احسان دانش تهذيبي ۽ تاريخي حوالي سان لاڙڪاڻو سنڌو ماٿر جو انتهائي مهذب ۽ قديم خطو آهي، موهن جو دڙو ۽ جھڪر جو دڙو جا آثار اڄ به هن خطي جي هزارين سالن جي تاريخ جي گواهي ڏئي رهيا آهن، پر مذڪوره معروف دڙن (جن جي ٺڪرن ۾ بيشڪ وڏو تهذيبي ورثو سمايل آهي) کان علاوه به لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ لاتعداد دڙا، ڀڙا، ٺل ۽ ٻيا قديم آثار موجود آهن، جن تي آرڪيالاجي کاتي طر فان تحقيق جي ضرورت آهي. لاڙڪاڻي جي اردگرد گھڻو ڪري ڏوڪري، رتوديرو، وارھ، قمبر ۽ شهدادڪوٽ تعلقن ۾ قديم آثارن جا اهڃاڻ ۽ ڦٽل آبادين جا دڙا وڏي انگ ۾ نظر اچن ٿا. موهن جي دڙو متعلق اوهان کي اڳتي گھڻو ڪجھ پڙهڻ لاءِ ملندو تنهن ڪري هتي لاڙڪاڻي جي ٻئي اهم دڙي يعني ”جھڪر جي دڙي“ کان علاوه انهن قديم دڙن جو ذڪر ڪبو، جن تي ڪو جوڳو تحقيقي ڪم نه ٿي سگھيو آهي. جھڪر جو دڙو جھڪر جو دڙو، موهن جي دڙي واري تهذيب جو تسلسل ۽ قدامت جي لحاظ کان سندس همعصر آهي. هي دڙو لاڙڪاڻي کان اولھ طرف وڳڻ ڏانهن ويندڙ روڊ تي 18 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ساڄي طرف ڳوٺ ’منو ديرو‘ لڳ نظر ايندو. هن دڙي جو ڏيل ئي پنهنجي عظمت جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. 63 فوٽ اوچي هن دڙي جي نالي بابت عجيب ڏند ڪٿائون منسوب آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هتي جھڪر نالي راجا رهندو هو، تنهن جي پٺيان مٿس اهو نالو پيو. ڪي چون ته هي شهر دلو راءِ جي زماني جو آهي، جنهن هتي پنهنجو خزانو پوريو هو تنهن ڪري مٿس خزاني وارو شهر يعني جھڪر نالو پيو. بهرحال جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ لکيو آهي ته ”حقيقت هي آهي ته هي شهر ”ار“ کان آيل قوم آباد ڪيو.“ (1) قديم زماني ۾ سنڌ کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ چئن عظيم شاهراھن مان هڪ ’مولا لڪ‘ جيڪا بلوچستان کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي، اها شاهراھ لاڙڪاڻي مان جھڪر جي دڙي ڀرسان گذرندي هئي، جنهن وسيلي قديم زماني ۾ تجارت جو سلسلو هلندو هو ۽ ايران ۽ افغانستان جا ماڻهو واپاري قافلن جي صورت ۾ انهيءَ شاهراھ ذريعي سنڌ ۾ ايندا هئا. 1935ع ۾ هن دڙي جي کوٽائي آثارِ قديمه جي ماهر اين ــ جي مجمدار ڪرائي. کوٽائي دوران هتان ڪيئي اهڙيون شيون مليون، جيڪي تاريخ کان اڳ واري دور سان تعلق رکن پيون. ان کوٽائيءَ مان ٺڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا، مهرون، ٽامي جي هڪ ڀالي جو منهن وغيره هٿ اچڻ کانپوءِ جڏهن انهن شين جي عمر جو ڪاٿو لڳايو ويو ته اهي ٽي کان چار هزار سال ق.