اسان جي پياري ميمبر ۽ هن فورم جي سونهن ادا عاشق سولنگيءَ جو ننڍڙو ڀاءُ اوشاق علي سولنگيءَ ڪجهه وقت کان بيمار آهي ۽ سندس لاءِ آپريشن تجويز ڪيو ويو آهي، جيڪو سڀاڻي ٿيندو، تمام ميمبرن کي گذارش آهي ته سندس جي صحتيابيءَ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائين ته جيئن اسان جي پياري عاشق سولنگيءَ جو هي ننڍڙو ڀاءُ جلد صحتياب ٿي پنهنجي گهر ۾ خوشيون وکيري۔۔۔
الله تبارڪ و تعالي جي حضور نهايت عاجزي سان دعاگو آهيان ۔ يا الله تون جَلَّ جَلالهُ آهين غفور رحيم آهين ڪل شيءِِ قدير آهين،حليم و حڪيم آهين تو کي سڀ معلوم آهي،اسان جي هيڻن حالن جي تون ئي پرگهور لهندو آهين۔تون ئي آهين جيڪو اسان جي بدڳعمالن جي هوندي به پنهجون بيبها نعمتون روزاني روز عطا ڪندو آهين،يا الله هر ڏکي مهل ۾ توکي ئي سڏيندا آهيون ۽ تون ئي پنهجو ڪرم ڪندو آهين،بيشڪ اسين ناشڪرا توکان غافل ٿي ويندا آهيون،مالڪ اسين ته خطاڪار آهيون،پر تون ته بخشڻهار آهين،تون ته مولا الرحمان الرحيم آهين تون ئي بيمارن کي شفا ڏيڻ وارو آهين،تون ٻاجهيندڙ ٻاجه ڌڻي آهين،تو پنهجو خاص ڪرم فرماء اسان جي هن ننڍڙي ڀاء کي صحتياب ڪر اسان جون خطائون بخش بيشڪ تون ئي ٻاجهارو آهين۔ درود وسلام سرڪار مدني حبيب ِ خدا سيدنا حضرت محمد مصطفي ا صلي الله عليه و آله وسلم جن تي و آلِ سيدنا حضرت محمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جن تي ،آمين
رب ڪريم جل جلاله جي بارگاه بيڪس پناه ۾ عرض آهي ته اسانجي دوست عاشق علي جي برادر محترم اوشاق علي کي جلد صحت جي نعمت سان سرفراز فرمائي۔ آمين۔
ياالله پنهنجي پياري محبوبِ مصطفيٰ صلي الله عليه وسلمجي صدقي ۾ اسان جي ننڍڙي ڀاءاوشاق کي جلد کان جلد صحتياب ڪر آمين