ڪڏهن ڪڏهن راهي رڻ جا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2012۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ڪڏهن ڪڏهن
    ڪڏهن راهي رڻ جا...
    نصير مرزا
    آئون نه ڪڏهن ڪنهن گهوڙي تي چڙهيو آهيان ۽ نه ئي ان کي مون ٺٻڙاڪ ٺٻڙاڪ ڪري ڪڏهن ڊوڙايو ئي آهي. پوءِ به... الائي ڇو دل اڄ آهي، جا ’گهوڙو، گهوڙو‘ پيئي ڪري، پر هي گهوڙو عربي جانور آهي يا سنڌي!؟ ۽ اها خبر يارو پاڻ کي بلڪل ئي ڪانه اٿوَ. ها! ننڍپڻ ۾ پنهنجي وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ جوٽيل جيڪو گهوڙو مون ڏٺو هو، ان کي شهر جي ڪنهن پيائو (حوض) مان اسان جو ڪوچوان جڏهن پاڻي پيو پياريندو هو ته، ان وقت ’آسان سنڌيءَ‘ ۾ هر هر پيو چوندو هئس، ”شئابش پٽ... شئابش.“ ته بس ڪوچوان جي ادا ڪيل اهڙن شبدن منجهان سمجهان پيو ته گهوڙو سنڌي سمجهندو هو. تڏهن ئي ته ڪوچوان سنڌيءَ ۾ پيو ڳالهائيندو هئس. ۽ ايترو ئي نه... گاڏيءَ مان ڇوڙي طنبيلي ۾ ٻڌي چارو ڏيڻ وقت به ان سان هو دل جا دکڙا ڪندي سنڌيءَ ئي ۾ پيو کيس ٻڌائيندو هو ته، ”اڙي بابا مُشڪي!! هي جيڪي پاڻ وارا رئيس اٿئي نه... پڪا ڏاڍا آهن. سالن کان ساڳي پگهار... زال بيمار، آئون اگهو،۽ ڇورو بيڪار...“ تڏهن، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪوچوان پاران گهوڙي سان ٿيندڙ اهڙي گفتار ٻڌي ڀائيندو هئس ته هو پنهنجي خدمتگار جي اها ٻولي آخر سمجهي پيو، تڏهن ئي ته موٽ ۾، ڀُر ڀُر ڀُر جهڙا آواز وات مان ڪڍي، رئيس لاءِ پاڻ به بيزاريءَ جهڙا اظهار ڪندو پيو رهي ۽ اجهو هتي ياد پيم... ڪي سال ٿيا، هي جيڪو پنهنجو وڏو عالم هو نه، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ان سان منهنجي ملاقات ٿي هئي. پاڻ ان وقت اڇي شلوار ۽ ڪلف لڳل سفيد پهراڻ ۾، گهر اندر اُس تڙڪي ۾ ڪُرسي وجهيو ويٺا هئا. ساڻن ڪچهري شروع ٿي ته ٻڌائڻ لڳا، ”بابا، تنهنجي ريڊيو ۾ مون اڌ صدي اڳ جيڪا پهرين پهرين تقرير ڪئي هئي، ان جو موضوع هو: ’گهوڙو‘.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳا، ”هي جيڪو جانور آهي نه بابا، گهوڙو، اهو هلندو ڪونهي، جهڙو نچندو پيو آهي.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳا... ”سنڌ ۾ هي جيڪو گهوڙو هلي جو، اهو پڻ ڄڻ ناچ ڪندو ٿو هلي ۽ دنيا ۾ ٻين هنڌ جيڪي گهوڙا هلندا آهن ته اهي وري ٽاپ ۾ هلندا آهن. مطلب ته چئوپير ٽاپ ٽاپ ڪندا هلندا آهن، ۽ ان جي ابتڙ، سنڌ ۾ هي جيڪو پنهنجو سنڌي گهوڙو هلي ٿو، اهو وري ناچ ڪندو ٿو هلي.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳا ته ”جانورن ۾ چيتي ۽ شينهن جو اٿڻ، ويهڻ، ڊوڙڻ ۽ ظاهري حسن وجاهت سڀ پنهنجي جاءِ تي، پر حشمت، ڏيا، ۽ ڏيک ويک ۾ جانورن جو حسن گهوڙي تي ته بابا! واهه پر هي گهوڙي جانور جي، اهڙين حسناڪين کان هي اسان جو محبوب شاعر حسن درس به ڪيڏو نه متاٿر پيو نظر ايندو هو. جڏهن به ڪٿي ملندو هو ته ٻن چُست ڦڙت گهوڙن تي... مست پيو نظر ايندو هو.۽ ايئن ڪڏهن هو مون کي پنهنجي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ وٺي هلندو هو يا آفيس ۾، ديوارن تي هر طرف هڪ کان هڪ گهوڙن جون تصويرون ٽنگيل هونديون هئس. ٻڌائيندو پيو هو... ”هي ڪميت اٿئي... هي مشڪي... هي سُرخو... هي پنج ڪلياڻ ۽ هي ابلخ...“ گڏوگڏ چپن تي پنهنجون هي سٽون به هونديون هئس:
    ڌرتي ڪيئن جهڪن هي تنهنجا،
    ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ.
    پر هي گهوڙو جانور دنيا جي مڃيل مصور گلجيءَ کي به ڪيڏو نه وڻندو هو، جنهن گهوڙي جي انگ، چال، هڻڪار، ڌڌڪار ۽ سڊولتا جا ايترا ايترا ته چتر کڻي چٽيا هئا، جو دنيا اندر ڪنهن مصور خوبصورت عورتن جا به ايترا پوز پينٽ نه ڪيا هوندا... ۽ آگاهه رهو ته گهوڙا ته مملڪتِ خداداد جي هڪ سربراهه صاحب کي به بي حد ئي وڻندا رهيا آهن. جڏهن ٻڌو هئم ته نيرَن ۾ هو پاڻ ته ٻڪريءَ جو کير پيئندو آهي ۽ سندس گهوڙا وري ناشتي ۾ بجاءِ گاهه جي، پستا ۽ بادام کائيندا آهن، تڏهن ڪنهن وقت مون لکيو هو:
    هو ۽ هن جا گهوڙا
    گهوڙا گهوڙا
    حديث پاڪ ۾ ته ايترو به لکيل آهي ته گهوڙو جانور انسان ذات سان، نه فقط همدرد... پر وفادار به بي انتها هوندو آهي. هندن جي ڌرمي ڪتاب مهاڀارت جي ته صفحي صفحي تي وفادار گهوڙا ڊوڙندا ۽ وفاداريون ڏيکاريندا نظر ايندا آهن. روسي افسانه نگار، چيخوف جي هڪ ڪهاڻي جو قصو ٻڌو، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته غريب ڪوچوان جو نوجوان پٽ مري ٿو وڃي ۽ هو اهڙي ڏينهن تي به سندس ڪفن دفن جي ڏوڪڙن لاءِ گهوڙي گاڏيءَ کي جوٽي، روزگار لاءِ نڪري ٿو پوي. تڏهن سمجهي ٿو ته چئن ڏوڪڙن جي حاصلات سان گڏوگڏ هو ان دوران ٽانگي تي سوار ٿيندڙ سوارين سان دل جو حال به اوري اندر پيو هلڪو ڪندو... پر ان وچ ۾ ته قصو ئي اور ٿيندو ٿو رهي ۽ جيڪو سوار هن جي ٽانگي تي سوار ٿو ٿئي، اهو هن سان پنهنجن ئي دردن جا قصا کولي ٿو ويهي رهي. تان ته ايئن هڪ هڪ مسافر جي منزل ايندي ٿي رهي ۽ ڪوچوان جا دک اڻ چيا ئي رهجيو ٿا وڃن. جيڪي پوءِ هو گاڏي ڇوڙڻ وقت پنهنجي گهوڙي جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي، ان کي ئي گوش گذار ڪرڻ ٿو لڳي ۽ سڏڪا ڀري گڏوگڏ روئندو به ٿو رهي. چيخوف جي ان ڪهاڻيءَ جي تصور مان نڪري سوچيم، ڇو نه ان گهوڙي جي حوالي سان ٿورو ڀٽائي صاحب جي رسالي سان به رجوع ڪريان. ايئن رسالي کي هٿن ۾ کڻي رڳو کوليم مس، جو سُر ڪيڏاري جي سٽ سٽ منجهان ڀٽائي صاحب جو آواز مون چٽو ٻڌو، چيائون پئي... سنڌ ۾ بابا... رڻ گجي پيو... ماحول مچنئي پيو، رئي چڙهندي اچي، سو بس، نوجوانن کي وڃي آگاهه ڪري ڇڏ ته:
    گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
    روزاني ڪاوش حيدرآباد جي ٿورن سان.

