شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت(ڪتاب)مرتضيٰ سيال شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو فڪر ۽ فلسفو ايترو ته جامع ۽ آفاقي آهي جو پوري دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسان سنڌي ماڻهن جي اها تمام وڏي خوشنصيبي به آهي جو شاهه سائين جهڙو عظيم ڏاهو ۽ آفاقي شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ سنڌ مان پنهنجي ڏاهپ، فڪر ٿوري پيغام کي دنيا تائين پهچايائين. جيتوڻيڪ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فلسفي تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، دنيا جي ٻئي ڪنهن شاعر تي ايترو ڪم شايد ئي ٿيو هجي پر باوجود اُن جي اسان جي نئين نسل ۾ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر جي اوچائي کي چڱيءَ طرح سمجهڻ وارو شعور اڃا تائين پيدا ٿي نه سگهيو آهي. اسان جا چڱا ڀلا پڙهيل لکيل ماڻهو به شاهه سائين جي ٻولي، لفظن جي معنيٰ ۽ اُچارن ۾ منجهي ٿا پون. ايڏي وڏي ۽ عظيم شاعر جو ڪلام اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ موجود هُجي ۽ اسين اُن کي سمجهي ۽ هينئين سان هنڊائي نه سگهون ته اها اسان جي تمام وڏي ڪوتاهي ليکبي. شاهه سائين جي ٻولي عوامي آهي پر اُن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي اُن ڪري محسوس ٿي رهي آهي جو اسين ٻولي جي لهجن، اصطلاحن ۽ محاورن کي نه ٿا سمجهون ۽ نه ئي اُن حوالي سان ڪا ڪوشش ٿا ڪريون. بنهه گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي شاهه سائين جي ٻولي، فن ۽ فڪر کي سمجهن ٿا، نه ته گهڻائي اڻ واقف آهي. شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر تي ڪيترن ئي عالمن ۽ ڏاهن پنهنجي وس آهر ڪم ڪيو آهي، پوءِ به اُن احساس ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي ته شاهه سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آهي اهو گهٽ آهي، بهرحال پيار جي پورهيي ۾ جن هڪ وک به کنئي آهي اهي شابس ۽ مبارڪن جا حقدار آهن، ڇا لاءِ ته چڱائي واري ڪم ۾ هڪ قدم به اهميت وارو هوندو آهي. شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت ”هٿ جا هُنر“ جو جلد پهريون منهنجي سامهون آهي جيڪو الهه رکيو ٻُٽ ۽ سليم ڀٽو لطيفي وڏي پيار سان سهيڙيو آهي. جنهن خوبصورتيءَ سان لغت کي سهيڙيو ويو آهي اهڙي ئي خوبصورتيءَ سان اُن کي شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 3۴۷ صفحن تي مشتمل هن موضوعاتي لغت ۾ اها ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته پڙهندڙ کي شاهه سائين جو ڪلام پڙهڻ وقت تمام گهڻي سولائي ٿئي ۽ سهيڙيندڙ يقينن اُن ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيا آهن. لغت جي سامهون اچڻ سان اِهي سوال پيدا ٿيا ته شاهه سائين جي ڪلام کي ڪافي محققن سهيڙيو آهي، اُن حوالي سان لغت عام پڙهندڙن لاءِ ڪيئن لاڀائتي ٿيندي؟ ڪهڙي رسالي کي سامهون رکي لغت تيار ڪئي وئي آهي؟ ۽ ٻين رسالن لاءِ لغت مان ڪيئن مدد حاصل ٿي سگهندي؟ جڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا جو تفصيلي مهاڳ ۽ لغت جي سهيڙيندڙن جا ٻه اکر پڙهيم، ته سڀني سوالن جا جواب ملي ويا. رسالي جي موضوعاتي لغت جي سٽاءُ کي آسان بنائڻ لاءِ سنڌ جي هنرن ۽ ڪرتن کي الڳ ڪري پهرين جلد ۾ الف-ب وار هٿ جا هنر رکيا ويا آهن. هر هنر کي عنوان ٺاهي اُن جي هيٺان لاڳاپيل اصطلاحن کي به الف-ب وار رکيو ويو آهي. اصطلاحن جي سامهون ترتيب سان سُر جو نالو الف-ب وار، داستان نمبر، صفحو، بيت نمبر ۽ سٽ نمبر ڏنا ويا آهن. آخر ۾ اصطلاح جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ڏني وئي آهي. جڏهن ته هر هنر جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر تي به تفصيلي معلومات ڏنل آهي. اهم ڳالهه اِها آهي ته هن لغت لاءِ ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل رسالي کي بنياد بڻايو ويو آهي ڇا لاءِ ته اُن رسالي ۾ وڌ کان وڌ ڪلام ڏنل آهي، ساڳي وقت ٻين رسالن لاءِ به هي لغت سونهين جو ڪم ڏيندي. اهو هيئن ته ٻانهي خان جي رسالي کان ٻاهر کنيل اصطلاحن هيٺان واضح علامتون