محمد عليم سومرو
سينيئر رڪن
ناشاد سمون
سج ڪرڻن ڪڏهن ڪنهن کان
دين ڌرم ناهي پڇيو
چنڊ جي مڌم روشني
ڪڏهن ڪنهن کان دين ڌرم ناهي پڇيو
بادلن برسڻ کان اڳ
ڪڏهن ڪنهن کان دين ڌرم ناهي پڇيو
هوا ڪڏهن ڪنهن کان ناهي پڇيو ت
منهنجي جھونڪن ۾ ساه کڻندڙ
ڪهڙي مذهب جا ساهوارا آهن
مٽي مهڪ ورهاءڻ کان اڳ
ڪڏهن دين ڌرم ناهي پڇيو !
ڌرتي پنهنجي وجود ۾دفن ٿيندڙ
ڪنهن ب مردي کان
دين ڌرم جو سرٽيفڪيٽ ناهي ورتو
وڻ ٿڌي ڇانوري هيٺ ٿڪ ڀــڃندڙ
مسافر کان ڪڏهن دين ڌرم ناهر پڇيو!
گلن ڪنهنجي زلفن جي زينت ٿيڻ
ڪنهنجي گلي جي هار ٿيڻ
يا پراڻي قبر تي نڇاور ٿيڻ مهل
ڪڏهن دين ڌرم ناهي پڇيو
پوءاي منهنجا دوست
هي انسان ڇو ؟
ڪنهن معصوم اڃاري ٻارڙي کي
پاڻي جو گلاس ڏيڻ کان اڳ
دين ڌرم پڇن ٿا !!!!!!!!!!!!!!!!
سج ڪرڻن ڪڏهن ڪنهن کان
دين ڌرم ناهي پڇيو
چنڊ جي مڌم روشني
ڪڏهن ڪنهن کان دين ڌرم ناهي پڇيو
بادلن برسڻ کان اڳ
ڪڏهن ڪنهن کان دين ڌرم ناهي پڇيو
هوا ڪڏهن ڪنهن کان ناهي پڇيو ت
منهنجي جھونڪن ۾ ساه کڻندڙ
ڪهڙي مذهب جا ساهوارا آهن
مٽي مهڪ ورهاءڻ کان اڳ
ڪڏهن دين ڌرم ناهي پڇيو !
ڌرتي پنهنجي وجود ۾دفن ٿيندڙ
ڪنهن ب مردي کان
دين ڌرم جو سرٽيفڪيٽ ناهي ورتو
وڻ ٿڌي ڇانوري هيٺ ٿڪ ڀــڃندڙ
مسافر کان ڪڏهن دين ڌرم ناهر پڇيو!
گلن ڪنهنجي زلفن جي زينت ٿيڻ
ڪنهنجي گلي جي هار ٿيڻ
يا پراڻي قبر تي نڇاور ٿيڻ مهل
ڪڏهن دين ڌرم ناهي پڇيو
پوءاي منهنجا دوست
هي انسان ڇو ؟
ڪنهن معصوم اڃاري ٻارڙي کي
پاڻي جو گلاس ڏيڻ کان اڳ
دين ڌرم پڇن ٿا !!!!!!!!!!!!!!!!