• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيدوراباڪس

جاويد حسين

سينيئر رڪن
  • الطاف حسين 18 ڪروڙ، نواز شريف 35، محمد خان جوڻيجي 25،جتوئي 50 ۽ پاڳاري 20 لک ورتا ورتا

    ڪراچي (عوامي آواز نيوز) آءِ ايس آءِ ۽ فوج کان پئسا وٺڻ وارن ۾ ن ليگ سربراهه نواز شريف، جماعت اسلامي، پ پ اڳواڻ سيده عابده حسين، متحده جو سربراهه اطلاف حسين، پير پاڳارو، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻيا سياستدان شامل آهن. آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل اسد دراني جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان موجب يونس حبيب 14 ڪروڙ جمع ڪرايا. سعودي عرب جي شهزادي نائف بن عبدالعزيز سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمود اي هارون وسيلي رقم اماڻي. پنجاب ۾ليفٽيننٽ جنرل رفاقت کي 56 لک رپيا، جماعت اسلامي کي 50 لک، ن ليگ سربراهه نواز شريف کي 35 لک، سيده عابده حسين کي 10 لک، الطاف حسين قريشي 5 لک، مصطفيٰ صادق 5 لک ۽ پنجاب جي ننڍن گروپن کي 33 لک رپيا ڏنا ويا. سنڌ ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي کي 50 لک، ڄام صادق علي کي 50 لک رپيا، اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي 25 لک، شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري کي 20 لک، مولانا صلاح الدين 3 لک، ننڍين پارٽين کي 33 لک رپيا ڏنا ويا. اسد دراني بيان ۾ چيو ته سرحد (خيبر پختون خواهه) ۾ مير افضل خان کي هڪ ڪروڙ رپيا، بلوچستان ۾ همايون مري کي 15 لک، ظفر الله جمالي 40 لک، ڪاڪڙ 10 لک، ڄام يوسف 20 لک، بزنجو 5 لک ۽ نصير مينگل کي 10 لک رپيا ڏنا ويا. هڪ اردو اخبار جي رپورٽ موجب بيننظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب ڪرڻ ۽ آرمي چيف جنرل اسلم بيگ جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين کي فوج 18 ڪروڙ رپيا ۽ 20 سوزوڪي گاڏيون ڏنيون. اهي گاڏيون سرحد موٽرز کان خريد ڪري ڏنيون ويون. بي اعتمادي جي رٿ ۾ متحده جي 13 ووٽن لاءِ 14 ڪروڙ ۽ اسلم بيگ جي مدي ۾ واڌ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. اها رقم يونس حبيب وسيلي الطاف حسين کي ڏني وئي. هڪ ٻي رپورٽ موجب ميجر ڪياني وسيلي ن ليگي اڳواڻ سرتاج عزيز جي پٽ عدنان سرتاج، جماعت اسلامي اڳواڻ لياقت بلوچ کي 15 لک، شريف خاندان جي اتفاق فائونڊري کي 2 ڪروڙ رپيا، پ پ اڳواڻ نادر مگسي کي 10 لک، ن ليگ اڳواڻ لياقت جتوئي کي 10 لک، متحده سربراهه الطاف حسين کي 2 ڪروڙ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جاويد هاشمي کي 30 لک، ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد کي 50 لک، چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين الدين جي ابراهيم کي وڪالت ڪرڻ جي في جا 5 لک رپيا ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ، ڄام معشوق علي ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن کي به رقم ڏني وئي.

    سلم بيگ ۽ اسد دراني تي بغاوت ڪيس هلي سگهي ٿو، فيصلو صدر زرداري لاءِ به اهم آهي: آئيني ماهر

    صدر آصف ۽ گيلاني تي به يونس حبيب کان رقم وٺڻ جا الزام

    ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻو بئنڪار يونس حبيب 90ع واري ڏهاڪي ۾ اقتدار ڌڻين جي تمام ويجهو هو نه رڳو نواز شريف پر صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي به يونس حبيب کان رقم وٺڻ جا الزام آهن. پ پ اڳواڻن کي رقم حبيب بئنڪ نه پر مهراڻ بئنڪ مان ڏني وئي. رپورٽ موجب يونس حبيب مهراڻ بئنڪ وسيلي 21 ارب رپيا هڙپ ڪيا. رپورٽ موجب بينظير ڀٽو جي ٻي حڪومت ۾ يونس حبيب آصف علي زرداري کي 5 ڪروڙ، آفتاب شير پائو کي 11 ڪروڙ، اڳوڻي صدر فاروق لغاري کي سستو زرعي فارم گروي رکي اڍائي ڪروڙ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي 4 ڪروڙ رپيا قرض طور ڏنا.

    عابده حسين ۽ آفاق احمد رقم وٺڻ جو اعتراف ڪري چڪا

    ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڪثر سياستدانن ته فوج ۽ آءِ ايس آءِ کان پئسا وٺڻ جي ترديد ڪئي آهي پر سيده عابده حسين ۽ حقيقي اڳواڻ آفاق احمد رقم وٺڻ جو اعتراف ڪري چڪا آهن. ان وقت جي مسلم ليگي ۽ هاڻوڪي پ پ اڳواڻ سيده عابده حسين ڪجهه مهينا اڳ هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو هو ته مون آءِ جي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جا 50 لک رپيا ورتا هئا. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم حقيقي جو سربراهه آفاق احمد صحافين آڏو اعتراف ڪري چڪو آهي ته آءِ ايس آءِ وارن الطاف حسين کي رقم ڏني هئي ۽ ان موقعي تي آئون پاڻ به موجود هيس
 
Back
Top