جڏھن بت ئي چوي ڪافرعبدالوهاب سهتي جي ڪھاڻي-ڪتاب جو مھاڳروشن علي تنيو ’ڪھاڻي‘ نالو آهي ان حقيقت جو، جا ڪن ڪردارن جي چرپر پٺيان واقعي يا واردات جي صورت وٺي پيدا ٿي پئي ٿي. هن حقيقت جو عملي پھلو آهي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ. اهو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، تڏهن کان شروع ٿيل ٿو ڀانئجي، جڏهن کان ڌرتيءَ جي گولي تي پيدا ٿيل انسان کي زبان ملي ۽ هن ڳالھائڻ جو ڏانءُ سکي ورتو. اهو ڏانءُ ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انساني جيوت جو داستان. اسان پنھنجي زباني لفظن ۾، ڪھاڻيءَ کي ”ڳالهه“ چئي، ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا، آيا آهيون. اسان جي معاشرتي زندگيءَ ۾، لفظ ڳالهه، وزنائتي حيثيت والاريون بيٺو آهي. ”فلاڻو خان، ڳالهه وارو جوان آهي!“ ”فلاڻي، واهه جو ڳالهه وهاري ڇڏي!!....“ ”هن لوسيءَ ۾ غيرت واري ڳالهه ئي ڪانھي!....“ ”مڙسن جون پيون ڳالھيون ڳائجن....“ ”امان ڳالهه کڻي ٻڌاءِ .....“ اهڙا ڪيئي محاورا، ڳالهه جي اهميت کي کنيو بيٺا آهن. سياري جون راتيون، مَنَھَنِ ۽ لانڍين ۾ باهين جا ٻرندڙ مچ، ڪچھرين جا ڪوڏيا ۽ ڳالھين جا ڳَھير، اسان جي تھذيبي زندگيءَ جا اڻ مٽ نشان آهن. اسان جا ٻار اڄ به تڏهن ننڊ سان ڀاڪرئين پوندا آهن، جڏهن ابو امان يا ناني ماسي، کين ڳالهه کڻي ٻڌائيندي آهي. اها ئي ڳالهه پرديسي قصن سان گڏ، ديسي داستان روان دوان رکيون، پنھنجي سيني ۾ سسئيءَ جا سور، دودي جي دليري، مارئيءَ جو ست سمايون، وقت جي آڌار سان، هر ماحول ۾ مھاڏو اٽڪايون، ڪاڪ محل ۾ راڻي سان روح رچايون، پنھنجي هيئت، شڪل ۽ صورت، سنواريون هن وقت اسان وٽ ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ زنده سلامت آهي. غور ڪبو ته آس پاس جي ڪا به شيءِ، ڪھاڻيءَ کان خالي پيل نظر ڪا نه ايندي. هر وَٿُ، پنھنجي پٺيان ڪانه ڪا ڳالهه ضرور موجود رکيون ويٺي آهي، پوءِ اها ڇو نه، موهوم صورت ۾ بکندڙ ئي هجي. مان جي ليکڪ آهيان ته، پاڻ ۾ ڳالهه جا انبار پيل محسوس پيو ڪريان. لکڻ ٿو لڳان ته هر چيز کي چرندي ٿو ڏسان ..... درياهه بند ٿو ڀڃي، سمندر سراسر شور بڻجي ٿو پئي. هواءِ سُسُ پُسُ ڪرڻ ٿي لڳي، وڻراههِ روئڻھارڪي ٿي ٿي وڃي، وايو منڊل ۾ طوفاني اهڃاڻ اڀري ٿا اچن، باهَه ڀڙڪو ٿي کائي، ڀتين ۾ ڪن ٿا پون ته دروازا دانھون ڪرڻ ٿا لڳن، اڃا به دليون نه ڌڙڪن؟ اڃا به ڪھاڻيون نه لکجن؟ ڪائنات جامد نه آهي. هر چيز چرپر رکي ٿي يا چرپر جي نتيجي ۾ خاموشي اختيار ڪري ٿي. پٿر کي ڌڪ هڻبو، ٽُڙي ته پوندو، پر دانھن ڪرڻ کان پوءِ .... اهڙين دانھن جو ئي نالو ڪھاڻي آهي. اها ئي ڪھاڻي، اسان جي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هن وقت سوچ به آهي ته سچ به، سونھن به آهي ته سرور به، سک به آهي ته ڏکن ڀريا ڏونگر به..... اسان جي ڪھاڻي، اسان جي ماحول ۾ مناسب ڪردار جهليو، معاشري جي اوڻائين کي اڳ ۾ ڪيون بيٺي آهي. هيءَ واقعاتي ڪھاڻي آهي، جنھن کي دنيا جي عظيم ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ بنا هٻڪ رکي سگهجي ٿو. افسوس رڳو اهو ڪري سگهجي ٿو ته، هن ادب جو اهو اديب، جنھن کي دنيا جي وڏين زبانن تي دسترس حاصل آهي، تنھن هن ڪھاڻيءَ کي بين الاقوامي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. اهڙو عمل جي ٿيو آهي ته تمام ٿورڙو، سو به انفرادي ۽ ذاتي بنيادن کي خوش ڪرڻ خاطر. اها فرض جي ڪوتاهي سمجهڻ گهرجي. سنڌي ڪھاڻيءَ سان ٻيا به ڪيترائي المناڪ حادثا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، جن جو ذڪر هن مختصر صفحن اندر ڪري نٿو سگهجي. البت هيترو چوڻ به ضروري ٿو سمجهجي ته اڄ جي ڪمرشل ذهن، ڪمرشل لکڻين ۽ ترجمن کي اوليت ڏئي، پڙهندڙن جي وڏي انگ کي گمراهه ڪري، سنڌي ڪھاڻيءَ کي تمام وڏو ڇيھو رسايو آهي. اهو عمل ناقابلِ معافي گناهه آهي، جنھن جي سزا اهڙن گنھگارن کي ايندڙ وقت ۾ ملڻ کپي. هن وقت سنڌي ڪھاڻي سست رفتاريءَ سان لکجي رهي آهي. پرواهه ناهي، اها رفتار تيز ٿي ويندي، حالتون سدائين هڪ-ڪَريون ناهن رهنديون، همت افزائي ۽ قدر شناسائيءَ جي ضرورت آهي. هيءُ ڪتاب، ”جڏهن بُت ئي چوي ڪافر“ ڏهن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. محترم وهاب سَھتي جو هڪ ڪتاب ”هراس“ (ڪھاڻيون) اڳ ۾ به اچي چڪو آهي. ڪجهه ڪھاڻيون پڙهيون ويون آهن؛ قلم پختگيءَ سان حقيقتن پٺيان ڊوڙيل نظر آيو آهي. يقين آهي ته ڏهه ئي ڪھاڻيون بوقلموني ۽ الف ليلوي تاثرات کان پري هونديون. ائين نه هوندو جو موصوف لکڻ واري ميز اڳيان ويھي ڪھاڻيون گهڙي ورتيون هجن ۽ پڙهڻ کان پوءِ اُهي ڪتابي ٽڪرا پيون معلوم ٿين...... يا ورجايل پيرائون، چوري ٿيل پلاٽ، دهرايل جملا پاروٿا ٿي ويل ڪردار، فلمن جا ڏٺل منظر، ڊرامن جا ڊراپ ٿيل سين وغيره پيا معلوم ٿين...... هونئن ته هر ڪھاڻي، پنھنجي معاشرتي مسئلي سان تعلق رکي ٿي پر عنواني ڪھاڻي، هڪ ڀرپور مسئلي واري ۽ ڏاڍي مزيدار آهي. مصنف جي لکڻ جو مخصوص انداز، لفطن جي جوڙجڪ، اسلوب ۽ زبان جي رواني؛ ”ننڊ مان ته جيئن تيئن اٿيس، پر چپل جو هڪ پادر پير ۾ لڳو ته ٻيو لڳو ئي نه. ان کي ڳولڻ لاءِ واندي پير کي فرش تي گهمائڻ لڳس. هوڏانھن لوهي دروازي تي مسلسل ٺڪ ٺڪ لڳي پئي هئي.....“ هي محاورا زبان جي سونھن آهن. ”ڪانءُ هليو مور جي ٽور، نه رهيو ڪانءُ نه مور.......“ ”دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي.....“ ڊائلاگ اصلي، سچا پچا، ”سٽڪو پٽينس.“ ”هل ڙي! گڏهه جا پٽ ڀيڻھان.“ ”پڻھين جو هن کي سٽڪو پٽيان، نڪر ته هڻانءِ نه جوتا.....