سدائين سفر ۾، صدا امتحان ۾!

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويد حسين طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2012۔

  1. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪمال جي رسم نڪتي آهي، سنڌ جا اهل دانش، حڪمرانن پاران ڏنل تحسين جا تمغا ايئن موٽائي رهيا آهن جيئن راءِ ڏياچ واعدو نڀائيندي سر ڪٽرايو هو، جيئن منصور اناالحق جي نعري جي گونج واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، جيئن مخدوم بلاول گهاڻي کي محبوب سمجهيو ۽ ارغونن کي غدار ۽ ديس جو دشمن، جيئن سورهيه بادشاهه 12 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجن وڏڙن کي مليل انگريزن جا آفرين ناما ڦاڙي سندن منهن تي هنيا هئا، جيئن روپي ڪولهي ڌرتيءَ لاءِ ويڙهاند عيوض ڦاهي جي ڦندي تي موت قبوليو، جيئن سائين جي ايم سيد سميت سنڌ جي انيڪ هستين صرف ۽ صرف سنڌ جي عشق ۾ جيل ڪمايو ۽ جيئن قربان سرائي، روپلي ۽ ٻين جام شهادت پيتو. سنڌ جي درويش صفت تمام وڏي ڏاهي علي بابا، مشرف کي ايوارڊ منهن تي هنيو هو، سبب سنڌ ئي هئي پر ان کان وڌيڪ ڪمال سائين عطا محمد ڀنڀرو ڪيو. جنهن موجوده حڪومت جو آفرين نامو ٺڪرائي ڇڏيو، سبب وري به سنڌ هئي. اهو سلسلو اتي ئي نه کُٽو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لاڙڪاڻي مان رڙ ڪئي ته آءُ تحقيق تي مليل صدارتي ايوارڊ واپس ٿو ڪيان ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽيءَ لوڪل باڊيز وارو بل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. سنڌ جي اتر مان اها ارڏائپ اڃان پڙاڏي ۾ ئي هئي ته انهي سنڌ جي لاڙ مان مريم مجيديءَ جو آواز گونجيو. هن به سنڌ ۾ وڏا شهر انتظامي طور ڌارين حوالي ڪرڻ واري قانون تي احتجاج ڪندي، صدارتي ايوارڊ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي پر شفيع ڄاموٽ به ساڳيو انڪار ڪيو ۽ سونهن ڏسو، سبب وري به سنڌ هئي! هي ٿئي ڇا پيو؟ فيض صاحب چواڻي، ’چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سر اٺا ڪي چلي!‘ سنڌ جا اهلِ علم ۽ دانش، حڪمرانن کي اهڙو شاندار جواب ڏين پيا جو آئنده هن ملڪ جا حڪمران پنهنجا آفرين ناما پاڻ ۾ ئي ورهائي کڻندا. علي بابا، عطا محمد ڀنڀرو، در محمد پٺاڻ، آپا مريم مجيدي، شفيع ڄاموٽ جو آفرين ناما ٺڪرائڻ شايد حڪمرانن کي ڪا عام ڳالهه لڳي پر سنڌ جي تواريخ ۾ دودو ۽ چنيسر ڌار ڌار سڃاڻپ ۾ ايندا آهن ۽ جيڪي انهن جي پيرن تي اڄ هليا آهن اهي به تواريخ ۾ پنهنجو انجام ۽ جڳهه سڃاڻي ڇڏين. مريم مجيدي تي ڀلي دهشتگردي ڪورٽ ۾ ڪيس حڪمران درج ڪن، پر سنڌ جي اهل علم جي گونج اها آهي ته ’اسان جيئن به ڪوئي جيئي هن جهان ۾، سدائين سفر ۾، صدا امتحان ۾!‘


    سهيل ميمڻ/اسلام آباد (ڪاوش نيوز پيپر2012۔10۔20)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو