بال جبريلاقبال جي هڪ تصنيف جو مطالعاحسان بدوي ”علامه اقبال“ جي شاعريءَ، ۽ هن جي فڪر، ۽ خيالات متعلق ايترو ته لکيو ويو آهي، جو آءٌ حيران آهيان، ته ڪهڙيءَ ڳالهه کي ڇڏيان ۽ ڪهڙيءَ تي لکان. اِها حقيقت آهي، ته اقبال پنهنجي فڪر، ۽ شاعريءَ مان، جو ڪجهه ڏنو آهي سو ايترو ته گهڻو آهي، جو اُن تي جيترو به لکيو وڃي، اُهو ٿورو ٿيندو. پر اِن مان ائين سمجهڻ نه گهرجي، ته هو ڪو گهڻي لکڻ جو عادي هو. هن حقيقت ۾، صحيح آرٽ کي پيدا ڪرڻ ٿي گهريو. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان کي، هن جي ڪتابن ۾، واضح ۽ منتخب خيال ملن ٿا، ۽ جي هن جي گهري فڪر جو نتيجو آهن. آرٽ پرکڻ لاءِ، اِهو ضروري آهي، ته اسان ايترو اندازو لڳايون، ته فنڪار، جنهن فن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ اُن ۾ هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. ان خيال کان ڏسبو، ته اقبال جا ڪتاب، اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾، شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي، ته اُن وقت جو هندستان؛ هن جي ڪتابن جي مقابلي ۾ مشڪل سان ڪو ڪتاب پيش ڪري سگهيو ٿي. علامه اقبال، جي پنهنجي شعر جا ڪتاب ڇڏيا آهن؛ اُنهن مان، ”بال جبريل“ تي، آءٌ نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. اُن کان اڳ، جو ”بال جبريل“ تي سوچيو وڃي، اِهو ضروري آهي، ته اُنهن حالتن کي ڏٺو وڃي، جن ۾، ان ڪتاب جي نظمن جنم ورتو آهي. بال جبريل، پهريائين پهريائين جنوري 1935ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان اڳ اقبال جون مشهور تصنيفون، جهڙوڪ: پيام مشرق، اسرار و رموز، زبور عجم، ۽ جاويد نامو؛ ظاهر ٿي چڪيون هيون. اقبال هنن ڪتابن ۾ پنهنجي نظريه/يعني ”خودي“ کي پيش ڪري چڪو هو. اُهي انقلاب ۽ دنيا جون ٻيون حالتون، جن ۾ هو پرورش پائي رهيو هو سي سندس ئي سامهون ٿي گذريون هيون؛ جن کان هو نه فقط متاثر ٿيو هو، پر ان جو ڪجهه محسوس ڪيو هو، تنهن کي به بيان ڪري چڪو هو. پر، اهو سڀ ڪجهه، پارسيءَ زبان ۾ هو. ان ڪري اقبال لاءِ اهو لازمي هو، ته انهن ڳالهين کي هو اردو شاعريءَ ۾ به ٻڌائي. اهو ئي سبب آهي، جو اقبال ”بال جبريل“ ۾ لکيو آهي: اُڻهه که خورشيد کا سامان سفر تازه کرين نفس سوختہء شام و سحر تازه کرين انهيءَ سوخته نفس، لاءِ هو جنهن شام ۽ سحر کي تازو ڪري رهيو هو، تنهن جو پيغام هن ”بال جبريل“ ۾ ڏنو آهي. ”بال جبريل“ کان اڳ هن جي اُردو نظمن جو مجموعو ”بانگ درا“، 1922ع ۾ شايع ٿي چڪو هو. هنن ٻنهي ڪتابن جي وچ ۾، تيرهن سالن جو عرصو هو، ۽ اِهو وچون عرصو، جئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي؛ هن جي پارسي شاعريءَ جو آهي. اسان کي، هن جي پارسي شاعريءَ سان بحث ڪرڻو نه آهي؛ پر صرف ايترو ٻڌائڻو آهي، ته هن وٽ مينا عجمي آهي يا هندي، پر شراب اُهو ئي ديسي آهي. اقبال پارسي شاعريءَ ۾ جن ڳالهين تي تفصيلي بحث ڪيو آهي؛ تن کي اردو شاعريءَ ۾ فقط اشارن ۾ بيان ڪيو اَٿائين. ان ڪري اهو مشڪل آهي، جو ”بال جبريل“ جي نظمن جو ڪو خاص زمانو مقرر ڪري سگهجي. ڪجهه نظم، هن گول ميز ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان اڳ لکيا، ڪي انگلنڊ ۾، ڪجهه اسپين ۾ ۽ ڪجهه فلسطين ۾. بال جبريل ۾، اقبال جيتوڻيڪ خوديءَ جي فلسفي جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، اِن هوندي به، اِهڙا ڪيترائي مضمون اچي ويا آهن جي هن جي پنهنجي زماني سان واسطو رکندڙ آهن؛ جن ۾ ”لينن خدا جي حضور ۾“، ”جاويد کي“، ”فلسفو ۽ مذهب“، ”مسوليني“، ”خوشحال خان جي وصيت“، ”ساقي نامو“، وغيره؛ جهڙا بهترين ۽ لازوال نظم شامل آهن. ”بال جبريل“ اِن ڪري، عبدالله انور بيگ جي لفظن ۾: ”نهايت ئي پرجوش ڪتاب آهي، ۽ اُردو شاعريءَ ۾ بلند جڳهه والاري ٿو.“ بال جبريل جي شروعات ۾ ڪل 62 غزل آيل آهن. هنن غزلن جي، جا ترتيب ۽ طرز رکي وئي آهي، سا شاعر جي عميق خيالن ۽ هن جي گهريءَ نگاه کي ظاهر ڪري ٿي. اقبال غزل گوئي جي روايت پرستيءَ کان پاسو ڪري، پنهنجي غزل کي جا وسعت ڏني آهي، سا اُردو غزل، اِن کان اڳ، ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. ”حالي“ جنهن وسعت ۽ نئين انداز جو تمنائي هو، ۽ عشق عاشقيءَ جي مضمونن کي ڇڏڻ ٿي گهريو، سو سڀ ڪجهه اقبال جي غزلن ۾ موجود آهي. اقبال جي غزل ۾ جتي بيان جي شوخي آهي، اتي اسان کي تغزل به ملي ٿو. جيتوڻيڪ هن بلڪل نوان ”مضمون“ غزل لاءِ سوچيا آهن، اِن هوندي به، اُنهن جي ڪيفيت ۾ ڪٿي به گهٽتائي محسوس نٿي ٿئي. ”بال جبريل“ جو پهريون ئي غزل، هڪ اهڙي انسان جي عزم ۽ اِرادي کي ظاهر ٿو ڪري، جو ڪائنات جي ذري ذري ۾، پنهنجي نوا سان، هڪ غلغلو، ۽ شور پيدا ڪرڻ گهري ٿو: ميري نوائـي شوق سـي شور حريم ذات مين غلغله هائـي الامان بتکدهءِ صفات مين اقبال جا تخيلات اهڙا نه آهن، جو ان کان حورون ۽ فرشتا بچي سگهن. نه فقط ايترو پر هن جي نگاه ايتري ته تيز آهي، جو ذات باريءَ جي تجليّن ۾ به خلل پيدا ٿي پوي ٿو: حور و فرشتہ هين اسير ميري تخيلات مين ميري نگاه سـي خلل تيري تجليات مين هن غزل جي شوخي ۽ توانائي ايتري ته تيز آهي؛ جو دل ۾ هڪ ولولو ۽ جوش محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. هي غزل هڪ ئي وقت حياتي بخشيندڙ ۽ زندگي پرور آهي. ”بال جبريل“ جي ٻي غزل کي ڏسو: اگر کج رو هين انجم، آسمان تيرا هـي يا ميرا مجهـي فکر جهان کيون هو، جهان تيرا هـي يا ميرا اگر هنگام هائـي شوق سـي هـي لامکان خالي خطا کس کي هـي يا رب! لامکان تيرا هـي يا ميرا اُسـي صبح ازل انکار کي جرات هوئي کيونکر مجهـي معلوم کيا! وه رازدان تيرا هـي يا ميرا هن غزل کي پڙهو، ته هن جي جرات منديءَ جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو. انسان هن ڪائنات ۾ اِن مقصد سان نه آندو ويو آهي، ته هو ڪو مجبور ۽ محڪوم ٿي رهي، پر ان لاءِ، ته پنهنجيءَ عزت، پنهنجيءَ قوت ۽ پنهنجي شان شوڪت کي به محسوس ڪري. اقبال، انسان جي عظمت کي محسوس ڪيو آهي، ۽ هن جي حيثيت کان متاثر نظر اچي ٿو. اقبال پنهنجي غزل ۾ هڪ پيغام ڏئي ٿو. هن جي اڳيان، هڪ مقصد آهي. پر اُهو مقصد، هڪ منزل تي پهچي ختم نٿو ٿئي، بلڪ ان جون ڪيتريون ئي منزلون آهن. زندگي، برابر وڌندي ۽ ويجهندي رهي ٿي، ۽ ان جي راه ۾ ڪابه رڪاوٽ نه آهي. گهڻو ڪجهه ٿيو، ته منزل تي پهچي، ٿوري دير لاءِ آرام ڪري وري هلڻ شروع ڪندي. هيءَ ڪيفيت، اقبال هڪ غزل ۾، هن طرح بيان ٿو ڪري: ستارون سـي آگـي جهان اور بهي هـي ابهي عشق کي امتحان اور بهي هـي قناعت نه کر عالم رنگ و بو پر چمن اور بهي آشيان اور بهي هـي اسي روز و شب مين اُلجهه کر نه ره جا که تيري زمان و مکان اور بهي هـي اقبال ان ڪري هڪ نئينءَ دنيا جو تمنائي رهيو آهي، ۽ اُن جي بڻائڻ لاءِ فڪرمند. هن پنهنجي خيالي دنيا ۾، هڪ اهڙو ئي جهان ڳولي لڌو هو؛ ڇو ته هو موجوده دنيا جي ڪاروبار کان راضي نه هو: پرانـي هين يه ستاري فلک بهي فرسوده جهان وه چاهئـي مجهه کو که هو ابهي نوخيز اقبال کي خبر آهي، ته هيءَ دنيا ڪيتري به حسين ۽ خوبصورت ڇونه هجي؛ پر جيڪڏهن ان خوبصورتيءَ ۽ دلڪشيءَ جي بڻائڻ وارن/هنرمندن ۽ محنت ڪشن کي ڪجهه به حاصل نه آهي، ته پوءِ اِها دلربائي ڇا ڪبي. اقبال انهن هنرمندن جي پائماليءَ لاءِ هئن ٿو چوي: يا رب يه جهان گذران خوب هـي ليکن کيون خوار هين مردان جفا کيش و هنرمند ان ڪري هن جي نگاه ڪوفي ۽ بغداد ڏانهن نه آهي، پر اُنهن زنده دل جوانن ڏانهن جي هڪ نئين بستي تعمير ڪرڻ وارا آهن. کرين گـي اهل نظر تازه بستيان آباد مري نگاه نهين سوئـي کوفہ و بغداد اِتي پهچي، اقبال اُن انسان کي پسند ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن جي طبيعت خطر پسند آهي ۽ جو سڪون، ۽ عيش عشرت کي ڌڪاري ٿو: خطر پسند طبيعت کو سازگار نهين وه گلستان که جهان گهات مين نه هوصياد اقبال ان ڪري اُن شاهين کان نفرت ٿو ڪري، جو ڳجهن جي صحبت ۾ رهي، پنهنجي شاهبازيءَ کي وساري ڇڏي ٿو: وه فريب خورده که پلا هو کر گسون مين اسـي کيا خبر که کيا هـي ره و رسم شاهبازيءَ اقبال جي خودي، هن جي زنده احساسن جي تصوير آهي. هن خوديءَ کي اِن ڪري ڪائنات جي ذري ذري ۾ سمائي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هو سج، چنڊ ۽ تارن تي ڪمند اُڇلائي رهيو آهي. هن جي خوديءَ ۽ سرمستيءَ جو هي حال آهي، جو هو پنهنجي ابتدا کان بي پرواه، فقط اِنتها تي نگاه رکي ٿو. خردمندون سـي کيا پوچهون که ميري ابتدا کيا هـي که مين اس فکر مين رهتا هون ميري انتها کيا هـي هو فقط اِن تي راضي نٿو رهي، بلڪ انسان کي ڪائنات تي به، حڪمراني ڪرائي ٿو: خودي کو کر بلند اتنا که هر تقدير سـي پهلـي خدا بندي سـي خود پوچهـي بتا تيري رضا کيا هـي هي نهايت ئي خطرناڪ هٿيار آهي، جو هٿياربند سامراج جي مقابلي ۾، هڪ محڪوم قوم جي اُسرندڙ آزاديءَ جي تحريڪ ۾، هن جي جذباتي ۽ داخلي ڪيفيت کي مضبوط بڻائي ٿو. ”ڪاڊويل“ ان سلسلي ۾ لکيو آهي: ”او زار هٿن کي نئين ڪم لاءِ تيار ڪن ٿا، ۽ شاعر نئين مقصد لاءِ دل کي تيار ڪري ٿو.