آنلائين فائيلز ان زپ ڪيئن ڪجن۔۔۔۔

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪو اهڙو وقت به ايندو آهي جڏهن توهان زپ يا رار فائيلز کي ان زپ ڪرڻ چاهيندا آهيو۽ توهان وٽ Winrar يا اهڙي قسم جو سافٽويئر نه هوندو آهي جنهن جي ذريعي فائيلز کي ان زپ ڪري سگهو۔۔۔۔ اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان ڪنهن دوست جو ڪمپيوٽر استعمال ڪندا هجو۔۔۔ ۽ صورتحال اهڙي هوندي آهي جو توهان پنهنجي سسٽم ۾ اهڙو ڪوبه سافٽويئر به ان ڪري نه ٿا رکڻ چاهيو ته اڪثر ڊائون لوڊ ڪيل رار يا زپ فائيلز ۾ exe/dll فائيلز ٿينديون آهن جن ۾ وائرس هجڻ جو انديشو گهڻو هوندو آهي۔۔۔
    اهڙي صورتحال ۾ گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته انٽرنيٽ تي Wobzip نالي اهڙي سروس موجود آهي جتي توهان پنهنجي فائيلز کي آنلائين پوءِ چاهي پنهنجي ڪمپيوٽر تان يا وري URL جي لنڪ جي صورت ۾ ان زپ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    هي ويب سائيٽ 100 ميگابائيٽ تائين واري فائيل کي ايڪسٽريٽ ڪرڻ جي سهولت ڏيندي آهي۔۔۔ ۽ نه صرف اهو پر ايڪسٽريڪٽ ڪندي هي Bitedefender اينٽي وائرس کي استعمال ڪندي توهان جي فائيلز مان وائرس جي جانچ به ڪندي آهي۔۔۔۔
    هن ويب سائيٽ جون ڪجهه سڪرين شاٽس حاضر آهن۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    هي ويب سائيٽ هيٺيان فارميٽ قبول ڪندي آهي۔۔۔
    7z, ZIP, GZIP, BZIP2, TAR, RAR, CAB, ISO, ARJ, LZHCHM, Z, CPIO, RPM, DEB and NSIS
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه ادا جادوگر ۔۔۔۔ ادا ڪم جي شئي ڳولهي کڻي آيو آهين ۔۔۔۔۔ ادا تمام زبردست شيئرنگ آهي۔۔۔ اڪثر اسان جهڙن اٻوجهن کي ضرورت پوندي رهندي آهي۔۔۔۔۔
     
  3. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا پر هي ننڊو سائيز ڪيڙي به سوفٽ وئير جو ڪندو ؟ ٿا گيمس جو ؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو