
غزل: مرتضى شيخ
رات جي ويڙهي چادر ستارا سمهيا،
پاڻ ۾ پائي ڀاڪر ستارا سمهيا.
چنڊ جون سڀ چميون تنهنجي ماٿي سجيون،
منجھه ڇاتيءَ جي آڳر ستارا سمهيا.
وار آلا ڇنڊيئي پل نه پوءِ سانوري،
چاندني، موجون، ساگر ، ستارا سمهيا.
ڀنئور، پوپٽ، نظارا ۽ گل ڦل سمهيا،
تون به ڙي سمهه او ! شاعر ستارا سمهيا.
رات جو رقص هو تون نه آئين ته پوءِ،
ياد جي پائي جانجھر ستارا سمهيا.