“ ”بال جبريل“ جو ٻيو حصو، هن جي مختلف مضمونن تي لکيل لفظن تي ڇانيل آهي. اُهي نظم اقبال ڪجهه اسپين جي مشهور عمارتن، جڳهن تي لکيا آهن، جڏهن هو ٻئي گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ، اسپين جي سير تي ويو هو. ان کان سواءِ، ڪجهه اهڙا نظم به آهن، جن ۾ هن پنهنجي سياسي ۽ قومي خيال کي به ظاهر ڪيو آهي. اقبال جا اُهي نظم، هن جي خيالن جي تسلسل، روانيءَ، عقيدت، محبت ۽ جذبات کان خالي نه آهن. انهن نظمن ۾، هڪ نهايت ئي مشهور نظم ”ساقي نامو“ به موجود آهي. مولانا عبدالسلام ندويء جي خيال موجب: ”ساقي نامو اردو جي مشهور مثنويءَ سحر البيان جي طرز تي لکيل آهي.“ پر اِها حقيقت آهي، ته اقبال هن نظم ۾ جنهن جوش، مستيءَ ۽ رنگينيءَ کي پيدا ڪيو آهي، سو اسان کي ”سحر البيان“ ۾ نٿو ملي. اقبال جي هنن نظمن مان اسان هن جي خيال، فن ۽ فڪر جو بخوبي اندازو لڳائي سگهون ٿا. اقبال هي نظم اُن وقت لکيا، جڏهن هن جا سياسي، سماجي ۽ معاشرتي خيال پختا ۽ پڪا ٿي چڪا هئا. هنن نظمن جي لکڻ وقت ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو انقلاب به ٿي چڪو هو ۽ هن جي نگاهن انهن جڳهن کي به ڏٺو هو، جتي مسلمانن جي ماضيءَ جون بهترين روايتون دفن هيون. حقيقت هيئن آهي، ته اقبال جا خيال، تاريخ جي جنهن دور ۾ پرورش پائي رهيا هئا، سو دور قومي ۽ بين الاقوامي تاريخ ۾ اهميت رکي ٿو. اقبال سياستدان نه هو، پر هن جي دل ۾، مسلم سماج کي سڌارڻ جي تمنا هئي. ان ڪري، هن جي شاعريءَ ۾، اسان کي، سر سيد، حالي ۽ شبلي جي خيالن جو امتزاج به ملي ٿو. هن مان مطلب آهي، ته اصلاح پسنديءَ ۽ ماضي پرستيءَ جا ٻئي خيال، اسان کي هن جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. پر اها به حقيقت آهي، ته اقبال برڪ ۽ ڪارلائل کان نڪري هيگل، نٽشي ۽ برگسان تائين به پهچي ويو هو ۽ ڪٿي ڪٿي هو ڊارون، مارڪس ۽ لينن کان به متاثر نظر اچي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي شاعري هڪ ئي دور جي شاعري آهي جنهن ۾ نيون خواهشون ۽ نيون تمنائون اسان کي نظر اچن ٿيون، جي اميد سان ڀريل آهن ۽ حوصلي واريون آهن. هتي پهچي، اقبال جي ان جذبي تي سوچڻ به لازمي آهي، جو هن ۾ روس جي انقلاب پيدا ڪيو. اقبال مزدور طبقي جي هٿان، جڏهن سامراج ۽ سرمائيداريءَ جو تختو اُبتو ٿيندو ڏٺو ته هن جي اکين اڳيان هڪ نئون آفتاب اُڀرندو نظر آيو. علي سردار جعفريءَ پنهنجي ڪتاب”ترقي پسند ادب“ ۾ هن بابت اشارو ڪيو آهي ته: اقبال، هندستان جي انهن ٻن ٽن شاعرن مان هو، جن روس جي انقلاب جي مرحبا ڪئي آهي. اقبال پنهنجي آخري زماني ۾ اشتراڪيت جي طرف مائل ٿيندو ٿي ويو، هن کي مارڪس ۽ لينن جي تعليم ۾، سچائي ۽ صداقت نظر ٿي آئي. پر ان هوندي به، هن کي هن تحريڪ جي ڪن بنيادي چيزن سان اختلاف هو. هن جي اڳيان هي خالص ملحدانہ ۽ مادي تحريڪ هئي، جنهن جو بنياد خدا پرستيءَ جي بجاءِ شڪم پرستيءَ تي قائم هو: دين آن پيغمبري حق ناشناس بر مساوات شکم دارد اِساس اقبال پنهنجيءَ ان روحانيت کي، هڪ نظم ”لينن خدا جي حضور“ ۾، هن طرح ظاهر ڪيو آهي: اي انفس و آفاق مين پيدا تري ذات حق يہ هـي که زنده و پائنده تري ذات آج آنکهه نـي ديکها تو وه عالم هوا ثابت مين جس کو سمجهتا تها کليسا کـي خرافات هم بنده شب و روز مين جکڙي هوئي بندي تو خالق اعصار و نگار ندهءِ آنات مگر هتي به هو مزدور طبقي جي تڪليفن کان بي خبر نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن لينن جي زبانيءَ خدا کان پڇيو آهي: تو قادر و عادل هـي مگر تيري جهان مين هين تلخ بهت بندهءِ مزدور کـي اوقات کب ڊوبـي گا سرمايہ پرستي کا سفينہ دنيا هـي تري منتظر روز مکافات اقبال سامراج ۽ سرمائداري جي خلاف جنهن نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان جو مثال اسان کي هن کان اڳ اردو ادب ۾ نٿو ملي. هن جي اها نفرت صرف ظلم ۽ زبردستي تائين نه هئي، بلڪ هن مزدور طبقي لاءِ جو پيغام ڏنو آهي، اُهو ايترو ته جاندار ۽ اميد ڀريو آهي؛ جو شايد لينن ۽ مارڪس جي انقلابي تحريڪن ۾ به نه ملي. هن نظم ۾ هن جو لهجو نهايت ئي تند، تيز ۽ انقلاب انگيز آهي: اُڻهو ميري دنيا کـي غريبون کو جگا دو کاخ اُمرا کي درو ديوار هلادو گر ماوُ غلامون کا لهو سوز يقين سـي کنجشک فرومايہ کو شاهين سـي لڙادو جس کهيت سـي دهقان کو ميسر نهين روزي اُس کهيت کـي هر گوشہء گندم کو جلا دو پر ان جي باوجود، هن جي اڳيان سلطنت جو نظام فقط مذهب ۽ اخلاق تي ئي قائم ڪري سگهجي ٿو؛ ڇو ته کيس خوف آهي، ته جمهوريت ۽ اشتراڪيت اڳتي هلي شايد ملوڪيت جو روپ اختيار ڪري، ته پوءِ اُها ”چنگيزي جو لباس“ پهري ويندي: زمام کار اگر مزدورون کـي هاتهون مين هو پهر کيا طريق کوهکن مين بهي وهي حيلـي هين پرويزي جلال پادشاهي هو که جمهوري تماشا هو جدا هو دين سياست سـي تو ره جاتي هـي چنگيزي ممڪن آهي ته اقبال کي ڪي ترقي پسند نه به سمجهن، پر هن جي رجعت پرستيءَ ۾ جي ترقي پسنديءَ جا جواهر لڪل آهن، اُنهن کي ڇڏڻ نهايت ئي نقصان ڪار آهي. اقبال کي جيتوڻيڪ مغربي تهذيب کان نفرت هئي، پر ان هوندي به، هن اُن تي جا نگاه وڌي آهي سا تعميري آهي. مغربي تهذيب کان هو اِن ڪري نفرت نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اُها جديد آهي، بلڪ ان ڪري ڇاڪاڻ ته اُها صدين جي پراڻي تهذيب کي ناس ڪندڙ آهي. هو مغرب جي مادي پرستيءَ جو قائل نه آهي، پر هر چيز کي هو روحانيت جي اک سان ڏسي ٿو. ان کان سواءِ، هو زندگيءَ کي، جنهن نگاه سان سنوارڻ گهري ٿو، سا