نئين مڪاني نظام جا سياسي ۽ سماجي پاسانصير ميمڻ پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي نادانيءَ سان مڪاني ادارن واري نظام وسيلي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ اهڙو ڳٽ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ کي ون يونٽ جي تحريڪ جيان وڏا وس ڪرڻا پوندا. هڪ طرف پنهنجي ان سياسي نادانيءَ کي پيپلز پارٽي مڃڻ کان انڪاري آهي ته ٻئي طرف عوامي رد عمل کي ساڃاهه سان سمجهڻ بجاءِ اها پنهنجي روايتي وڏيرڪي هوڏ تي بيهي جيڪا صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جهڙو ماحول جنم وٺي رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي هن قانون ۽ ان کان پوءِ پيدا ڪيل ماحول ڪارڻ سنڌ ۾ هر پاسي ڄڻ ته پيٽرول هاريو پيو آهي ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي معمولي چڻنگ به ان کي ڀڀڙ بڻائي سگهي ٿي. ان قسم جي صورتحال ۾ ڪابه ڌر ٿوري ڪوشش سان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي پر پيپلز پارٽيءَ کي ان جو ڪوبه ادراڪ ناهي. ذاتي طور تي مڪاني ادارن واري قانون جي دستاويز کي ٻه ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ مون کي سئو سيڪڙو يقين آهي ته پيپلز پارٽيءَ جا اهي سرواڻ، جيڪي ڏينهن رات اهو ورد ڪري رهيا آهن ته هن بل جي مخالفن اهو بل ناهي پڙهيو، در حقيقت اها دعويٰ ڪندڙ همراهن پاڻ ئي اهو بل ناهي پڙهيو. جي پڙهيو آهي ته سمجهيو بنهه ناهي. کين اندازو ئي ناهي ته هي بل پاس ڪري پيپلز پارٽي سياسي آپگهات ڪيو آهي. هن بل سبب پيپلز پارٽي پنهنجي پاڻ کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جيترو جنرل ضياءَ ۽ مشرف گڏجي به ان کي نه پهچائي سگهن ها. مان يقين سان چوان ٿو ته هن بل جون ڪجهه شقون اهڙيون آهن، جيڪي جيڪڏهن پ پ حڪومت جي مخالف ڌر هجڻ واري دور ۾ پاس ٿين ها ته پارٽي سڄي سنڌ کي بلاڪ ڪري ڇڏي ها. بدقسمتيءَ سان مستقبل ۾ وزير اعليٰ ٿيڻ جي خواهشمند همراهن جي هڪ ٽولي هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ هن بل جي حمايت ۾ وڏا ٽپا ڏيڻ وقت اهو سوچيو ئي نه ته هن بل وسيلي هنن پنهنجي اتحادين کي اهو ڪجهه ڏئي ڇڏيو، جيڪو کين مشرف ۽ ارباب رحيم به نه ڏنو هو. اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مشرف جي دور ۾ اهو نظام غير آئيني طور اسلام آباد کان لاڳو ڪيو ويو هو ۽ ان کي چئلينج ڪرڻ ان لاءِ به آسان هو، جو هڪ ته اهو نظام هڪ اڻ چونڊيل آمر آندو هو ۽ ٻيو ته مڪاني ادارن بابت قانون سازي آئيني طور صوبن جو اختيار هئي. هن ڀيري سنڌ واسي انهن ٻنهي دليلن کان به محروم ڪيا ويا آهن، جو انهن سان اها مهرباني آئيني طور تي چونڊيل ۽ سندن محبوب پارٽيءَ طرفان آئيني طريقي سان ڪئي ويئي آهي. سنڌ اندر موجوده اليڪشني جوڙجڪ مان صاف ظاهر آهي ته مستقبل ۾ سنڌ اندر ورهايل مينڊيٽ ايندو ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن به ڌر وٽ شايد ايتري اڪثريت نه هجي، جو اها ان بل کي ڪالعدم ڪري سگهي. پيپلز پارٽيءَ وٽ هن وقت اڃا به موقعو آهي ته اها چاليهن سالن کان ساٿ نڀائيندڙ سنڌ واسين سان ڪيل ان انياءَ کي درست ڪري، نه ته اهو قانون هڪ ڳٽ بنجي سنڌ واسين جي ڳچيءَ ۾ هميشه لاءِ پيل رهندو. هن بل وسيلي سنڌ ۾ جيڪو ضلعي حڪومتن ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، ان ۾ عملي طور سمورا کاتا ضلعن کي منتقل ڪيا ويا آهن. خاص طور تي ڪائونسلن کي پنهنجن وسيلن مان ڪوبه کاتو قائم ڪرڻ جهڙو انتهائي خطرناڪ اختيار ڏيئي عملي طور تي صوبائي حڪومت کي غير موثر ڪيو ويو آهي. اختيارن جي اهڙي منتقلي ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به نه ٿي نظر اچي، جتي صوبائي حڪومتون رڳو پوسٽ آفيس بنيل رهن. پاڪستان مجموعي طور ۽ سنڌ خصوصي طور تي سماجي اعتبار کان جديد دور جي تقاضائن کان گهڻي پٺڀري آهي. سنڌي سماج پنهنجي بيهڪ ۾ نيم قبائلي ڍانچي تي ٻڌل آهي، جتي ضلعا مختلف برادرين ۽ مقامي با اثر ماڻهن جي فرمائش تي قائم ٿيل ۽ سندن قبضي هيٺ آهن. صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي با اختيار ادارن جو هڪڙو ڪردار بي پهچ عوام کي مقامي ڏاڍ ۽ اثر کان بچاءُ ڏيڻ به هوندو آهي. مثال طور انگريزن جي دور ۾ مضبوط انتظامي ڍانچو عام ماڻهن کي ڏاڍن مڙسن جي انياءِ کان بچائي سماجي انصاف ۽ برابري فراهم ڪندو هو. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ انهن وڏيرن، جاگيردارن توڙي شهري مافيائن انتظاميا ۽ مقننه تي قبضو ڪري هن ملڪ جي ماڻهن کي انگريز دور کان به وڌيڪ خطرناڪ غلاميءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو. ان صورتحال ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تي ورهاست کي هڪ خاص توازن ۾ نه رکڻ سان عام ماڻهوءَ کي ته اختيار منتقل نه ٿيندا، بلڪه مقامي سطح تي عوام دشمن طاقتون آئيني ۽ قانوني اختيارن وسيلي عوام مٿان پنهنجي راڄ کي مستحڪم ڪنديون. جنرل مشرف جي دور ۾ اختيارن کي ضلعي سطح تي منتقل ڪري وفادارن جي هڪ ٽولي کي چيو ويو ته اسان سان پنهنجي وفاداري قائم رکو ۽ ان جي صلي ۾ هي ضلعو اوهان جي جاگير آهي. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ اندر اهي سڀ وڏا جاگيردار، جيڪي 1988ع جي چونڊن ۾ ضمانتون ضبط ڪرائي چڪا هئا، سي سياسي طور ڏهوڻا وڌيڪ طاقتور ٿي عوام مٿان مڙهجي ويا ۽ عملي طور هر ضلعو هڪ جاگيرداراڻي رياست ۾ تبديل ٿي ويو. اختيارن جي منتقليءَ جو بنيادي تصور خدمتن جي منتقلي هوندو آهي. سڄي دنيا ۾ اختيارن کي هيٺين سطح تي جتي به دنيا ۾ جتي به منتقل ڪيو ويو آهي، اتي بنيادي عوامي خدمتن جا ادارا هيٺ منتقل ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام کي پنهنجي گهر جي چانئٺ تي بهتر خدمتون مهيا ٿي سگهن. اهي خدمتون گهڻو ڪري بنيادي ميونسپل خدمتن تائين محدود هونديون آهن. هن قسم جي سماجي بيهڪ ۽ سياسي نظام جتي ٻوڏ متاثر بدحال مفلسن کي اٽي جي لپ به ان آڌار ملندي هجي ته هن ووٽ مون کي ڏنو هو يا نه، اتي جڏهن اربين رپين جا فنڊ ۽ مئجسٽريٽ وارا اختيار هيٺ منتقل ٿيندا ته پوءِ سياسي اقليت سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو، ان جو تصور ڪرڻ مشڪل ناهي. ڇا اڄوڪي سنڌي سماج ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪنهن به ضلعي جي ميئر يا چيئرمين مان ايتري اخلاقيات جي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو سياسي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کان مٿانهون ٿي عوام کي انصاف ڏيندو ۽ برابريءَ جي بنياد تي سماجي خدمتون فراهم ڪندو؟ سياسي وفاداريءَ جي روايت جي هنن علمبردارن کان، سياسي مخالفن کي پناهه ڪير ڏياريندو، جڏهن هيٺ کان مٿي تائين سمورو انتظامي ڍانچو ”مٿان جي حڪمن“ جي تعبيداريءَ ۾ مصروف هوندو. جيڪڏهن صوبي ۽ ضلعي جي حڪومتن ۾ ڪجهه توازن برقرار هجي ها يا چونڊيل نمائندن کي بنيادي خدمتون منتقل ڪرڻ سان گڏ انتظامي اختيار هڪ مضبوط ۽ اڻ ڌري انتظاميا وٽ رهڻ ڏنا وڃن ها ته سياسي طور تي اڻ لاڳاپيل يا مخالف سياسي ڌر جي ماڻهن کي ڪو انصاف پلئه پوڻ جي ٿوري گهڻي اميد هجي ها. مثال طور هن وقت جڏهن ڪراچيءَ ۾ لساني بنيادن تي ڌريون شهر جي ٻين سمورين ڌرين سان کليل ٽڪراءُ ۾ آهن، اتي ڪنهن به ڌر مان اها اميد رکي سگهجي ٿي ته شهر جو اقتدار ملڻ سان اها باقي ڌرين سان انصاف وارو ورتاءُ ڪندي؟ جنرل مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ اندر ترقيءَ جا مثال ڏيندڙ اهو نه وسارين ته اها سموري اکيون ٺاريندڙ ترقي شهر جي ڪجهه مخصوص علائقن ۾ ٿي هئي، جڏهن ته ملير، گڏاپ، بن قاسم، ڪياماڙي ۽ لياري جا اڪثر علائقا ساڳي بدحاليءَ جو شڪار رهيا. ترقيءَ ۾ اڻ برابري ان جي بنيادي وصف جي ڀڃڪڙي آهي. ترقي ۽ انصاف جيڪڏهن برابريءَ جي بنياد تي نه ملن ته اهڙو سماج خطرناڪ انارڪيءَ جو شڪار بنجندو آهي. ان وايو منڊل ۾ جڏهن غربت جي وظيفي کان وٺي نوڪريءَ تائين هر سهولت سياسي ۽ قبائلي لاڳاپن سان مشروط هجي، اتي ضلعي حڪومتن کي ذري گهٽ اڻ کٽ اختيار ڏيڻ جو مقصد صوبي اندر 23 خودمختيار جاگيرون قائم ڪرڻ آهي. اختيارن جي ضلعن اندر اهڙي مرڪزيت جو نتيجو اهو نڪرندو، جو هر ضلعي اندر سياسي ۽ قبائلي بنيادن تي عوامي ويڇن ۽ ٽڪراءُ ۾ اضافو ٿيندو. ترقياتي رٿائن کان وٺي انصاف تائين هر سهولت ۾ امتيازي ورتاءُ اختيار ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ هر ضلعي اندر غربت ۽ محروميءَ جا ٻيٽ جنم وٺندا ۽ صوبائي حڪومت ماڻهن کي ڪوبه رليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي، ڇو ته ضلعن جا سربراهه آئيني طور سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ با اختيار هوندا ۽ اهي صوبائي حڪومت يا انتظاميا بجاءِ هڪ بي اختيار ۽ وفادار ڪائونسل ڏانهن جوابدار هوندا. خدمتن جي بهتريءَ ۾ هڪ طرف انتظامي اختيارن جي عدم مساوات رنڊڪ بنجندي ته ٻئي طرف ايترن گهڻن اختيارن کي هلائڻ جي صلاحيت جو به سوال اڀرندو. مشرف جي دور ۾ اڪثر ضلعي ناظم صوبائي گادين جي بنگلن ۾ وقت گذاريندا هئا ۽ باقي ضلعي انتظام سندن ڪارندا هلائيندا هئا. مشرف جي سموري دور ۾ هيٺين سطح تي نئين بل کان به گهڻا گهٽ اختيار منتقل هجڻ جي باوجود انتظامي اهليت جي اڻ هوند عوام جي هڪ وڏي حصي کي عوامي خدمتن کان محروم رکيو. هاڻي جڏهن صوبائي حڪومت پنهنجا ذري گهٽ سمورا اختيار ضلعن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن ته اڻ پڙهيل ۽ اڌ پڙهيل ضلعي مالڪ اهو سمورو نظام هلائڻ جي قابل هوندا؟ نيت جي خرابي ۽ صلاحيت جي کوٽ گڏجي هن نظام کي عوام لاءِ عذاب بنائي ڇڏيندا. شهري علائقن جي اربن سمارٽ ڌرين سميت سڄي سنڌ ۾ ايڏو با اختيار نظام جنهن قسم جي ماڻهن جي حوالي ٿيندو، اتي معيار صلاحيت ۽ ڏاهپ بجاءِ وڏن سان وفاداري هوندو. وفاداريءَ جي ان گوءِ ۾ ضلعن اندر عام خلقِ خدا سان جيڪو ورتاءُ ٿيندو، اهو ڏيهه ڏسندو. ان سڄي بحث جو مطلب ڪو انتظامن ۽ وسيلن جي اختيارن جي منتقليءَ جي بنيادي سوچ کان انڪار ناهي پر در حقيقت ان منتقليءَ ۾ هڪ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي، لساني ۽ قبائلي بنيادن تي ٽڪرن ۾ ورهايل سماج اندر اختيارن جي منتقلي پلصراط تي هلڻ جهڙو ڏکيو ڪم آهي ۽ ان کي هڪ ڌڪ سان صوبائي حڪومت کان کڻي ضلعن ڏانهن منتقل ڪرڻ بجاءِ مرحليوار منتقليءَ جي وچولي مدي واري رٿابنديءَ جي ضرورت هئي. اختيارن ۽ وسيلن جي ورهاست کي جي سماجي ۽ سياسي اوسر سان سلهاڙڻ گهرجي. ملڪ ۾ جمهوريت اڃا اوسر جي مرحلن مان گذري رهي آهي ۽ وفاق کان اختيار مڪمل طور صوبن ڏانهن به منتقل ناهن ٿيا. سياست جاگيرداراڻي ڍانچي وٽ يرغمال آهي ۽ لساني توڙي قبائلي ورهاست ڏينهون ڏينهن خطرناڪ شڪل اختيار ڪري رهي آهي، اتي هن نوعيت جا سياسي فيصلا سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي ڊگهي مدي وارن اثرن کي به مدنظر رکڻ گهرجي. نيو يارڪ ۽ لندن سان ڀيٽ ڪري خودمختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنون قائم ڪرڻ جي وڪالت ڪندڙ ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته اهي شهر ٻن اڍائي صدين جي جمهوريتن جي پيداوار آهن، جتي عوام حڪمران ۽ حڪمران خادم هوندا آهن. لنڊن ۽ نيو يارڪ ۾ نه ڪروڙن جا ڀتا وصول ٿيندا آهن، نه ٻورين ۾ لاش ملندا آهن، نه لساني آڌار تي ماڻهن جون وسنديون بلڊوز ٿينديون آهن ۽ نه شهر جي وچ ۾ ٽارچر سيل کلندا آهن. ٿوري دير لاءِ تصور ڪريو ته اڄوڪي سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي صحت، تعليم، آفيسرن کي مقرري، اربين رپين جي بجيٽ، حد دخليون هٽائڻ جا اختيار، قلم 144 جا اختيار حاصل ٿيڻ کان پوءِ سياسي، لساني ۽ قبائلي بنيادن تي جيڪو انتقامي ورتاءُ اختيار ڪيو ويندو، ان جي نتيجي ۾ سماج اندر محرومي، عدم تحفظ ۽ لاوارثيءَ جو جهڙو احساس جنم وٺندو، اهو سنڌ اندر ايندڙ سالن ۾ هر ضلعي اندر جيڪو گهڻ پاسائون ٽڪراءُ پيدا ڪندو، ان جا نتيجا ڪيترا سنگين نڪرندا، پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ان جو بنهه ادراڪ ناهي. کين اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پنجن سالن جي اقتدار جي خاطر سنڌ کي اڻ کٽ مدي تائين ان ڌٻڻ ۾ ڌڪو ڏيڻ بدترين موقعي پرستي ۽ سياسي ڏيوالپڻو آهي، جنهن جي ذميوارن کي سنڌ واسي ڪڏهن به بخش نه ڪندا. (روزاني ڪاوش حيدرآباد تان کينل)
ان نظام جو جشن ملهائيندڙ وزيرن دراصل پاڻ ئي ان نظام کي ڪو نه پڙهيو آهي ، وقتي اقتدار کي قائم رکڻ لا جلد بازي ۾ بل کي پاس ڪري پنهنجي ڪيل غلطي کي لڪائن جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۔هن وقت ڀي ضد بازي کي ڇڏي ،سنڌ دشمن شقن کي بدلائي ، پنهنجين ڳچين ۾ وڌل ان لعنت جي طوق کي لاهي ڇڏين ته سندن ۽ سڄي سنڌ لا ڀلو ٿيندو۔ اي ڪاش اهي اهو ڄاڻن ها ۔
هي فيصلو جيتوڻيڪ پ پ پ جي غلط فيصلن مان هڪ آهي، جنهن ڪري پ پ پ جي ساک کي ڌچڪو رسيو آهي۔ مان پاڻ ۽ مون جهڙا ڪيترائي هن فيصلي جي سخت مذمت ڪن ٿا۔ پر هي ٻي ڳالهه به آهي ، ايڏو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هن فيصلي سان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ ورهائجي وئي ۔۔۔ منهنجي نظر ۾ ايئن به ناهي، ڀلا جيڪڏهن گڏجي اليڪشن وڙهجي ته ڇا واڳون اسان جي هٿ نه هونديون ۔۔۔۔ ڀلا ڇا اسان ڪراچي کي هاڻ سنڌ جو حصو نه ٿا سمجهون؟ پر ڀلا جيڪڏهن هي فيصلو ٿيو به آهي ته ڇا اسان ان کي سيسي سگهه ۾ بدلائي نه ٿا سگهون؟ هي ته سٺو موقعو آهي ته پ پ پ جي تڏا ويڙهه ڪرائجي، پر ٻليء کي گهنڊ ڪير ٻڌي؟
ڪير ٿو چئي ته اهي بکيا بگهڙ سنڌ جا سياستدان آهن،انهن محترمه بينظير صاحبه جي رت سان هولي ملهائي آهي ۽ خوشيون ڪيون آهن ته هاڻي اسان جو وارو آيو آ هاڻي لٽيو جيڪو لٽي سگهو ٿا،جن جو اڳواڻ مسٽر 10 پرسينٽ هجي اهو سياست ما ڇا ڄاڻي ،جيڪو پنهجي وزيراعظم کي ان صورت ۾ لهڻ تي مجبور ڪري ته ملڪ مان لٽيل دولت جو ڪير نالو نه وٺي۔ هي اهي راڪاس آهن جن محترمه کي شعوري طور قتل ڪيو آهي ۽ ان کي مئل هاٿي کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪو نه ڏني آهي۔هاٿي جيئرو ته لک ،مري ته ڏيڍ لک جي مترادف هنن هر ان احساس کي لٽيو آهي،ماڻهن جي ان بيلوث محبت سان ويساه گهاتي ڪئي آهي جيڪي پنهجي محبوب اڳواڻن لاء سر ڏيڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندا آهن۔اڄ به ان جي نالي جو مزاڪ اڏائي ۽ ان ملڪ کي لٽي رهيا آهن جن جي لاء هنن سر ڏنا۔