ڏنيون ويون آهن. مثال طور علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي لاءِ ”ع“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري رسالي لاءِ ”ب“، حاجي الهداد جنجهي واري لاءِ ”ج“ غلام محمد شاهواڻي واري لاءِ ”ش“ ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي واري رسالي لاءِ ”گ“ ڏنو ويو آهي، جنهن سان ڪافي سولائي ٿئي ٿي. شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت سچ پچ ته هڪ سونهين جو ڪم ڪندي، شاهه سائين جي ٻولي، محاورن ۽ اصلاحن کي سمجهڻ لاءِ يقينن هي پنهنجي نوعيت جو انوکو ڪم آهي، جنهن سان ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ماڳ ۾ لکي ٿو ته، ”شاهه سائين جي ڪلام جي حوالي سان لکيل ايترين لغتن جي مواد هوندي به ”شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت“ واري هن نسخي ۾ شامل ڪيل مواد ۽ اُن جي ڪيل تحقيقي ڪم، شاهه جي ڪلام تي مرتب ڪيل هن لغت جو معيار گهڻو مٿانهون آهي، هي لغت اهو تحقيقي ڪم آهي، جنهن جي لطيف سائين جي ڪلام جي اڀياس ڪندڙن کي سالها سال، اڳ ضرورت هـئي ڇاڪاڻ ته سنڌ وطن جيڪو تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ۾ دنيا جي تمدن ۽ ثقافتن ۾، پنهنجيءَ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو مالڪ آهي، اُن جي ثقافت جا ايترا ته پهلو آهن، جن جي فقط لغوي خزاني کي گڏ ڪرڻ ۽ سنڌي ثقافت جي لغت ٺاهڻ ئي هڪ وڏي ۽ اعليٰ ڪمال وارو ڪم ٿي سگهي ٿو.“ شاهه سائين جي ڪلام جي موضوعاتي لغت اصل ۾ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو پروجيڪٽ آهي جنهن جو هي پهريون حصو آهي. هن جلد ۾ هٿ جي هنرن لاءِ ڪم آيل لفظن جي لغت ڏني وئي آهي. ڄاڻايل پروجيڪٽ جا ڪـُـل ۱3 جلد تجويز ڪيل آهن جن ۾ هن پهرين جلد کان سواءِ رسالن ۾ موجود ڪرتون ۽ ڌنڌا، رسالي ۾ انساني حقن جي اپٽار، رسالي جي ٻولي، لهجا، گرامر ۽ گهاڙيٽا، رسالي ۾ موجود سائنس تي مواد (ارضيات، حيوانيات، فلڪيات، نباتات ۽ ڪيميا وغيره)، رسالي ۾ اخلاقيات، نفسيات ۽ منطق وارو مواد، رسالي ۾ موجود سنڌ جي ريتن ۽ رسمن رواجن ۽ سوڻن ساٺن بابت مواد، رسالي ۾ موجود ماڳ ۽ مڪان، تاريخ ۽ تاريخي اهڃاڻ، رسالي ۾ موجود سوانحي ڪردار، نالا ۽ ذاتيون يا قبيلا، آبهوا ۽ موسمون شامل آهن. مٿي ذڪر ڪيل سڀني حوالن سان اهڙو ئي ڪم ٿيو جهڙو هن پهرين جلد ۾ آهي، ته يقينن اهو تمام وڏو ۽ فخر لائق ڪم هوندو. هن لغت ۾ محققن هر هنر لاءِ ڪم آيل لفظن جي داخلا ۽ انهن جي سمجهاڻي کان اڳ، هر هنر جي وضاحت يا تشريح به ڪئي آهي جنهن سان معلومات ۾ واڌارو ٿئي ٿو. شاهه سائين جي ڪلام ۾ آيل عام اصطلاح جون به ڪيئي معنائون ڏئي پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي سولائي پيدا ڪئي وئي آهي، مثال طور ڌٻر/ ڌٻرا جون معنائون رلي، گودڙي، کٿي، لوئي، لٽا ليڙون، گوڏون، لانگوٽيون، ڌوتيون جون معنائون پياليون، جمنيون، ڪستا، ڪرمنڊل، فقيرن جو ساز سامان. اهڙي طرح 3۴۷ صفحن تي پکڙيل هن موضوعاتي لغت ۾ ڏاڍو سهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. لغت ۾ جن هنرن سان لاڳاپيل لفظن جون معنائون ۽ تشريح ڏني وئي آهي، اُن هنر يا ڪرت سان لاڳاپيل هنرمندن جي حوالي سان به مفيد معلومات ڏني ويئي آهي. آئون ته يقين سان اهوئي ئي چوندس ته اهو عشق آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪرائي ٿو، عشق کان سواءِ اهڙو ڪم ٿئي اهو ناممڪن آهي. سليم ڀٽو لطيفي ۽ الهرکيو ٻٽ هن سهڻي ڪم لاءِ مبارڪون لهڻن. هاڻي اسان جي سڀني پڙهندڙن کي گهرجي ته هن سهڻي لغت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ۽ شاهه سائين جي ڪلام ذريعي پنهنجون راهون روشن ڪن.
سائين اوهان جا لک قرب اوهان جي هن فراهم ڪيل معلومات ۾ مون انڌي لاء نوُر سمايل آهي ،دعا ڪيو ته جلد اکين جو علاج ٿي پئي جيئن دل جو مرض دوُر ٿئي ،اکين جي روشني گهٽ هجڻ ڪري دل تي به ڪٽ چڙهي ويو آهي ،توهان جي محنت مون جهڙي نادان لاء هڪ طبيب جو ڪم ڏئي رهي آهي، الله پاڪ اوهان جي رهنمائي فرمائي اوهان جون مشڪلاتون دُر فرمائي اوهان کي صحت و تندرستي عطا فرمائي،اوهان کي پانهجي حفظ و امان ۾ رکي۔ آمين