع تي هڪ اسپيشل ڳاڏي رستي لاڙڪاڻي کان افغانستان روانو ٿيو. 1923 ع ترڪي ۾ انقلاب آيو ۽ مصطفى ڪمال اتاترڪ خلافت جو خاتمو آندو ۽ اهڙي طرح هن تحريڪ جي پڄاڻي ٿي .


حر تحريڪ:


حرن جي تحريڪ شروع ئي ان ڪري ٿي ته جئين ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي وڃايل آزادي ٻيهر حاصل ڪري سگهن . پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ اول طرفان پيدا ڪيل جذبي حرن کي هميشه انگريزن خلاف رکيو ۽ ايسيتائين جو 1859_94 ع ۾ انهن سنڌ ۾ انگريزن خلاف حرن جي پهرين تحريڪ بغاوت 1894ع ۾ ٿي ، جنهن ۾ پير بخش خاصخيلي پنهنجي ساٿي پير بخش وساڻ ۽ ٻين سان گڏ مکي ٻيلي کي مرڪز بڻائي انگريزن خلاف مسلح ڪاروائي شروع ڪئي . آزادي جي هيءَ تحريڪ اٽڪل 13 سال هلي . هن ٽولي آزادي جو اعلان ڪري انگريزن سان زبردست جهيڙا ڪيا ، جنهن سان انگريزن جي بي پناھ جنگي قوت حرن تي ڪيترائي ظلم ڪيا ، هزارن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو ويو ، سندن زمينون ضبظ ڪيو وين ، فقيرن کي لوڙهن ۾ نظر بند ڪيو ويو ، هي تحريڪ انگريزن جي جديد هٿيارن ۽ منظم جاسوسي سان ختم ٿي .

حرن جي ٻي تحريڪ پير صبغت الله شاھ ثاني جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿي . هن تحريڪ جو مقصد به انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ هو ، هميشه حڪومت انهيءَ فڪر ۾ رهندي هئي ته ٿوري گهڻي شڪايت ملي ته سخت کان سخت قدم کنيو وڃي ، انگريزن کي هن گادي مان هميشه خطرو رهندو هو ، آخر پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاھ سوريه بادشاھ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اٽڪايو ويو، ان ۾ محمد علي جناح کي وڪيل ڪيو ويو ، جنهن ٽيئن شنوائي تي سرڪار جي رويي جي آڌار تي چيو ته پير صاحب کي 8 سال قيد جي سزا ڏني ويئي . ٻي مهاڀاري ڪڙائي دوران پير صاحب پاڳاري کي آڪٽوبر 1941 ع ۾ ٻيهر گرفتار ڪري سي پي يوپي صوبي جي جيل ۾ رکيو ويو ، پير صاحب جي قيد ٿيڻ شرط حرن پنهنجيون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون ، جيئن انگريز مجبور ٿي ملڪ ڇڏي وڃن ۽ سنڌ ڌارين جي غلاميءَ مان آزاد ٿي وڃي ، سال 1943ع ۾ انگريز حڪومت سنڌ ۾ مارشل لاءِ لاڳو ڪيو ۽ مارشل لاءِ جا ڪيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مخفي طوپر هلايا ويا . سانگهڙ کان چئن ميلن جي پنڌ تي پير صاحب جي گڻنگ واري بنگلي تي بمباري ڪئي ويئي ۽ پير ڳوٺ جي ڪوٽ کي مشينن ذريعي تباھ ڪيو ويو ، پير صاحب پاڳاري تي برطانيه سرڪار جي خلاف بغاوت ڪري ۽ ٻين ڏوهن وارا ٽريبيونل ۾ هلايا وايا ۽ ڪورٽ مارشل تحت پير صاحب کي موت جي سزا ڏني وئي


____________________

ماهوار الفاروق جي ٿورن سان
 
اڳ آزادي جون تحريڪون مضبوط ھُيون، ڳالھ آ ھاڻي سنڌ کي آزاد ڪيئن ڪرائجي؟ جڏھن سنڌ جي ڳالھ اچي ٿي ته سڀني کي پنھنجا مفاد ٿا اڳيان اچن پنھنجا مطلب ٿا اڳيان اچن۔
 
Back
Top