ٻه ٽي ڏينهن اڳ اچانڪ سنڌ سلامت فورم بند ٿي ويو۔ منهنجو ته مغز ئي ڦري ويو هڪ ته انٽرنيٽ تي اچڻ جو ٽائيم ئي نه ملي ٻيو لوڊ شيڊنگ جو آزار مٿان وري سنڌ سلامت جو نه کلڻ۔ فورن ادا رشيد سمون کي فون ڪيم چيائين ڪو مسئلو آهي جلد ختم ٿي ويندو۔ پر جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ادا رشيد سمون جو نمبر نه هجي ته اهو ڇا ڪندو ۔ منهنجي صلا وٺو ته هن سائيٽ تي وڃي سنڌ سلامت جو URL ايڊريس لکو ۽ چيڪ ڪريو ته رڳي توهان وٽ اهو مسئلو آهي يا وري سائيٽ هر جڳهه تي ڊائون آهي۔ سايئٽ تي وڃڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو
مهرباني ادا وحيد سمون صاحب ۔۔۔۔۔۔۔ يار تمام ڀلي ڳالهه ڪئي اٿئي اسان جو به ڪڏهن ائين مٿو ڦري ويندو آهي۔۔۔۔ پر هاڻي جو هاڻي اوهان واري انهي سائيٽ کي فيورائيٽ ۾ ٿا ايڊ ڪري وٺونس۔۔۔۔ لکين قرب ادا
هڪ ٻي به سائيٽ آهي جتي توهان پنهنجي اي ميل ايڊريس ڏئي مطلوبه سائيٽ جو URL لکو ... هاڻي اها سائيٽ وارن جي ذميداري آهي ته جڏهن به سائيٽ ڊائون ٿئي توهان کي اي ميل ڪري نوٽيفڪيشن موڪليو ويندو ته توهان جي پسنديده سائيٽ ڊائون ٿي چڪي آهي.... سائيٽ جي سڪرين شاٽ هي آهي... Ding It’s Up سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو