ساگر خاصخيلي۔۔ اداسي خالي ويڙهي جي اکين تي ڪيئن ڀلا رکجي هوا جي بيقراري کي هيئين تي ڪيئن ڀلا سٿجي، اڱڻ جي جهولي ۾ نم جو ڇڻي پيو پور جوڀن ايئن سنڀارن جي تکي اُس ۾ سڙي آ پينگهه تو بن جيئن، اڃان ويران چونئري ۾ سمهي ٿو چنڊ آڌيڀ جو گڏيء جي بدن تي جوڙو اڃان آ ساڳيو شاديء جو، ڀڙي جي گود ۾ سڏڪن سليٽي پين جا ٽڪرا نظم ڪي فيض جا وسريل اسان جي چين جا ٽڪرا، اکين کي پاڻ ڏانهن تاڻي ڀتين تي مصوري تنهنجي عمر کا هيتري اڳتي غضب جي تصوري تنهنجي، لهي پيو باز ڏهري تي اڏن پيون وانجهه تان آڙيون تلاء هن پار هڪ پارس پن گهٽ تي ب پاڻهياريون، اُڳي پيو سج ساگا تان ڀٽن کان باک پئي وڇڙي ويڙهي پئي هنڏ ڪا وينگس رليء ۾ رات پئي مهڪي، وڄي پئي ڇير پورب کان سڙڪ تان ڳهر پئي گذري نديء جي سينڌ تان نينگر صبح جي پهر پئي گذري، موڙ مان واٽڙي سنهڙي ٽ ري پئي پار پڇم جي ڪچو آڙنگ اُتي اُڇلي رََسي هوء نيٺ رمجهم تي، ٻڌون ٿا راند پپڙيء کان وڏي ٿي هاڻ هوء وئي آ ٻاوتڻ سان ٻڌي ٽوڙي وڏي ڇڪ تاڻ ٿي وئي آ، ڊوهي جي لام جا ساري سنيها تون صبا چئجان پچي ويا ڇوڪري آهن رتا پيرون پڪا چئجان، ويراني ڀيڻي جي بت کي سري وانگي پئي کائي پراڻي پينگهه جي هنج ۾ سگري پئي کڏي ٺاهي، جواني هاڻ جارن جي پيري ڏانهن موٽ پئي کائي هلڻ مان ڌوڙ پئي اڏري پاري ب ڦوٽ پئي کائي، اسان جي عشق جيئن اجڙي وئي آ ڪاڪ واهڻ جي ڏيئو چئو ڪيئن ڀلا ٻاري سوا تو رات واهڻ جي، وڇايل انتظاري آ اکين ۾ ڪنهن فراسي جيئن اُڀين پيرين آهي بيٺي اسان جي دل داسيء جيئن، صحرا جي مزاجن جيئن اسان ۾ تون رهي آهين ڪڏهن اپريل جي اُڻ تُڻ ء ڊسمبر جيئن ٺري آهين، اسان جو نيهن اڃان تائين پڪي وشواس جيئن آهي اوهان جي سار ساهن ۾ وُٺي جي واسََ جيئن آهي، مينهوڳي مُُند چنري جيئن پئي آڪاش ۾ اُڏري ڇمر جي بيوسي وانگي ننگر تي بي جپي برسي، اُتر جي هير ويڙهي مان اُداسي کي اُڏاري پئي لڳي ٿو تون اچين پيئي هوا ڀيڻي ٻهاري پئي، لاريء مان تون جيئن لهنديئين ڳراٺي ڳوٺ پائيندو جواني تنهنجي سان جڙجي وري ڪا چوٽ کائيندو، سهيلي ڪا جڏهن تنهنجا ڊگها گيسو سنواريندي پاڙِي جي ڪا ڪِِڪِي توُ ڏي ٿورو مرڪي نهاريندي، يڪا يڪ پوء اِِهو پورو منظر ئي مِِٽي ويندو لوڙهي تان ڪو ليئو پائي ٿورو ترسي هََٽي ويندو، پوء تون پنهنجي ماضي ء ۾ ٿوري تائين ٻُُڏي وينديئين اُتي هوندي اُتان پرتي ٿوري تائين اُڏي وينديئين، تنهان پُوء سکيون تنهنجيون شهر بابت توکان پُڇنديون بجليء جي وڃڻ کان پُوء قهر بابت تو کان پُڇنديون، هلندڙ ڳالهه جي وِِچ ۾ وڏڙي ڪا اچي ويندي گلابي ڳل تنهنجي تي چُمي هڪڙِ چِٽي ڏيندي، کجي جي واڻ جي کٽ تي پيرانديئين کان رلي رکندي پيپر ڪاٽن پُوڙهي ڇُهندي ڇُوري هڪڙي کلي پوندي، لهندڙ سج جي لمحي سُهاڳڻ ڪا اچي توتان شهر جي لاڻ لاهيندي توتان ڇڪتاڻ لاهيندي، اُداسي پُوء ويڙهي مان هميشا لئ هلي ويندي ها هميشا لئ هلي ويندي۔۔۔