مائڪر سافٽ ورڊ 10 جي هڪڙي ئي ڊاڪيومينٽ ۾ جي مختلف صفحا نمبر لڳائڻا آهن سي ته مون کي معلوم آهن پر هڪڙي مسئلو حل نه ٿو ٿئي ته جي صفحن جي نمبرنگ ڊاڪيومينٽ جي 3 نمبر صفحي کان ڪرڻي آهي ۽ ان کي 1 نمبر ڏيڻو آهي ته اها سيٽنگ ڪيئن ٿيندي.جي ڪنهن دوست کي معلوم هجي ته منهنجي رهنمائي فرمائي ته سندس تمام گھڻو شڪر گذار رهندس.
طريقي ڪار کي غور سان پڙهندا ۽ عمل ڪندا ويندا ۔۔۔ سڀ کان پهريان ڪرسر کي صفحي نمبر 2 تي رکو۔۔۔ هاڻي Page Layout ٽولبار جي ربن منجهان Page Setup سيڪشن تي اچو ۽ Breaks تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ کلندڙ مينو منجهان Section Breaks تان Next page چونڊيو۔۔۔ هاڻي جانچ ڪريو ته توهان صفحا نمبر ٽي تي هوندو ٻي صورت ۾ 3 نمبر پيج تي اچو ۽ هيڊر واري جاءِ تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ Edit Headerتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هيڊر ۾ ئي رهندي مٿي ربن تان نيويگيشن سيڪشن منجهان Link to Previous تي ڪلڪ ڪري ان کي غير فعال ڪريو ۽ ربن تان هيڊر ۽ فوٽر سيڪشن مان ئي پيج نمبر انسرٽ ڪريو۔۔۔ پيج نمبر کي هڪ نمبر تان شروع ڪرڻ لاءِ انسرٽ پيج نمبر مينون منجهان ئي فارميٽ پيج نمبر چونڊيو ۽ کلندڙ ونڊو مان اسٽارٽ ايٽ خاني ۾ 1 چونڊي اوڪي پريس ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان جي مرضي مطابق پيج نمبرنگ صفحي نمبر 3 کان شروع ٿي ويندي۔۔۔ اميد ته ڳالهه سمجهي ويا هوندو ۔۔۔ جي نه ته حاضر آهي يوٽيوب وڊيو (جي ڪنهن به طرح هلائي سگهو ته) جي اڃان به پريشاني هجي ته هتي ڪلڪ ڪري سيمپل فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
ذيشان صاحب وڏي مهرباني.منهنجو اهو مسئلو حل ٿي ويو.هڪڙو مسئلو هي آهي ته مون پنهنجي لکيل اڻ ڇپيل ڪتاب There are only Eleven Words in English کيlulu.comتي اپلوڊ ڪيوآهي.جنهن کي هو اي بڪ تور مارڪيٽ ڪندا،هنن جو چوڻ آهي ته ان ڪتاب جي فائيل مان آئون کين ٽيڪسٽ باڪسز هٽائي ڏيان ته جيئن هو ان کي اي بڪ فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگھن.هاڻي مون وٽ ٽيڪسٽ باڪسز جو تصور واضح نه آهي تنهنڪري مهرباني ڪري اهو مون کي سمجھائيندا۔مهرباني
مون کي لڳي ڪون ٿو ته ان فائيل ۾ ڪي ٽيڪسٽ باڪسز آهن سواءِ هڪ ٽيبل جي.ڇا اها به ٽيڪسٽ باڪس آهي.مون ڪوشش ڪئي ته هتي ان فائيل کي اپلوڊ ڪريان پر اپ لوڊ نه پيو ٿي سگھي.