انسان جي پنهنجي جدوجهد هئڻ گهرجي. ”بال جبريل“ ۾، هن ”جاويد“ کي، جو خط لکيو آهه، اُن ۾ اِن ڏانهن هئن اشارو ڪري ٿو: آڻها نه شيشہ گران فرنگ کـي احسان سفّال هند سـي مينا و جام پيدا کر اقبال جي شاعريءَ ۾، جو تصوف ۽ صوفيانہ خيالن جو رنگ آهي، اُهو ايشيا جي هڪ وڏي صوفيءَ شاعر رومي جو ئي اثر آهي. حقيقت ۾، جئن اٽليءَ جي شاعر ڊانٽي لاءِ ورجل رهنما هو، اِهڙيءَ طرح رومي اقبال جو روحاني مرشد هو. اقبال پنهنجن سڀني ڪتابن ۾، گهڻو ڪري رومي ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ هن کان جو اثر قبول ڪيو اَٿائين، تنهن جو اظهار پڻ ڪيو اَٿائين. ”پيام مشرق“ جي شروع ۾، رومي لاءِ هيترو به چيو اَٿائين: مرشد رومي حکيم پاک زاد سّر مرگ زندگي بَرما کشاد ”بال جبريل“ ۾ به اقبال هڪ نظم ”پير و مريد“ جي عنوان سان لکيو آهي. هي نظم گفتگو ۾ آهي، ۽ رومي سان مختلف مسئلن، جهڙوڪ: علم، روح وغيره تي بحث ڪيو اَٿائين. هي نظم اقبال جي خيالن ۽ دل جي ترجماني ڪري ٿو: مريد هندي: علم سـي هـي دين زار و زبون چشم بينا سـي هـي جاري جوئـي خون پير رومي: علم رابر تن زني ماري بود علم رابر دل زني ياري بود ”بال جبريل“ ۾ اقبال هڪ ٻي نظم ۾ به ”جبريل ۽ ابليس“ مٿين نظم جيان گفتگو ۾ لکي آهي. آل احمد سرور هن نظم لاءِ لکيو آهي ته: ”هي نظم اُردو جي بهترين نظمن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.“ ان نظم جي هڪ هڪ شعر ۾، جا معنيٰ ۽ مطلب آهي سو ايترو ته وسيع آهي، جو اُن لاءِ هڪ دفتر جي ضرورت آهي. هن نظم ۾، ”گوئٽي“ ۽ ”ملٽن“ جي خيالن جو پورو پورو عڪس نظر اچي ٿو. دل چاهي ٿي، ته ان کي هت پيش ڪريان، پر ٻيءَ صحبت لاءِ ڇڏيان ٿو، ڇو ته هي نظم تفصيل سان بيان ڪرڻ جي قابل آهي. بهرحال، هن نظم ۾ جيتري لفظن جي بلندي آهي، ايتري ئي خيالن جي. هن نظم جي پڙهڻ کان پوءِ هن نتيجي تي پهچون ٿا، ته جيڪڏهن ابليس ۽ يزدان ۾ رد بدل نه ٿئي ها، ته اسان شايد زندگي جي حسن کان محروم رهجي وڃون، ۽ پوءِ ابليس به شايد، جبريل کي فخر وچان هيئن نه چوي ها: گر کبهي خلوت ميّسر هو تو پوچهه الله سـي قصّہ آدم کو رنگين کر گيا کس کا لهو؟ اقبال جي ”بال جبريل“ تي، مون نهايت ئي مختصر نظر وڌي آهي. حقيقت ۾، اقبال هن ڪتاب ۾ ايتريون ته ڳالهيون ڪيون آهن ۽ پنهنجي خيالن کي ايترو ته واضح طور تي ظاهر ڪيو اٿائين، جو جيڪڏهن اسان هن جي ٻين ڪتابن کي ڇڏي، فقط هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون، ته اقبال جي فڪر، هن جي شاعريءَ ۽ آرٽ کي سمجهڻ آسان ٿي پوي. اقبال کي سمجهڻ لاءِ جيئن مون محسوس ڪيو آهي، اسان کي هندوستان ۽ دنيا جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ ئي، اسان هن جي شاعريءَ ۽ فڪر جو قدر ڪري سگهنداسون، نه ته جئن شاعر خود چيو آهي: پهول کي پتي سـي کٽ سکتا هـي هيري کا جگر مرد- نادان پر کلام نرم و نازک بـي اثر!(1956)