”اهو ته سمجهه ۾ اچي ويو ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽ، کاڌي پيتي، جلسي گاهه جي انتظامن، حفاظت ۽ سيلابي اشتهار بازيءَ سميت سمورا خرچ ملائي پنجاهه ڪروڙ رپيا به ٿي ويا ۽ جلسي ۾ پنجاهه هزار ماڻهو به شريڪ ٿيا ته في ماڻهو ڏهه هزار رپين ۾ پئجي ويو. پر اهو سمجهه ۾ نه آيو ته ان مانڊاڻ مچائڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟“ جلسي ۾ شريڪ هڪ مهمان وفاقي وزير ته اهو سوال هڪ ميزبان وفاقي وزير کان سرٻاٽن ۾ پڇيو هو پر آئون توهان کان سڌي ريت پُڇي رهيو آهيان. جيڪڏهن جلسي جو مقصد مڪاني نظام جي قانون جي باري ۾ مخالفن جي پکيڙيل غلط فهمين کي دور ڪرڻ ۽ هڪ عام سنڌي ماڻهوءَ کي يڪجهتيءَ جي اهميت سمجهائڻ هو ته پوءِ بلدياتي قانون جي فائدن کان جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ بدران تقرير ڪندڙن نوي سيڪڙو زور مخالفن جي سياست، ذات ۽ حمايتين جي ڪردار تي حملا ڇو ڪيا ويا؟ جيڪڏهن ايترو مهانگو جلسو ڪرڻ بدران بِل منظور ٿيڻ کان پهرين ئي سياسي مشاورت ڪئي وڃي ها، بائيڪاٽ جي خدشن کي هڪ طرف رکندي سنڌ سطح تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها ته توهان گهٽ ۾ گهٽ جلسي ۾ شريڪ بيزار اکين ۾ اکيون وجهي اهو ته چئي سگهو ها ته، اسان ته اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ انهن جماعتن ۽ سول سوسائٽيءَ کي به صلاح مشوري لاءِ سڏايو هو، جن جي اسيمبليءَ ۾ ڪابه نمائندگي ناهي، پوءِ به اهي ماڻهو نه اچن ته اسان ڇا ڪريون!! جيڪڏهن توهان جي خيال ۾ نئون بلدياتي قانون سنڌ دوست آهي ته پوءِ پنجن منٽن جي بدران پنجن ڏينهن جي دونهان دار بحث کانپوءِ منظور ٿي وڃي ها ته توهان جو ڪهڙو نقصان ٿي پوي ها. ڪهڙي ايڏي وڏي، دبنگ، قابل ۽ ذهين مخالف ڌُر هئي، جيڪا ايوان مان بِل جي منظوري روڪرائي وٺي ها! ان ئي اسيمبليءَ ۾ ڪيترائي ضروري بِل هڪ وڏي عرصي کان قانون بڻجڻ لاءِ فائلن ۾ تڙپي رهيا آهن، پر بلدياتي بِل لاءِ ايڏي گهڻي تڪڙ ڇو ڪئي وئي؟ ڇا توهان پنهنجي ڪنهن وڏي جي حڪميه دٻاءُ ۾ هئا يا پنهنجي ئي پارلياماني طاقت تان توهان جو ويساهه کڄي ويو هو يا ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي ويا هئا؟ ۽ پوءِ ايڏي ڦڙتي ڏيکاري بِل منظور ڪرائڻ کانپوءِ به جلسي ڪرائڻ جي ضرورت آخر ڇو پيش اچي وئي؟ ۽ ان جلسي مان ڪهڙا مقصد حاصل ٿيا؟ ڇا عوام جي غلط فهمي ختم ٿي وئي يا عوام جي باري ۾ توهان جي غط فهمي دور ٿي وئي؟ هڪ ٻي ڳالهه بنهه گهڻي ادب سان پُڇڻ چاهيان ٿو. چاليهه سال توهان ڀُٽوز جي ڇانوَ ۾ هلندا رهيا، پر اڄ به چاڪيواڙي جي ڀڳل ڀُريل ڪوارٽر ۾ پيل موسيقار ظهور خان زيبي جي تراني ”دِلان تير بِجان“ کان سواءِ جلسي ۾ ڀٽوز جي نمائندگي ٻئي ڪنهن ڪئي؟ توڙي جو جن وٽ هن وقت ڀُٽو خاندان جي فرينچائز آهي، انهن مان به ڪو ڇو نه اچي سگهيو؟ ۽ اُهي ڏينهن به ڀُٽي خاندان سان گڏ ڇو هليا ويا، جڏهن ماڻهو پنهنجي خرچ تي جلسن ۾ ايندا هئا. هاڻي پنهنجي خرچ تي بس چار اپريل ۽ 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش تائين ئي ڇو ٿا اچن؟ ڪراچي ۾ ”گهسيٽي خان“ جو حليم ٺاهڻ وارن جي دعويٰ آهي ته اهو حليم بلڪل اهو ساڳيو ئي آهي، جيڪو مغليه خاندان لاءِ گهسيٽي خان جا ابا ڏاڏا تيار ڪندا هئا. مون گهسيٽي خان جي پوٽي کان پڇيو ته، اهو ڪيئن؟ هو چوڻ لڳو ته، اسين روزانو جيڪو به حليم ٺاهيندا آهيون، ان ۾ هڪ ڪلو حليم گذريل ڏينهن جي ديڳ جو وجهي ڇڏيندا آهيون، ۽ اها روايت گذريل ٽي سئو سالن کان هلندي پئي اچي. تنهنڪري هن وقت توهان جيڪو حليم کائي رهيا آهيو، سو اُهو ئي آهي، جيڪو جهانگير، اورنگزيب ۽ بهادر شاهه ظفر کي پيش ڪيو ويندو هو. اهو دليل ٻُڌڻ کانپوءِ مون کي اڪثر موجوده پيپلز پارٽي جو خيال ايندو رهندو آهي، جنهن جو ڀُٽي خاندان جي سياست، روايت ۽ ڪارڪنن سان ايترو ئي تعلق رهجي ويو آهي، جيترو گهسيٽي خان جي حليم جو مغليه درٻار سان. انهن حالتن ۾ يوسف رضا گيلاني، سيد قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي سميت درجن کن تقرير ڪندڙ بُلٽ پروف اسڪرين جي پويان پنج پنج، ڇهه ڇهه ڪلاڪ بسن ويگنن ۾ ويهي جلسي گاهه پُهچايل، لوڊشيڊنگ کان ڪنفيوز ماڻهن ۾ آخر ڪيتري بجلي ڊوڙائي سگهيا ٿي؟! واقعي آئون سمجهڻ کان قاصر آهيان ته ايڏو مهانگو جلسو آخر هن وقت ڪنهن کي، ڇا ٻُڌائڻ لاءِ ڪيو ويو؟ جڏهن ته توهان آسانيءَ سان هڪ چونڊيل اسيمبليءَ مان بِل به منظور ڪرائي چُڪا آهيو؟ جيڪڏهن جلسي ۾ صرف نواز شريف، جي ايم سيد، رسول بخش پليجي وغيره جي شان ۾ ڪاوڙ سان ڀرپور قصيده ئي پڙهڻا هئا ته اهو ڪم ته ڪنهن به چينل جي ڪنهن به ٽاڪ شو ۾ مفت ۾ ٿي پئي سگهيو. اهو ڪم اخبارن ۾ بلدياتي قانون جي باري ۾ خاص سپليمينٽ شايع ڪرائي به ڪري سگهجي ها. جن جن تقرير ڪندڙن جلسي ۾ چُهنبياريون ڪنڊيدار آتش فشانيون ڪيون، اهو ڪم اهي پريس ڪانفرنس جي شڪل ۾ چانهه جي پيالي ۽ نمڪين بسڪيٽن جي پليٽ تي به آسانيءَ سان ڪري ٿي سگهيا ۽ جيڪڏهن توهان جي خلاف سنڌ ۾ موجوده بيچينيءَ کي پنجاب جي سياسي قيادت فنانس ڪري رهي آهي ۽ چوڙين، توَن، بينرن، نعرن ۽ ڦٽاڪن خريدڻ لاءِ پئسا به لاهور مان اچي رهيا آهن ته ڀلا توهان اهو ٻُڌائي سگهو ٿا ته، توهان جي جلسي کي ڪنهن فنانس ڪيو؟ عوامي چندي؟ پارٽي ڪارڪنن جي کيسن؟ پارٽي قيادت؟ همدرد ڪاروباري ماڻهن؟ ڪامورا شاهي يا وري سرڪاري خزاني؟ واقعي مونکي اها پرولي سلڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ته ايڏو مهانگو جلسو ڪرڻ جو مقصد ڇا هو؟ چڱو ڀلا اهو سمجهڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي ته پوءِ اهي دانشور تمغا ۽ ايوارڊ ڇو موٽائي رهيا آهن؟ اهي انعام انهن کي ضياءُ الحق يا پرويز مشرف ته نه ڏنا هئا. جيڪا عمر گهر ۾ ويهي فلسفي داني ڪرڻ جي هوندي آهي، ان عمر جا شاعر، اديب، استاد ۽ ٻين شعبن جا ماهر پاڻ کان ننڍي عمر جي ساٿين سان گڏ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر وغيره ۾ رستن تي پلي ڪارڊ کڻي ڇو بيٺا آهن؟ ان مان ڪيترا توهان جي مخالف سياسي تنظيم جا ڪارڊ هولڊر آهن؟ شايد آخري ڀيري اهڙو منظر ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڏسڻ ۾ آيو هو..... پر توهان کي پريشان ٿيڻ يا خود احتسابيءَ جي قطعي ضرورت نه آهي، اڃا تائين مختلف حلقن ۾ توهان جو گهوٽ ئي ته ڀُٽي جا موڙ سجائي اليڪشن جي ڄڃ وٺي ايندو رهيو آهي.باقي ته سڀ ”اَنهير“ ئي آهن ۽ رهي ڳالهه ماڻهن جي، ته ماڻهن جو ڇا آهي! ماڻهو ته ڄڃ جي گهوڙي جي اڳيان اڳيان اڇلايل سڪن کي ميڙڻ ۾ ئي خوش ٿيندا آيا آهن. تنهنڪري ايندڙ چونڊن کانپوءِ ڀلي توهان جي حڪومت ٺهي يا نه ٺهي، پوءِ به توهان ئي شايد سنڌ جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀرندا، ان ڪري نه ته توهان اڳ وانگر مقبول آهيو، پر ان لاءِ ته توهان جا مخالف هر قسم جي سياسي مصالحن سان ڀرپور لذيذ برياني بنائڻ جي ڪامياب ترڪيب توهان وانگر اڃا تائين سکي نه سگهيا آهن. توهان جا اڪثر مخالف پليٽ فارم جو مطلب ريلوي پليٽ فارم سمجهندا آهن.انهن جي به دل تمام گهڻو ٿي چاهي ته جوڙ ٽوڙ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، پر ان مضمون ۾ اُهي توهان جي پي ايڇ ڊي جي مقابلي ۾ اڃا تائين کُٿابي ٻار آهن. توهان جي انتخابي سياست باقاعدي سائنس آهي ۽ اُهي جذباتي شطرنج تي رڙيون دانهون ڪندڙ مُهرن کي اڳيان پويان ڪرڻ کي ئي سياست سمجهي ويٺا آهن. اُهي اڄ به ان راز کان اڄ ڄاڻ آهن ته صرف اُڀ ڦاڙ نعرا لڳائڻ سان ڦڦڙ ته مضبوط ٿي ويندا آهن پر ووٽ بئنڪ مضبوط ناهي ٿيندو. شڪر ڪريو ته توهان کي مسلسل اهڙا پيارا پيارا مخالف ميسر آهن، جن کي اڄ تائين اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اصل ۾ ڪرڻو ڇا آهي، ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇا ڇا ناهي ڪرڻو، ڪيستائين هلڻو ۽ ڪٿي بيهڻو آهي. چڱو ڀلا هاڻي ٻُڌايو ته ايڏو مهانگو جلسو ڪرڻ جي آخر هن وقت ڪهڙي ايمرجنسي پئجي ويئي هئي؟ وسعت الله خان ( روزاني ڪاوش)