م يعني موهن جي دڙي واري دور سان تعلق رکن پيون. آثار ٻڌائين ٿا ته جھڪر جو شهر موهن جي دڙي جي تباهيءَ کان گھڻو بعد تائين به آباد رهيو، جنهن جي ثبوت طور هتي پنجين صدي عيسوي ۾ رائج سڪا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. جھڪر جي دڙي وارو اسٽوپا اڄ به ڪافي حد تائين سالم آهي، محققن هن کي ٻڌ دور جو اسٽوپا سڏيو آهي. لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن ڦٽل شهرن ۽ دڙن جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ هدايت منگي جو ڪافي حد تائين کوج وارو ابتدائي ڪم ٿيل آهي، جيڪو مضمونن جي شڪل ۾ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ملي ٿو، پر ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هنن صاحبن ڪجھ اهڙن دڙن جي به نشاندهي ڪئي آهي جن تي اڃا قديم آثارن جي ماهرن جي نظر ئي نه وئي آهي. هيٺ لاڙڪاڻي جي ڪجھ دڙن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان اندازو ٿيندو ته هي خطو قديم آثارن جي حوالي سان ڪيڏو مالا مال آهي. چوٽياريون / راڻيءَ جو دڙو هي دڙو جھڪر جي دڙي جي بلڪل ويجھو آهي. هتان مليل ٺڪراٺي ۽ ٻين شين کي ڏسي گمان ٿئي ٿو ته اهو ماڳ جھڪر جو ئي همعصر آهي. انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان 7 ڪلوميٽر اولھ ڏکڻ ۾ جھڪر جي دڙي کي هن ايراضيءَ جو اڪيلو قديم ماڳ نه سمجھڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته جھڪر جي ڏکڻ ۾ به ننڍا دڙا انڊس هاءِ وي جي الهندي پاسي نمايان نظر اچن ٿا. جھڪر کان رڳو ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ طرف بڊا ڳوٺ وٽ چوٽياريون يا راڻي جي دڙي جا 6_5 ايڪڙن ۾ وڏا دڙا انتهائي اهم آهن، جن مان الهندو دڙو 45 کن فوٽ اوچو 50 ــــ 60 فوٽ ويڪرو آهي ۽ باقي ڏکڻ وارو حصو ڪجھ گھٽ اوچائيءَ ۾ آهي جڏهن ته اڀرندو ننڍو دڙو پنهجي ساخت سبب قائم ۽ دائم آهي..... هي دڙو ڏسڻ وٽان آهي، جتان جھڪر جي ٺڪرين سان مشابھ ٺڪراٺو ۽ ڌاتو جا ذرا وڏي تعداد ۾ اڃا ملي رهيا آهن. دڙو روڊ کان ڪل هڪ ڪلوميٽر پري آهي پر آرڪيالاجيءَ جا صاحب اڃان ان تي نه پهتا آهن ۽ نه ئي ان جو ڪٿي ذڪر ملي ٿو. (2) خيرپور جوسو وارو دڙو هي دڙو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خيرپور جوسو جي سامهون اوڀر واري پاسي ڦٽل آثارن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. هي آثار ڪافي وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل نظر اچن ٿا. هنن دڙن تان مليل ٺڪراٺو موهن جي دڙري جي وڏن ٿانون جي ٽڪرن جھڙو آهي. دڙن جي اوچائي 40 ـــ 45 فوٽن کان به مٿي ڏسجي ٿي. ڌاتوءَ جا ساوا ٽڪر پڻ هنن تان ملن ٿا..... ڏسجي ٿو ته جھڪر جي زماني جي ڪا وڏي وستي هئي. (3) روجھاڻ هي پڻ لاڙڪاڻي جو هڪ قديم ماڳ آهي جيڪو هاڻي ڦٽل دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن دڙي تي اهو نالو ڪيئن پيو، تنهن جي ڪا سڌ نه آهي. هن دڙي بابت هدايت منگي ڪافي تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي هو لکي ٿو ته ”لاڙڪاڻي کان نصير آباد وايا رشيد وڳڻ روڊ تي لاڙڪاڻي کان ڏهاڪو ڪلوميٽرن جي پنڌ تي خيرپور جوسي ويندڙ روڊ تي کاٻي پاسي عثمان سامٽيه ڳوٺ ڀرسان هڪ اوچو ۽ هاڻي 5 ــ 6 ايڪڙن ۾ پکڙيل دڙو، ساريال جي ٻنين جي وچ ۾ موجود آهي، جنهن کي علائقي جا ماڻهو روجھاڻ جي نالي سان سڏين ٿا. هن دڙي کي مينهن ننڍن وڏن دڙن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ورنه هڪ ڪرو دڙو نظر ٿو اچي. موهن جي دڙي جي وڏن ٺيڪري ٿانون سان مشابھ ٺيڪراٺو هن دڙي جي اهميت کي وڌائي ٿو ڇڏي. دڙي سان لڳو لڳ اتر ۾ اولھ کان اوڀر ويندڙ ڪنهن پراڻي، اوائلي سڻڪ جا نشان به ملن ٿا، جنهن سان مقامي ماڻهو بيل گاڏيون زمينن ڏانهن ڪاهي وڃن ٿا. هي شاهي رستو روجھاڻ، خيرپور جوسي جي دڙن، جھڪر سان اولھ ۾ ۽ اوڀر ۾ دودائڪي دڙي سان تڏهوڪين وسندين کي ملائيندڙ هوندو، يا ٿي سگھي ٿو ته اهو بلوچستان جي تڏهوڪين وسندين سان رابطي جو ذريعو به هجي. هي دڙو خيرپور جوسي کان هن طرف ايندڙ رستي وسيلي 4 ـــ 5 ڪلوميٽرن تي ٻنهي ماڳن کي پاڻ ۾ هاڻي به ملائي ٿو. 2 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي نصيرآباد روڊ جي الهندي پاسي گھٽ ۾ گھٽ اهڙا 3 ـــ 4 اوائلي دڙا موجود آهن جن جي چوڌاري هاڻي ساريال جون ٻنيون اچي ويون آهن.“ (4) تعلقي وارھ جا دڙا تعلقي وارھ ۾ ڪيئي ڦٽل آثار ۽ دڙا نظر اچن ٿا، جن جي خاڪ هيٺان تاريخ دفن ٿيل آهي. اهڙن دڙن ۾ چنهڙ جو دڙو، ولهيءَ جو دڙو، ڊانبيءَ جو دڙو، ڏنگ ڀٽ جو دڙو، بڊام جو دڙو، سريمڻ جو ڪوٽ / دڙو، نانگ جو دڙو، راٻاڙي ۽ دوپٿي جا دڙا ۽ ليلا جي ماڙي وغيره شامل آهن. مٿين دڙن مان ڪن جي اوچائي 15 کان 20 فوٽن تائين ۽ ڪن جي ان کان گھٽ آهي. انهن دڙن تي ڪا خاص تحقيق نه ٿي سگھي آهي. مذڪوره دڙن مان راٻاڙي ۽ دوپٿي دڙا پنهنجي نالن جي اعتبار کان منفرد آهن. انهن دڙن بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ”راٻاڙي جو اشتقاق هن طرح آهي : را = راجا + ٻاري = ڪچهري. يعني راجا جي ڪچهريءَ واري جڳھ. دوپٿي جو اشتقاق هن طرح آهي دو = ٻه + پٿي = ميدان يعني ٻن ميدانن وارو دڙو. هي دڙو بڊام ڍنڍ جي اتر ڪناري تي موجود آهي. وارھ تعلقي جي سڀني دڙن کان اوچو ۽ ويڪرو آهي. دڙي جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته هي دڙو سنڌ ۾ راءِ گھراڻي جي ڪنهن راجا جي ڪچهريءَ جي جڳھ هئي. هن دڙي سان گڏ ٻيو دڙو به موجود آهي جنهن کي دوپٿي جودڙو چيو ويندو آهي. (5) نوجوان محقق دين محمد ڪلهوڙي راٻاري جي دڙي جي لوڪيشن يونين ڪائونسل غيبي ديري جي ديھ جاگير ــــ 6 ۾ قمبر کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڄاڻائي آهي. تعلقي وارھ جي دڙن مان چنهڙ جي دڙي کي به خصوصي اهميت حاصل آهي، جيڪو نهايت پراڻن دڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. مسٽر مجمدار سنڌ ۾ آثارِ قديمه جي کوج جي حوالي سان جن