• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب جي اي بڪ ۾ دستيابي

جميل احمد

سينيئر رڪن
منهنجو لکيل ڪتاب There are only Eleven Words in English اي بڪ جي شڪل ۾ www.lulu.com تي دستياب آهي.جنهن ۾ اهو ٻڌايل آهي ته انگريزي ٻولي ۾ لفظن جاڪل 11 قسم آهن.هر ڪنهن قسم لاءِ هڪ الڳ رنگ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ هر قسم جي لاءِ 30 مثالي جملا ڏنل آهن ۽ انهن 30 جملن ۾ موجود ان قسم جو هر لفظ ان مقرر ڪيل رنگ ۾ لکيل آهي.۽ هر قسم جي مشق لاءِ وري 30 جملا ڏنل آهن.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ وري پهرئين حصي ۾ آيل 330 مثالي جملن جو هر لفظ ان قسم جي مقرر ڪيل رنگ ۾ لکيل آهي.
هي هڪ مختصر ڪتاب آهي پر بلڪل نئين انداز سان لکيل آهي.هي صرف 37 صفحن تي مشتمل آهي پر ان ۾ 11 قسم جي لفظن جو وڏو تعداد آهي.
 
جميل صاحب مهرباني

مون ڪتاب اتان ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر 20 ڊالر پي گهريا ويا، اوهان جي محنت آهي، اوهان کي ان ڪم جو اجورو ملڻ گهرجي، پر سنڌ سلامت جي ساٿين لاء اها رقم ڀرڻ ڏکي آهي۔

اميد ته ڪجهه وقت کانپوء اوهان ان ڪتاب جي ڪاپي اسان کي عنايت ڪندا جيئن سڀني سنڌين سان شيئر ڪري سگهون۔
 
عبدالحفيظ لغاري صاحب فائل اپ لوڊ نه ٿي سگھيو ڇا؟ مختلف ٻولي هجڻ ڪري يا ڪنهن سبب ٻئي جي ڪري ان جو هن سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيڻ ممڪن ناهي ڇا؟
 
عبدالحفيظ لغاري صاحب فائل اپ لوڊ نه ٿي سگھيو ڇا؟ مختلف ٻولي هجڻ ڪري يا ڪنهن سبب ٻئي جي ڪري ان جو هن سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيڻ ممڪن ناهي ڇا؟
ادا عبدالحفيظ جن شايد مصروفيت جي ڪري اوهان جي ميل رسيو نه ڪري سگهيا آهن انشآء الله توهان جو ڪتاب جلد فورم تي ظاهر ٿيندو۔
 
ادا سائين رحيم بخش جن صحيح چيو۔ ڪمن ڪارن جي گهڻائي ڪري ايڏي وٺ وٺان آهي جو اهو ڪم ذهن تائن ئي لهي ويو۔ اڄ ئي ڪبو انشا الله
 
سائين جميل احمد صاحب! ڪجهه ڪمن ڪارين ۽ هڪ سبب ڪري ڪتاب اپلوڊنگ ۾ دير لاءِ معذرت۔​
سبب اهو ته جڏنهن کان سنڌ سلامت کي انتظاميه (بلڪه خاص طور ذيشان رشيد) وي بليٽن تان زين فورو تي منتقل ڪيو آهي ته ڪجهه ڪم اوکا ٿي پيا آهن۔ جن ۾ ڪتاب اپلوڊنگ کان پوءِ انهي جو سڌو سنئون (آن لائين) ڏيک ۽ ڊائونلوڊنگ وارو ڪم به هڪ آهي۔ اهو ڪم سليمان وساڻ کي وري صحيح نموني ڪرڻ ايندو آهي۔ اڄ وڃي اهو ڪم سائين تي رکيم ۽ هن مرد مجاهد هميشه جيان مسڪرائيندي ڪم ڪري ڏنو!​
اوهان جو ڪتاب هڪ نئين موضوع طور هن لنڪ تي موجود آهي​
 
Back
Top