ميڊيڪل غزل (توهان جي چپن تي مسهڪرائٽ پکيڙڻ جي هڪ ڪوشش)اچو زندگي جو مزو چکون۔ دواء ٻارن جي پهچ کان پري رکون۔تو سان ملڻ لاء هاڻي ڪهڙي جستجو ڪيون، طبيعت زياده خراب هجي ته ڊاڪٽر سان رجوع ڪيوندل منهنجو ٽُٽي پيو جڏهن کنيو هن جي ڏولي، هن نخري سان چيو کائي ڇڏجان ڊسپرين جي گوري ۔ حال محبت جو آئون هن کي ٻڌيان ڪيئن۔هن پنهجي هٿ ۾ کنيل سرنج منهنجي ٻانهن ۾ ٽبيندي چيوء” هيئن“۔ ڇا ته خوشبوء هئي هن جي هٿ ۾ اسپريٽ جي، سنگهڻ سان ان کي منهنجي بيماري ڄڻ ختم ٿئي ويئي۔اي هم نواء دل تنهنجو آرزومند رهندو ،جواب مليو جمع جي ڏينهن ڪلينڪ بند رهندو۔
اي هم نواء دل تنهنجو آرزومند رهندو ، جواب مليو جمع جي ڏينهن ڪلينڪ بند رهندو۔ هاهاهاها ۔۔۔۔ واقعي مسڪراهٽ آئي، اصل واهه واهه ٿي وئي
دل منهنجو ٽُٽي پيو جڏهن کنيو هن جي ڏولي، هن نخري سان چيو کائي ڇڏجان ڊسپرين جي گوري ۔ زبردست۔ لاجواب شاعري آهي۔
ههههههههها ۔ اصل کلي کلي پيٽ ۾ وٽ پئجي ويا ۔۔۔ حال محبت جو آئون هن کي ٻڌيان ڪيئن۔هن پنهجي هٿ ۾ کنيل سرنج منهنجي ٻانهن ۾ ٽبيندي چيوء” هيئن“۔