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين الله جي مخلوق ۾ سواءِ انسان جي باقي سڄي مخلوق سندس بندگي ڪري رهي آهي ۔
    انسان جي ضمير جي جنجهوڙ تي بهترين قلم کنيل نظر پيو اچي ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ننڍي هوندي درسي ڪتابن ۾ هڪ نظم پڙهڻ لاء لندو هو، خبر ناهي اهو هاڻ شامل آهي الائي نه :

    مٺڙا گهوڙا اوري آءُ
    خوب خوشيء سان داڻو کاءُ

    گهڻو وڻندو ۽ اڃان تائين ياد آهي، هڪ وقت هو جڏهن اسان پرائمري ۾ پڙهندا هئاسين ته شهر وڃڻ لاء فقير آڍل ڳاهو جي بَگي هوندي هئي ان تي ويندا هئاسين، هن جي بگيء ۾ هڪ گهوڙيِ هوندي هئي جيڪا سدائين روڊ جي ساڄي پاسي هلندي هئي ۽ جيڪڏهن هاء وي تي چڙهندا هئاسين ته خوف ۾ رهندا هئاسين، فقير ڪوشش ڪندو هو ته گهوڙي پنهنجي پاسي هلي پر سڀ ڪوششون ناڪام، لاچار ڪچي تي لاهي هلائيندو هو۔

    هڪ دور هو جڏهن ڊپلومه ڪرڻ لاء ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي، پنجگلا چوڪ کان ٽانگي ذريعي سول اسپتال تائين وڃڻو پوندو هو ۽ واپسي به ايئن ئي ٿيندي هئي۔ اتي ٽانگا پنهنجي نمبر تي هلندا هئا، اسان به ڪجهه مهينن ۾ گهوڙن جي چال سمجهي وياسين ۽ سڃاڻي ورتوسين ته ڪهڙو گهوڙو ڀلو آهي۔ پوء اسان انتظار ڪري به ان نمبر واري گهوڙي واري ٽانگي ۾ سوار ٿيندا هئاسون ۽ سوار به اسان کي سڃاڻي ويا هئا، سو گهوڙن جون رينون ڇڪي انهن کي ٽاپو ٽاپ آڻيندا هئا ۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي شيئر ڪيل نصير مرزا جي هن ليک ۾ ڄاڻ به هئي ته اتي اسان جي يادگيرين کي واپس پراڻي دور ڏي به وٺي ويو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو