ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي سي ايل طرفان نئي 3G Evo Wingle ڊيوائيس متعارف ڪرائي وئي آهي۔۔۔ توهان يقينن ٿري جي ايوو، نائٽرو ۽ ڪلائوڊ ڊوائيسز بابت ڄاڻندا ته هوندو۔۔۔ پر سوچيندا هوندو ته هي ونگل وري ڪهڙي بلا آهي۔۔۔ ؟ ڇو ته ڪالهه مان به ڪراچي جي روڊن تي ان جا اشتهار ڏسي سوچ ۾ پئجي ويو هئيس۔۔۔ اشتهار جو منظر توهان به ڏسو۔۔۔ اشتهار مان يقينن توهان سمجهي ويا هوندو ته ونگل دراصل هڪ ٿري جي ايوو يو ايس بي آهي۔۔۔ جنهن ۾ وائي فائي هاٽ سپاٽ بنائڻ جي سهولت آهي۔۔۔ او هو۔۔۔ هاڻي مون کي اهو به ٻڌائڻو پوندو ڇا ته هاٽ اسپاٽ وري ڪهڙي بلا آهي۔۔۔؟ ته پوء ٻڌو ته هاٽ سپاٽ ذريعي توهان پاڻ وٽ موجود ٻين وائي فائي ڊيوائسز سان انٽرنيٽ شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ته پوءِ آسان لفظن ۾ ڳالهه ائين آهي ته ونگل يو ايس بي جي انٽرنيٽ 5 ٻين ڊيوائسز جهڙوڪ موبائيل، ٽيبليٽ يا وري ليپٽاپ وغيره تي به هڪ ئي وقت ۾ هلائي سگهو ٿا۔۔۔ هاڻي توهان چوندو ته ائين ته اڳ نائٽروڪلائوڊ ڊيوائيس يا وري ٽينڊ رائوٽر ذريعي ٿيندو هو ته پوءِ هن ڊيوائس سان ڪهڙو فرق۔۔؟ هڪ ته توهان سوال گهڻا ٿا ڪيو۔۔۔؟ پر خير مان جواب ڏئي ٿو ڇڏيان۔۔۔ جناب فرق رڳو ايترو ئي ناهي ته انهن ڊيوائسز جي مقابلي ۾ ونگل ڊيوائيس ننڍي ۽ صرف يو ايس بي جيتري آهي ۽ ٻيو ته هن ۾ چارجر جي ضرورت ناهي۔۔۔ توهان ڪنهن به يو ايس بي پورٽ ۾ لڳائي هن کي هلائي سگهو ٿا۔۔۔ جهڙوڪ ليپٽاپ۔۔ ڊيسڪٽاپ، يا وري ڪار ۾ ريڊيو يا وري سگريٽ دکائڻ واري جاءِ تي ۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر اسپيڪر يا وري ٽيپ ۾ لڳل يو ايس بي پورٽ ۾ به لڳائي سگهائجي ٿي۔۔۔ هاڻي يقينن توهان قيمت ۽ پيڪيجز جو سوال ڪندو۔۔۔؟ سو ڪاوڙ ڇنڊي ٻڌائيندو هلان ته ڊيوائس جي قيمت 4000 مقرر ڪيل آهي۔۔ پر پي ٽي سي ايل طرفان هي ڊيوائيس بنڊل پيڪيج ۾ پڻ دستياب آهي۔۔ جنهن ۾ توهان کي 7500 روپين جي ادائگي سان ڊيوائس ٽن مهينن جي لامحدود انٽرنيٽ (جنهن جي حد 100 جي بي تائين آهي۔۔۔)۔۔ سان ملي ويندي۔۔۔ ٽن مهينن کانپوءِ چارجز جي تفصيل ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔ مهيني جا چارجز 2500 روپيه ۽ استعمال جي حد 100 جي بي ۔۔۔ پر جي توهان ان کان به وڌيڪ نيٽ استعمال ڪندو ته اضافي چارجز بجائي ۔۔ انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۾ گهٽتائي آڻيندي 256 ڪلو بائيٽس پر سيڪنڊ تائين ٿي ويندي۔۔۔ اوهيو مون کي خبر آهي ته توهان ٻڌايل پيڪيج کي پنهنجي برداشت کان مٿي سمجهي ٻيا پيڪيج به پڇڻ گهرندو ۔۔۔ ان ڪري هتي باقي پيڪيجز جي تفصيل پڻ ڏسجي ٿي۔۔۔ پي ٽي سي ايل طرفان هي نئين ڊيوائس توهان کي 3۔9 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جي رفتار سان انٽرنيٽ مهيا ڪندي پر جتي نائٽرو سروس موجود نه هوندي اتي 1۔3 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ واري ايوو سروس جي رفتار تي منتقل ٿي ويندي۔۔۔ پاڪستان جي 200 کان وڌيڪ شهرن ۾ نائيٽرو سروس جڏهن ته 250 کان وڌيڪ شهرن ۾ ايوو سروس موجود آهي۔۔ پر دوستو هاڻي ئي بيسٽ ڪنزيومر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پي ٽي سي ايل جا دعوى ڪسٽمرز ڪوڙا ثابت ڪيا آهن جو سندن سروي پيج تي پي ٽي سي ايل جي سروسز کي ناقص ٻڌايو ويو آهي۔۔۔ ڪسٽمرز جي خيال موجب نائٽرو سروس جي رفتار 4 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ جڏهن ته ايوو سروس جي رفتار 1 ميگابائيٽ پر سيڪنڊ آهي۔۔ ان ڪري دوستن کي ٻڌائندو هلجي ته جيئن ته انهن سروسز کي علائقي ۾ شيئر ڪيو ويندو آهي ان ڪري هڪ علائقي ۾ جيترا ڪسٽمر وڌيڪ سروس استعمال ڪندا هوندا ۔۔ اوترو توهان جي انٽرنيٽ رفتار گهٽ ٿيندي ويندي۔۔۔
ٻيون سڀ ڳالهيون ته سمجه آيون پر هي ڳالهه سمجه نه آئي ۔۔۔۔۔۔ خير پيڪيج ته سٺو آهي پر اها نيٽ جي لمٽ واري ڳالهه ڪجه منجهائيندڙ آهي پر 3 جي سم ڪڍن ته اها اسان جهڙن جهونن جي ڪم جي آهي خير ڪا بات ناهي ترقي ٿي رهي آهي ته اڃا به ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔
ادا مون وٽ پهنجو ايوو آهي اهو به رشيد وٽ پيو آهي روز رشيد جي ڌمڪي ملندي آهي ته ان جو بل پيار نه ته مان کپايانس ٿو سو ابا اسان لاء اهو ئي ڪافي آهي