• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرڪاري آڇون رد ڪري ڇڏيون، سنڌ امڙ لاءِ ڏاڏَي وارو رستو ورتو آهي: پير پاڳارو

جاويد حسين

سينيئر رڪن

ڪراچي؛ مسلم ليگ فنڪشنل جو سربراهه پير پاڳارو سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪري رهيو آهي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو


آهي ته ڀلي سڀ ڇڏي وڃن پر اڪيلو به روڊن تي نڪري ڪاري قانون خلاف جدوجهد ڪندس. هيءَ جدوجهد پنهنجي سنڌ امڙ کي ڏکي وقت مان ڪڍڻ لاءِ پيو ڪريان. سرڪار جون سموريون آڇون رد ڪري ڇڏيون آهن. ملاقات به نه ڪئي آهي. جڏهن ته مان هاڻي پنهنجي ڏاڏي جو رستو اختيار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن راجا هائوس ۾سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ رائيٽر فورم جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندي ڪيو. وفد ۾ حميد سنڌي، تاج بلوچ، مهتاب اڪبر راشدي، امداد حسيني، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي حسين هارون، جي اين مغل سميت 35 ليکڪ ۽ دانشور شامل هئا. ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته مان ف ليگ جي پاليسيءَ سان اختلاف رکڻ سبب چپ ڪري پاسي تي ويٺو هوس پر هاڻي عوامي اميدن ۽ عوامي اشوز موجب ف ليگ جون پاليسيون جوڙي رهيا آهيون. پير پاڳاري سنڌي دانشورن، اديبن ۽ ڪالم کي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڳالهين لاءِ رابطا ڪيا هئا ۽ چيو ته اويس مظفر ٽپي ۽ شرجيل ميمڻ کي موڪليون ٿا. ان سان ڳالهيون ڪريو، پر مان صاف انڪار ڪيو. هن ٻڌايو ته مون کي مختلف قسم جون آڇون به ڪيون ويون پر انهن کي مان چيو ته پنهنجي ڏاڏي وانگر سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندس. ٻئي طرف ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز شيخ چيو ته ملاقات ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري نظام تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان جي هر فورم تي مذمت ۽ واپس وٺڻ تائين تحريڪ جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته جيستائين اهو قانون واپس نه ورتو ويندو، تيستائين ڪنهن سان به ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي ۽ ان نظام خلاف عيد کانپوءِ رابطا مهم جو آغاز ڪيو ويندو. جنهن تحت سنڌ جي هر ضلعي ۾ وينداسين ۽ ان نظام جي مخالفت ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي عبدالله حسين هارون چيو ته آئون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ان ڪري ڇڏي آيو آهيان ڇو ته هن وقت پنهنجي ڌرتي جي خدمت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. جيڪا عوامي مفادن ۾ نه آهي ۽ عوام ان نظام جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ آئون پير پاڳاري جي هر قدم جي ڀرپور حمايت ڪندي ان جو حصو ٿيڻ جي خاطري ڏيان ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي چيو ته هن وقت سنڌ ترقي طرف وڌي رهي آهي ۽ عوام ان نظام کي مڪمل طور تي رد ڪري سنڌ جي مفادن کي سامهون رکيو آهي ۽ هاڻي سنڌ جي عوام ۾ سجاڳي اچي وئي آهي. جيڪا خوش آئينده ڳالهه آهي. هن چيو ته هميشه پيپلزپارٽي تنقيد ڪندي رهي ٿي ته مخالفت ڪندڙن ان آرڊيننس کي پڙهيو ئي ڪونهي پر اڄ اها ڏسي ته اهي اديب ۽ دانشور ان نظام جي مخالفت ڪري رهيا آهن، اهو سنڌ جو پڙهيل لکيل طبقو آهي. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري مشتاق ڦل چيو ته اسان جو ۽ پير پاڳاري جو نئين مڪاني نظام تي اعتراض ساڳيو آهي ۽ اسان کي پير پاڳاري توقع کان وڌيڪ موٽ ڏني آهي ۽ اسان ان نظام جي مخالفت ڪندڙ سمورين پارٽين سان ملنداسين ۽ متحد ٿيڻ جو مشورو ڏينداسين. جڏهن ته امداد حسيني چيو ته حڪومت فوري طور اهو ڪارو قانون واپس وٺي ۽ اسان هر فورم تي پير پاڳاري سان گڏ آهيون ۽ پير پاڳاري واضح ڪيو آهي ته ان قانون جي واپس ٿيڻ کان پهرين، ڪنهن به ڌر سان ڳالهيون نه ڪنداسين.

روزاني عوامي آواز۔
 
اسان جون اهي اميدون آهن ته فنڪشنل ليگ پنهنجي هن موقف تي قائم رهندي سنڌ جو ڪيس لڙي ۽ هن آرڊيننس کي واپس ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري۔ خوشي ان جي ڳالهه جي به ٿي جو موجوده پير پاڳاري فنڪشنل ليگ جي پاليسين سان اختلاف رکيو۔ اميد ته پير صاحب پاڳارو فنڪشنل ليگ کي پابند بڻائيندو ته سنڌ جي مفادن جو خيال رکن۔

گذريل حڪومتن ۾ فنڪشنل ليگ ان ٽيم جو حصو هئي جنهن حيدرآباد جا ٽڪرا ڪندي انهن کي پنجن ضلعن ۾ ٽوڙيو ۽ ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري سٽي گورنمينٽ جو حصو ڪيو۔ اسان اها اميد ڪنداسين ته فنڪشنل ليگ پنهنجي گذريل ڪمن جو ڪفارو ادا ڪندي ۽ سنڌ لاء ڪجهه ڪري ڏيکاريندي۔
 
ڪيترن سالن کان اسانجا هٿ مٿي آهن ته رب العالمين سنڌ کي ڪو اهڙو ناکئو مهيا ڪري جو سنڌ ملڪ جي ٻيڙي جيڪا درياهه جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي، کي ڪڍي ڪناري وٺي اچي ۔۔۔ اميد آهي ته رب العالمين اسانجون اهي دعائون ضرور ساڀيان ڪندو ۔۔۔

جي هي ڀلارو شخص پنهنجي سورهيه ڏاڏي واري رستي تي هلندو ته اسين سڀ سندس مٿان گهور وينداسون ۔۔۔ انشاء الله

وطن يا ڪفن ۔۔۔ واري نعري جي پوئلڳن کي سلام
 
پير صاحب پاڳاري جو اهو بيان ساراهه جوڳو ئي نه پر ساهه سان سانڍڻ جهڙو پڻ آهي، هن مهل پي پي وارن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لا جيڪڏهن ڪا طاقت آهي ته اُها پير صاحب پاڳاري جهڙي طاقت موجود آهي، هي ئي اهڙو وقت آهي جنهن ۾ پاڳاري صاحب جن کي سنڌ جو دورو ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون ٺاهي سگهندا۔ هن وقت سنڌين کي اهڙي ئي سورهيه جي گهرج آهي۔ اهو ڏينهن پري ڪونهي جنهن ڏينهن پير پاڳارو سنڌ جي سرواڻي ڪندو ۽ سنڌين جي دردن جو درمان بڻبو۔ اسان جي سڀ نيڪ تمنائون ساڻن گڏ آهن پر شرط اهو آهي ته اهي ڳالهيون سنڌ جي آجپي لا ئي هجن نه ڪي سنڌ جو نانو وٺي سنڌ جو سودو ڪڏهن برداشت نه ڪبو۔
 
Back
Top