منهجا جذبه ڪومل ڪومل نرم و نفيس پنکڙين جيان، پنهجي پوري سندرتا سان لبريز سوچن جي خونصورت وادي ۾ پنهجي آشآئن کي ساڀيان ارپڻ لاء هن وجود جي ڌرتيءَ تي مهوءِ رقص هئا ،۽ موهيندڙ دل جي شادماني لاء وجود جي هنن ساٿين ،هٿن ، پيرن، اکين پڻ گيت پئي چيا پنهجي مستقبل جي اونچن مينارن ۾ پنهجو عڪس پسي تصوراتي منزل کي پائڻ لاء هر احساس کي سمائي،نئين سر جيئڻ لاء هر جتن کي پنهجي آرزو سمجهي هر جيء سان گڏ سڏ ۾ سڏ ڏئي رهيا هئا امن آدرشن ۽ آسن جي اهتمام سان، اچانڪ هن ڌرتيء تي شور ،غل، ٺڪائن سان سڀ ڪجه چُور چُور ٿيو تو هي ڇا ڪيو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!! ٻڌاءِ او وقت جا حڪمران ٻڌاء منهجي جذبن ۾ فطور ۽ فشار ڇو پيدا ڪيو؟؟؟ ٻيائي ،ڪوڙ ڪيني ۽ قدورت کي پنهجي قولن ۾ تو سمايو سزا وري موکي ڏين ٿو،! نه ڳالهاء،چپ ڪر دڙڪا ڏين ٿو! منهجي نفيس جذبن کي تو لوه ۾ بدلايو آ منهجي محبتي سوچن کي آڙاه ۾ اڇلايو آ منهجي گيتن کي تو گجگوڙ بنايو آ منهجي قرب کي ڪهي مون کي منهجي ڀاءُ سان ويڙهايو آ منهجي منزل ڪاٿي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ منهجو امن ڪاٿي آ،،،؟ منهجا احساس ڪاٿي آهن؟ تو منهجا مينار ڊاهي ،مونکي بارود تي بيهاريو آ ڏِس او حڪمران ڏِس!!!! مون کي غور سان تون ڏِس، مان، ڇا مان ڇا! بڻجي ويس پنکڙي مان لوه بڻجي ويس اڄ مونکان تون خائف آهين،تڏهن پنهجي لاء وڏا ڪوٽ ٿو ٺاهين، منهجي لاء آ تو جيل بڻايو،پر پنهجي لاء آ تو ويل بڻايو مون ڏٺا آهن تنهجا هٿياربند ٽولا،مان ٿو ڳاله ڪريان هو ٿا سمجهن بم ۽ گولا منهجي آواز ۾ تون ڏسين ٿو رڳو شعلا، پوء به نه ٿو سمجهين ته هي ڇاهي؟؟؟؟؟ تنهجي ٻريل آ اهيا باه او حڪمران، اهيا محبت سان ئي وسامندي مون محبتي ميڙڻ شروع ڪيا آهن،جيڪي پيار سان ڪاهيندا ٿا اچن ڏسون تون رهزنيءَ ۾ محبتي ڪيئن ٿو مارين شايد تون نه ٿو ڄاڻِين، موُتوُ قِبل الانتَ مُوتُو مري وري جيئرا ٿيا،پنکڙين مان رُڪُ ٿيو بدن ايڏا وڏا ڦيرا ٿيا منهجي محبت مارن سان آ،مون جنگ جوٽي غدارن سان آ تون ها او حڪمران تون ،منهجو ويري آهين ويري آهين منهجي جزبن جو،منهجي سپنن جو منهجي سوچن جو،منهجي ارمانن جو مان تو سان وڙهندي ماريو ويندس پر وطن پنهجي تا واريو ويندس تون حاڪم بڻيئن گهڻوخوش نه ٿي ،تاريخ ۾ لکبين غدارن ۾