هي سڀ ڪٽي کائڻ وارا مجنون آهن جيڪي مال تي موڳا لڳا پيا آهن۔هنن جو ڪنهن به آرتديننس سان ڪو به سروڪار ڪونهي ڇو ته انهن چند نوابن کي هتي رهڻو ئي ڪو نهي،انهن کي خبر آهي ته انهن جا آقا جيڪي انهن جي هر ڪفر ۾ ساٿي بنيل آهن انهن جو ساٿ ڏيندا۔پر تاريخ گواه رهي آهي ته اهڙن آقائن وقت نڪرڻ کان پوء انهن غدارن جا سر پاڻ ئي قلم ڪيا آهن۔پر انهن کي ان وقت تائين هوش ڪو نه هوندو آهي جيسائين انهن نام نهاد آقائن جو پٽو انهن جي ڳچيءَ ۾ پيل هوندو آهي۔هاڻي ته هنن پاڻ رواج وڌو آهي ته جيڪو رستي جي رڪاوٽ بنجي ان کي هتايو ۽ رستو صاف ڪيو۔شهيدن جي رت سان مزاڪ هڪ مقرر وقت تائين ڪري سگهن ٿا ۔جيستائين هنن جو تڪبر ڪمال تي پهچي ۔ان کان پوء ئي انهن کي قدرت ڪنڌ ڀر ڪيرائيندي ۽ ضرور ڪيرائيندي۔۽ اهو ڪرڻ وڏا وڏا ارغون ترخان هلاڪو ۽ چنگيز خان ڀڳتي چڪا آهن۔ هي انڌ جي گهوڙي تي سوار وقت جا وزير نه پر گبرسنگه ڏاڙيل جيان ڏيک ڏئي رهيا آهن جنهن کي پنهجي عمل تي ڪو به پڇتاء ڪونهي۔۽ نه ئي انهن ما ڪا اميد رکجي سگهي ٿي۔ پيپلز پارٽي هيٺين سطح تان انهن کي کڻي آئي ته جيئن انهن ۾ پنهجي قوم جي ماڻهن جو احساس پيدا ٿئي پر چوندا آهن ته نسل جو اثر ضرور ٿيندو آهي ان جي ڪري ئي شوقين مزاج جڏهن ڪنهن ڪڪڙ يا ڪتو پاليندا آهن ته ان جو نسل ڏسندا آهن پوء ئي ان جو ٻج يا ٻچو ڌاريندا آهن۔هنن جي نسلن ۾ ڪو به اهڙو ڪونهي جنهن کي ملڪ جي يا قومن جي نزاڪت جي خبر هجي هي ته تڪريبن ڦوس ما فتح خان بنجي وڃڻ وارا سياستدان آهن جن جي پنهجي ڪارڪردگي هميشه ڪرپشن رهي آهي۔۽ هميشه محترمه ۾ لڪل هوندا هئا۔جيڪا اڪيلي پنهجي من جي مذهب ۾ سياست ڪندي ملڪ جي ماڻحن جي دلين تي راڄ ڪندي هئي۔هنن جو ڪردار هميشه کان مشڪوڪ رهيو آهي ۔هاڻي ته وائکا ٿي چڪا آهن۔ هنن مان ڪا اميد رکندو !!!!!!!!!! ۽ هاڻي جيڪي هنن جي چوڻ تي نعرا هڻي رهيا آهن اهي پنهجي اندر ۾ خود خوفزده آهن پر بيهيائي جو ٽڪر انهن جي پيٽ ۾ پيل آهي جنهن جي ڪري اڪثر جا منهن بند آهن باقي ڪي ته معصوم اڃان به شهيد جي نالي تي پنهجي ٻچن جو سودو ڪرڻ لاء تيار آهن۔ وقت ٻڌايندو ته ڪي سنڌي نسل جا بگهڙ ڪيئن پنهجي ذات کي کائي ويا۔ ۽ پنهجو جوُءِ گدڙن جي حوالي ڪري ويا۔ ويا مور مري هنج نه رهو هيڪڙو ۔انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائينرن جو ڳجهن کي ڍونڍ کپي بس هنن کي اهو مليو آهي هنن جو ڪنهن سان به ڪو مطلب ڪونهي۔هاڻي انهن جا اثر ويهي ڏسجو جيڪي انقريب ظاهر ٿيندا ۔ اسان ماڻهو ان سزا جي لائق ئي آهيون ،ڇو جو اڪثريت اسان ۾ بغير ڪنهن محنت جي مال ڪمائڻ جا خواب ڏسندي رهي آهي ۽ هاڻي ته اهيا عادت وڌي ويئي آهي ۔هاڻي نظر ايندو ڏوڪڙن جو ڪمال۔ هڪڙا ڏڪڙن تي وڪندا ،هڪڙا ڏاڍ تي جيڪي بچيا سي لتاڙيا ويندا۔ جي ڪري سگهو هن قوم کي متحد ته ڪيو ڪوشش۔اڃان اميد باقي آهي۔ جي نه ته غلامي کان پوء آزادي ملندي ضرور پوء جڏهن ملي۔