” سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 “

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويد حسين طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2012۔

  1. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ” سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 “
    1: ڪراچي اندر ڪنهن به وقت پنج يا پنجن کان وڌيڪ ماڻهن کي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قلم 144 جو استعمال.
    2: قلم 109 ذريعي ڪراچي ۾ ڪنهن کي به ”رول ۽ شڪي“ قرار ڏئي، ان جي چرپر تي ان وقت تائين پابندي مڙهي ڇڏڻ، جيستائين هو” ضمانت“ نٿو ڏي.
    3: قلم 145 ذريعي ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر ۾ هڪ قابض طور رهندڙ قرار ڏئي، ان جي رهائش جنهن کي چاهي، ڏئي ڇڏڻ!.
    4: ڪراچي ۾ موجود سمورا فني تعليم جا ادارا، اسپتالون ۽ اسڪول ميئر جي مالڪيءَ ۾ ڏئي ڇڏڻ!.
    6: ڪراچيءَ جون سموريون زمينون هاڻي اڻ سڌي طور، ميئر صاحب جي ملڪيت آهن. هاڻي سندس صوابديد آهي ته اهو انهن جو استعمال ڪيئن ۽ ڪنهن جي ذريعي ٿو ڪري!.
    7: ڪراچيءَ ۾ روڊ ٽرانسپورٽ ۽ روٽ پرمٽ جاري ڪرڻ جو ڪم به ميئر صاحب جو ئي هوندو.
    9: انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙي اهم کاتي جو مالڪ به ميئر ئي هوندو.
    10: پراونشل فنانس ڪميشن ذريعي ميئر صاحب، سنڌ حڪومت کان پنهنجا مالياتي حق ڇڪي وٺڻ لاءِ آزاد آهي.
    11: ڪراچي جي ماسٽر پلاننگ، زمينن جي استعمال، درجي بندي ۽ زوننگ جو ڪم سنڌ حڪومت وٽ نه پر ميئر صاحب وٽ هوندو.
    12: ڪراچي جي سامونڊي پٽي 10 ڪلوميٽرن تائين ميئر صاحب جي ملڪيت هوندي.
    13: ميئر صاحب جي ئي مرضي آهي ته ڪراچي ۾ ثقافتي سرگرميون ڪيئن ۽ ڪهڙي قسم جون هئڻ گهرجن.
    14: اسپورٽس بورڊ، جيڪو ارڙهين ترميم بعد اڃا مڪمل طور سنڌُ حڪومت جي حوالي ئي نه ٿيو هو. اُهو به ميئر جي حوالي ٿي چڪو آهي، نيشنل اسٽيڊيم جي سامهون پيل اربين رُپين جي زمين سميت.
    15: سنڌ حڪومت جو پنهنجو ”اينٽي انڪروچمينٽ کاتو، ٿاڻا ۽ پوليس هئڻ باوجود، اهو ڪم به هاڻ ميئر جي مرضيءَ تي ڇڏيو ويو آهي ته، اُهو جنهن به وسنديءَ جي ڪڍ پئي، اُن کي ڊاهي پٽ ڪري، پنهنجن ”من پسندن“ کي مفت ۾ ڏئي ڇڏي يا بلڊرن ذريعي ٻئي آڱريون گيهه ۾ وجهي ڇڏي…!!
    16: هن ڪاري آرڊيننس جو سيڪشن 8 سنڌين جي اُن دعويٰ کي مُڪمل طور سچ ثابت ڪري ٿو ته:” پ پ مُتحده سان ملي، سنڌ کي عملي طور ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، هي سيڪشن ٿُلهي ليکي ته اهو ئي ٻڌائي ٿو ته:” سنڌ جا ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ميٽرو پوليٽن سٽي هوندا“ پر ان جي وضاحت ڪندي اهو به چيو ويو آهي ته”” واضح ڪجي ٿو ته، ڪراچيءَ جي پنجن ئي ضلعن کي، هڪ ضلعو ليکيو ويندو“. ڊپٽي ڪمشنرن جو وجود، روينيو سطح تي موجود ضلعن جي حد تائين ته ضرور هوندو، پر ڪو يوسي يا ٽائون ناظم، اهڙن ڊپٽي ڪمشنرن کي “”کنگهڻ“ جي به لائق ڇو سمجهندو، جيڪي مڪمل طور شهر جي ميئر جي ماتحت آهن…!!.
    17: هڪ پاسي جڏهن سنڌ حڪومت ميئر صاحب کي، پنهنجو سڀ ڪجهه ڏئي ڍائي ڇڏيو آهي، ان ئي وقت، ميئر کي اهو اختيار به مليل آهي ته، ”هو جنهن به کاتي کي چاهي، پنهنجي اختيار هيٺ آڻي ڇڏي…!!
    18: زمين جي درجا بنديءَ جو ڪم بورڊ آف روينيو جو آهي. سنڌ حڪومت ٻڌائيندي ته، اُن اهڙو اختيار ميئر صاحب کي ڪيئن ڏنو آهي، ۽ جيڪڏهن ايئن ڪرڻ ضروري هو ته پوءِ، هن وقت تائين بورڊ آف روينيو جو وجود ڪهڙي بنياد تي برقرار رکيو ويو آهي…!؟.
    19: سيڪشن 38 جي سب سيڪشن ”اين“ تحت، ميئر يا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اُهي، ”سنڌ حڪومت طرفان ڏنل ملازمن جي انگن اکرن ۾ ڦير ڦار ڪري سگهن“. ان سيڪشن جي سادن لفظن ۾ سمجهاڻي، ”ميئر صاحب کي پنهنجي مرضيءَ جي ڀرتي ڪرڻ جو حق ڏيڻ نه آهي ته، ٻيو ڇا آهي…!؟.“
    ياد رهي ته سٽي حڪومت ٺهڻ وقت ڪي ايم سيءَ جي ملازمن جو تعداد 60 هزار هو، ۽ جڏهن سٽي حڪومت کي واپس ڪي ايم سيءَ جي شڪل ڏني وئي ته، ان ۾ ڪندڙ ملازم هڪ لکُ 20 هزار هئا، مُشرفي نظام جي سيڪشن 18 جي سب سيڪشن 2 جي باوجود به ته ” چيئرمين يا ناظم هڪ ملازم به پاڻ ڀرتي ڪري نه سگهندا“. اهڙي پابندي باوجود، 10 هزار ڪارڪنن کي سٽي وارڊن بڻائيندڙ ڪراچيءَ جي اڳوڻي ناظم 60 هزار ملازم ڀرتي ڪري ڏيکاريا هئا، هاڻي بچيل سچيل ڪارڪنن کي به سٽي حڪومت جو اعليٰ عملدار بڻائي ڇڏڻ کان، ميئر کي ڪهڙي قوت روڪي سگهندي،،،!؟، اهڙا ملازم جيڪي ضرورت پوَڻ تي سنڌين جي ڳوٺن تي گوليون وسائيندي ڏٺا ويندا، جيئن اُهي چڪرا ڳوٺ ۾ ڪري چڪا آهن.
    20: ۽ فقط ميئر ئي ڇو، عوامي پارٽي ته يوسي ناظمن کي به سٽي وارڊن رکڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. سنڌ جي سمورين يونين ڪائونسلن مان ايتري بجيٽ فقط ڪراچي جي مالدار يوسين جي ئي آهي، جيڪي پنهنجا ملازم رکي سگهن، ۽ پوءِ اُهي ملازم به ڪهڙي قسم جي ”ميرٽ“ تي آيل هوندا، سمجهڻ گهڻو ڏکيو به نه آهي!.
    21: مشرف پنهنجن ”يارن“ کي راضي ڪرڻ لاءِ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچيءَ جي کربين رپين جي زمين سٽي ناظم حوالي ڪري ڇڏي هئي ۽ پ پ اقتدار ۾ اچڻ بعد ان فيصلي کي غلط قرار ڏئي، ختم به ڪري ڇڏيو هو. ساڳي پ پ ٻڌائيندي ته اُن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سونَ جهڙي زمين، جيڪا واپس به اُن پاڻ ئي ورتي هئي، اُها ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي حدن ۾ رهندڙ يونين ڪائونسل يا گڏاپ، ڪياماڙي ۽ بن قاسم ٽائون حوالي ڪرڻ بجاءِ ڪهڙي خوشيءَ ۾ وري سٽي حڪومت کي ڏئي ڇڏي آهي…!؟.
    22: ڪالهه تائين ”سروسز گروپ“ صوبائي حڪومت وٽ هئا، پر ڀَلو ٿي ”عوامي جماعت“ جو جنهن هاڻي ”ضلعي سطح جا ”سروسز گروپ ٺاهي، نه رڳو پنهنجي پر سنڌ پبلڪ سروسز ڪميشن جي اختيارن جو به ڪارو مُنهن ڪري ڇڏيو آهي۔
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين کي آغا سراج،سرجيل ميمن ، مولا بخش چانڊيو ، نثار کهڙو ۽ سيد سڳورو قائم علي شاه پاڻ غور سان پڙهي پو ٻڌائين ته هنن رات جي اونداهي ۾ ڇا ڇيو آهي ؟ اڃا وقت هٿن مان ناهي نڪتو، هن وقت به هو گهڻائي ۾ آهن، ضدبازي ڇڏي،پنهنجي غلطي کي پاڻ سڌارن ۽ سنڌ کي نقصان ڏيندڙ شقن کي انهي اسيمبيلي ذريئي ختم ڪري پنهنجي ڳچي مان لعنتاڻي جو طوق لاهين ته مهرباني ٿيندي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو