چون ٿا ته هڪ دفعي وتايو فقير مٺائيءَ جي دڪان وٽان اچي گذريو، ڏٺائين ته مٺائيءَ وارو رڳو ويٺو مکيون هڪلي کائي ڪجهه به نه ٿو .... سو اچي مٺائيءَ واري جي اکين اڳيان هٿ لوڏيائين ... مٺائيءَ واري چيو فقير ڏسانٿو، انڌو ناهيان ... تنهن تي وتائي چيو ته مونکي لڳو ته انڌو آهين، ڇاڪاڻ مڻ مٺائيءَ جا آڏو اٿئي ۽ کائڻ هڪ داڻو به نصيب ۾ نه اٿئي ... دڪاندار وراڻيو ته کائيندس ته نقصان ٿيندو ... وتائي چيو تون پري ٿي ته مان ٿو توکي کائي ڏيکاريان ڀل مونکي نقصان ٿئي ... سو دوستو اهو پويان علي علي جيڪو هن دڪان تي ويٺو آهي سو ڪو دڪاندار نه پر وتائي فقير جو بين الاقوامي روح آهي، جيڪو سڀ مٺائي کائي نقصان جو ڪاٿو ڪندو ...
ادا نثار ابڙو اسلام عليڪم،ادا علي علي هي بزنس ڪٿي شروع ڪيو آهي،عرق ۾ به ميلن ملاکڙن ۾ هن قسم جا دوڪان لڳندا آهن ڇا؟ڪڏهن ٿا هلو ادا علي علي جي دوڪان جي ٻوهڻي ڪرائڻ۔ (هههههههه هههههههههههههههههه هههههههههههههههههههه) بهرحال مذاق کان علاوه جيتري سٺي تصوير اوتروئي توهان جو باڪمال تبصرو۔هڪ ٽڪٽ ۾ ٻه مزا۔ وه سائين وه۔
گذريل دفعي آيو ته اسان جي ٻنهي همراهن جا قلندر جي درگاهه تي ويندي پئسا پورا ٿي ويا، شاباس اٿن جو پنڻ بجاء محنت ڪري پورت ڪئي اٿن۔ مان سندن اهڙي ڪم جي تعريف ڪيان ٿو ، پر ٻئي همراهه جي تصوير ڪنهن ڪپڙي جي دڪان تي ڳولهجو۔
علي علي ڪا نئين شئي ڏسي ۽ ان کي سکڻ يا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري؟؟؟ اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي۔۔۔ ان موقعي تي جيڪي ٻه ماڻهو ساڻس گڏ هئا، انهن کان حوال ورتو اٿوَ؟؟؟
سائين اوهان ته سبيل ڪري هلائي پر جن کي مليو ڪو نه انهن مڃيو ڪو نه،سو ٻئي واري سنگت جي سار ضرور لهجو سنگت کي مايوس نه ڪجو۔الله سائين اڃان گنج ڏيو ته اڇي مٺائي جي سبيل به لڳايو
سائين نثآر واري ڳالهه ته دل سان لڳي سو فيصد سچ ڇيو آهي سائين پر ان هوندي به اصل ڳالهه جي کل سيلمان ڪري وڌي ڏاڍو ڪو ڏنگو آهي خير مهل به مردن تي ايندي آهي سو اسان وري وڏي ايڊمن جا کيسا خالي هئا مان به ان جي آسري سيوهڻ پهتس متان مست جا کيسا ته اڳي ئي الست لڳا پيا ها سو اسان به وڃي وتائي فقير جي ڳالهه وانگر مٺائي ڏسي وات پاڻي پاڻِ ٿي پيو ۽ ٻه ڪلو مٺائي کائي وياسي جڏنهن پيسن جو وارو آيو ته پيسا ته نه رشيد وٽ نه مون وٽ نه مست وٽ سو ابا اانهن ٻنهي کي سيوهڻ جي سنهي گهٽين جو اتو پتو معلوم هو باقي فاٿو ويچارو علي سو جيڪو ان سان مٺائي واري حال ڪيو اوهان جي سامهون آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔سو رشيد جي آسري تي ڪڏنهن نه لڳجو مست ته آهي ئي الست ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههههههههههههه
واھ علي واھ ! اوھان به شاندار آھيون ڪڏھن گڏھ تي ڏٺوسين ته ڪڏھن مٺائي جي ٺيھي تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههههههههههههههههه
ابا عاشق ڪهڙا خال بري ڪهڙا خال ڀريون اسان ته اهي خال ڀري ڀري جهونا ٿي وياسي پر اهي ڀرجڻ جو نالو ئي نٿا کڻن سو انهن کي ائين ئي رهڻ ڏي ابا ههههههههههههههههههههه
ها ته سائين پوءِ وري ڪڏهن ٿا اچو سيوهڻ۔۔۔انهيءَ دڪان واري جو حساب ڪتاب اوهان ڏي رهيل آهي۔۔۔ ڏاڍو ٿو اوهان کي ياد ڪري۔۔۔ ههههههههه بهرحال هڪ ڳالهه جو هو اعتراف ڪري ٿو ته ان جهوني فقير منهنجي دڪان جي مٺائي جي سيل وڌرائي ڇڏي آهي، سنڌ سلامت تي ڦوٽو اچڻ جي ڪري سندس مٺائيءَ جو دڪان ڏيهان پرڏيهه مشهور ٿي ويو آهي۔۔۔۔۔
ابا مست باقي اوڌر جو منهن هاڻي تون ڏي اسان توبه ڪئي ابا ان جيڪو گرمي م لوڙآيو اها مون کي خبر آ بابا اصل ڳاله نه پڇ