دڙن جو معائنو ڪيو تن ۾ چنهڙ جو دڙو به شامل آهي. هي دڙو تعلقي وارھ جي شهر نصير آباد جي قريب واقع آهي. هن دڙي تي مقامي ماڻهن ڪيئي قبرون ٺاهي ڇڏيون آهن، هن وقت مٿاهينءَ تي فقط هڪ دڙو نظر اچي ٿو، جنهن تي پڻ قبرون آهن. مٿاڇري تي قديم زماني جو ٺيڪراٺو به ملي ٿو ۽ اولھ اتر ۽ ڏکڻ اولھ ۾ هن دڙي سان لاڳاپيل ڍير به موجود آهن. هي اهڙو دڙو آهي جيڪو جھڪر، دودائڪي، موهين ۽ ٻين دڙن کان 20 کان 30 ڪلوميٽر پري اڪيلو بيٺو آهي. (6) قمبر تعلقي جا دڙا قمبر تعلقي ۾ پڻ ڪيئي قديم دڙا نظر اچن ٿا جن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. اهڙن ڦٽل دڙن ۾ ڪاروهر جو دڙو، ڏانديهڙ / ڏانهيڙ جو دڙو، راٻاري دڙو، نوزمان جو دڙو، نونرن جو دڙو، دانو جو دڙو، يارو جو دڙو، ڌيروءَ جو دڙو وغيره قابلِ ذڪر آهن. هنن مان اڪثر دڙا ڪن شخصيتن جي نالن يا ذاتين پٺيان مشهور آهن. مٿين دڙن مان ڏانديهڙ جو دڙو قدامت جي لحاظ کان خصوصي اهميت جو حامل آهي. هي دڙو (ڏانديهڙ دڙو) قنبر جي اولھ ۾ 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. پراڻي زماني جو ڦٽل شهر ٻڌايو وڃي ٿو، وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن جي کوٽائيءَ مان مورتيون ۽ ٺڪر جا ٿانو ملن ٿا. ڀانئجي ٿو ته هي سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جو ماڳ آهي. شايد زميني زلزلي سبب تباھ ٿيو. (7) شهدادڪوٽ تعلقي جا دڙا شهدادڪوٽ تعلقي ۾ جيڪي پراڻا دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا تن ۾ بگو دڙو، سون دڙو، شاهپور جمالي جو دڙو، ڪڙڪ جو دڙو، غفور شاھ وارو دڙو، ڌنڱ جو دڙو ڪافي اهم آهن. هنن دڙن بابت ڪو جوڳو تحقيقي مواد نه ٿو ملي، مقامي ماڻهن وٽ انهن دڙن متعلق رڳو ڏند ڪٿائون ۽ مفروضا آهن. آرڪيالاجي کاتي وارن به انهن دڙن تي ڪو توجه نه ڏنو آهي. البت هدايت منگي پنهنجي اندازي مطابق شاهپور جي دڙي کي ٻه هزار سال پراڻو ڪوٺيو آهي، پر ان لاءِ هن ڪو دليل نه ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ”هي (شهاپور جمالي جو دڙو) هڪ نه بلڪ ويهارو ايڪڙن تي مشتمل دڙن جي هڪ قطار آهي جيڪا شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو روڊ تي، شهدادڪوٽ کان 6 ــــ 7 ڪلوميٽر اتر طرف ۽ روڊ جي اوڀر ۾ آهي.... ڏکڻ ۾ چاليھ فوٽ کن اوچا دڙا اٽڪل ٻه هزار سال پراڻي دور جا ڀاسن ٿا. ٺڪر ٺوٻر مان ان دور جو اندازو ٿئي ٿو. (8) رتوديرو تعلقي جا دڙا رتوديرو تعلقي ۾ ٻه اهم ۽ نهايت قديم دڙا ملن ٿا. 1. ٻنڀرو 2. پنجو دڙو. هنن مان ٻنڀرو دڙو قديم آثارن جي ماهرن جي نظرن مان گذريو آهي. 1929ع ۾ جڏهن اين . جي مجمدار سنڌ جي قديم ماڳن جي کوٽائيءَ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو ته مذڪوره دڙي جو پڻ معائنو ڪيو هو. هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”ايڪسپلوريشنس ان سنڌ“ ۾ هن ماڳ جو سرسري ذڪر ڪيو آهي. ٻنڀرو دڙو آرڪيالاجيڪل سائيٽ ۾ شامل، سنڌو تهذيب جو هڪ اهم ماڳ آهي. هي دڙو نئون ديرو، رتوديرو روڊ سان خانواھ اسٽاپ جي اولھ ۾ لٻاڻن جي ڳوٺ جي ڀرسان موجود آهي. هن ماڳ کي ’ٻنڀرو‘ يا ’ڀنڀور دڙو‘ پڻ سڏيندا آهن. وسيع ايراضيءَ ۾ ڦهليل هي دڙو، سنڌ ۾ ٻڌ دور جي اهم باقيات ۾ شامل آهي..... ٻنڀري دڙي کي مسٽر مجمدار ميهڙ جي ڀرسان ’ناسو دڙو‘ ۽ نصير آباد لڳ ’چنهڙ دڙي‘ کان به وڌيڪ پراڻو سمجھي ٿو. هن دڙي مان ڪيترائي سڪا، ٿانو، مڻيا، زيورن جا ٽڪرا، هڏا ۽ ٺڪراٽو لڀن ٿا. چون ٿا ته هتان هڪ خوبصورت مورتي به لڌي وئي هئي. (9) ڏوڪري تعلقي جا دڙا لاڙڪاڻي جو تعلقو ڏوڪري آثارِ قديمه جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. دنيا جي قديم ۽ عظيم تهذيب موهن جو دڙو پڻ هن ئي تعلقي ۾ اچي ٿو. ڏوڪري تعلقي ۾ مختلف قسم جا دڙا ۽ ٻيا قديم ماڳ موجود آهن، جن ۾ دودائڪو دڙو، ڌامراهن / ڪانڌڙن جا دڙا، ٺلهي، سارنگ قبرستان، آڍاٽ وغيره شامل آهن. جن مان مکيه ٻن دڙن جو هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو. 1. دودائڪو دڙو ــــ رشيد وڳڻ، نصير آباد روڊ سان وڃي محراب سنديلي ڳوٺ کان کاٻي لهڻو پوندو، جتان دودائڪو دڙو ٻه اڍائي ڪلوميٽر آهي. خير، دودائڪو دڙو، جھڪر ۽ روجھاڻ جي دور جو ئي هڪ دڙو ڀاسي ٿو، جنهن کي ڏکڻ ۾ هاڻي ساريال جون ٻنيون سوڙهو ڪري ويون آهن، پوءِ به 15 کن ايڪڙن ۾ 25 ــ 30 فوٽ اوچو هي دڙو هيٺ مٿاهين سميت موجود آهي. مٿين دڙن سان مشابھ هن دڙي جون ٺڪريون ان کي انهن جو سهيوڳي ثابت ڪن ٿيون..... کڏن اندر ڪنهن سڙيل دور جي مٽيءَ جا ٻه تھ پڻ ڍيرن ۾ نظر اچن ٿا. دڙي جي اتر ۾ ويھ ويھ فوٽ ڊگھيون قبرون ان ڳالھ جي تصديق ڪن ٿيون ته ڳيريلي جي هن علائقي ۾ جنگ و جدل جا معرڪا ٿيا آهن، جن جا شهيد اجتماعي قبرن ۾ پوريا ويا آهن. (10) 2. ڌامراهن / ڪانڌڙن جا دڙا ــــ تعلقي ڏوڪري جي شهر باڊھ جي ڏکڻ ۾ پراڻي عظيم سڻڪ کان ڇهن ستن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪانڌڙن جي ڳوٺ ۾ هي قديم دڙن جو سلسلو نظر اچي ٿو. اين ــ جي مجمدار به هنن دڙن جو معائنو ڪيو هو. وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هنن دڙن جي قدامت موهن جي دڙي واري پوئين دور جيتري سمجھي وڃي ٿي، ڇو ته هنن دڙن تان مليل ٺڪر ٺاٻر موهن جي دڙي مان لڌل ٺڪرن ۽ ٿانون جهڙا ئي آهن، ٻيو ته هي دڙو موهن جي دڙي کان اوڀر اولھ ڪنڊ تي رڳو 10 ميلن جي فاصلي تي آهي، تنهن ڪري به محققن جو سندن قدامت جي حوالي سان گمان پڪ ۾ مٽجي ٿو. هنن (دڙن) تي پهچڻ جا هاڻي ٽي رستا آهن. هڪ باڊھ کان بوٿرو روڊ سان، ٻيو نصير آباد کان ميهڙ روڊ وٺي ڌامراھ واھ جي کاٻي ڪپر سان، ٽيون باڊھ کان رائيس ڪئنال وٺي ڌامراھ ريگيوليٽر وٽان ڪانڌڙن ڏانهن ڌامراھ واھ جي ڪپر سان..... هنن دڙن جو به عجيب اسرار آهي. اٽڪل هڪ ڪلوميٽر چورس جي پکيڙ ۾ ڦهليل هنن دڙن ۾ اهي وڏا اجگر ٿانو مٽيءَ ۾ پوريا پيا آَهن، جيڪي موهين جي ميوزم ۾ رکيل آهن. انهن وڏن ٿانون جا مُنهن لٺين ڪهاڙين سان ماڻهن ڀڃي به ڇڏيا آهن پر ڪي ته صفا سڄا به پوريا پيا آهن جيڪي مٿان نظر ٿا اچن. اتر واري حصي ۾ ’ٺڪر جي هڪ نالي‘ سڌي شهر کان ٻاهر ويندي محسوس ٿئي ٿي، جيڪا اڃا پوريل آهي. اڀرندي پاسي ٻه اوچا دڙا ٺڪرن، ڀڳل سرن ۽ سڙيل مٽيءَ جي ڪيڪن توڙي سرن جي ڀور سان سٿيل نظر ٿا اچن. (11) حوالا 1. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ”لاڙڪاڻو ـــ ماضي ۽ حال“ (مرتب بدر ڌامراهو) موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو 2001ع ص 70 2. هدايت منگي ”ٻه هزار سال اڳ واري سنڌ جا آثار“ (مقالو) روزاني ’عوامي آواز‘ اربع 8 سيپٽيمبر 1993ع 3. ساڳيو 4. ساڳيو 5. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ (حوالو ساڳيو) ص 72 6. هدايت منگي (حوالو ساڳيو) 7. دين محمد ڪلهوڙو ”قمبر جا تاريخي ماڳ ۽ مڪان“ (مقالو) ڪتاب ”لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (مرتب: احسان دانش) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2005ع ص 149 8. هدايت منگي ”ٻه هزار سال اڳ واري سنڌ جا آثار“ (مقالو) روزاني ’عوامي آواز‘ اربع 7 سيپٽيمبر 1993ع 9. امام راشدي ”رتيديري جا قديم ماڳ“ (مقالو) ڪتاب ”لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (مرتب: احسان دانش) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2005ع ص 72 ـــ 171 10. هدايت منگي (حوالو ساڳيو) 8 سيپٽمبر 1993ع 11. ساڳيو فيس بڪ تان احسان دانش جي پيج تان کنيل، سنڌ سلامت جي سڄڻن لاءِ۔
سائين اهو چنهڙ جو دڙو اسان جي ڳوٺ کان 2 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي،نصيرآباد وڳڻ روڊ تي، اتي هاڻ قبرستان آهي، اوسي پاسي جا ڳوٺ وارا گهڻيون ئي ڳالهيون ان بابت بيان ڪندا آهن. جڏهن مينهن جو گهڻو وسڪارو پوندو آهي ته اڪثر اتان جا ماڻهو چوندا آهن ته چاندي جا سڪا زمين مان نڪرندا آهن. وڌيڪ اهي ٿا ڄاڻن. باقي اهو دڙو وڏو اوائلي آهي.
لاڙڪاڻي بابت هڪ تاريخي دستاويز ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔ لاڙڪاڻو ساه سباڻو ۔۔۔ سنڌ سموري سون ۽ لاڙڪاڻو ان سون ۾ ڄڻ موتي جڙيل
احسان دانش جي شخصيت مون لاء انڪري اهميت واري آهي جو هو سدائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن، هر ملاقات ۾ هڪ نئين راه جو ڏس ڏيندا آهن۔ احسان هڪ سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ هڪ سٺو محقق به آهي جنهن جو ثبوت سندس ليکل تازو ڪتاب آهي۔ هي مضمون به ان ئي ڪتاب جو حصو آهي۔ ڄاڻ وارو موضوع
اهڙن ئي دانشورن جو سنڌ ڌرتي تي هميشه ٿورا ڳائيندي رهندي جيڪي پنهنجو فرض نڀائيندا ٿا رهن۔ شل جتي به هجي جڙيو هجي۔