“ ”سٽڪو“ ممتو کدڙي جي، کدڙائي زبان جو لفظ آهي. ”ٺمڪو“، ”ڌڪڙو“ وغيره به ان ماحول ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ آهن، جنھن ماحول ۾ هيءَ ڪھاڻي آهي. هي جملو گھري معنى ٿو رکي، ”پٺاڻ پٺاڻ کي نه سھي“، بلڪ اهڙيءَ طرح، جھڙيءَ طرح چيو ويندو آهي ته ”فلاڻو، فلاڻي جي قبر، پري کان سڃاڻي“. ڪردارن ۾ ”حاجي صاحب“، اڄ ڪلهه زماني ڀر جو خوار خراب ڪردار آهي. ”ممتو“ آهي، ”ٻٽي ڌنڌي“ وارو ماڻھو. هونئن هيءَ دلالي ۽ ڌنڌو رڳو کدڙا نه، پر چڱا ڀلا فرد ٻانھون هڻي ڪري رهيا آهن. ڪھاڻي اُتِ ڇرڪ ٿي ڀرائي جت، بُت چئي ٿو ”ڪافر“. تشبيھه صحيح آهي يا غلط، پر راويءَ کي ڪافر هجڻ جي سند ضروري ملي وڃي ٿي، اهو ڪھاڻيءَ جو عروج آهي. ڪھاڻيءَ جو ڀرپور مسئلو، قديم ترين، جسم فروشيءَ جو بين الاقوامي مسئلو آهي، جو هن وقت اسان جي سماجي ڍانڍي ۾ ناسور جي شڪل اختيار ڪري لاعلاج مرض بڻجي چڪو آهي. اسان جي معاشرت جي اڏاوت ۾ جيئن ته قبائلي اثرات موجود آهن. اسان جي مذهب، زندگي گذارڻ جا طور طريقا، اصول ۽ قاعدا متعين ڪري ڇڏيا آهن. ان ڪري اهو ڌنڌو نه رڳو ممنوع آهي پر سخت ترين سزا لائق به...... اهڙين حالتن هيٺ، اهڙو ميل ميلاپ واجب القتل ٿيو وڃي. اهو ڌنڌو اسان جا اخلاقي قدر به ضايع ڪري ٿو ڇڏي. سھتي صاحب هن مسئلي جي ڪھاڻيءَ جي ذريعي اپٽار ڪري، فرض ادائي پوري ڪري ورتي آهي. ماضيءَ ۾ اهي پرائيويٽ ”ٿاڪ ۽ اڏا“ شھري آباديءَ اندر هوندا ئي ڪو نه هئا. اهو ناسور چڪلي جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍيل هوندو هو، جت ڇڙا ڇانڊ ۽ علتي ڪردار وڃي جک ماريندا ۽ ”علت“ پوري ڪندا هئا. کدڙن جي مڙهي اڃا به الڳ هوندي هئي. جک ماريندڙ ڪردارن کي ”چڪلائي“ سڏبو هو. اهو لفظ ان وقت جي بدترين گار هوندو هو. لاڙڪاڻي جي چڪلي جو نالو هوندو هو، ”ڳاڙهي بازار“. ايوب خان جي حڪومت چڪلن تي بندش وڌي ته، دانشمندن رڙ ڪئي؛ ”اڙي اهي علتي ڪردار، بدڪاري کڻي، شھري آبادي ۽ شريف پاڙن ۾ گهڙي ايندا، معاشرو ان وبا جي لپيٽ کان پاڻ بچائي نه سگهندو.....“ ٿيو به ائين ئي آهي، لفظ ”پرائيويٽ“ بعد جي پيداوار آهي. هن وقت هر گهٽي، هر چونڪ، هر بازار ۾ ”ڳاڙهي بازار“ گهمندي (ٺمڪا هڻندي) نظر اچي رهي آهي. حاجي صاحب ۽ ممتوءَ جھڙا ڪردار گُهٽڻ کپن، اهي اڃا به طاقتور ٿيا ته پوءِ .....؟! عمر حيوان ٿي ويندو، مارئيءَ جو ست به سلامت نه رهندو. سسئيءَ جا سور ”ايل پنھوار“ جھڙن مِرن جو شڪار ٿي ويندا، دودي جي دليري وئي ته ٻاگهل ٻائيءَ کي خلجي خان، خلوت گاهه جو داڻو بنائي ڇڏيندو .....!!؟!! 1992-09-22 يارو ديرو
انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي روزمره جي واقعن، ڏکن، سورن، صدمن تي ٻڌل آهن ۽ سندس ڪردار به اسان جي آس پاس نظر اچن ٿا۔