غيرسامي مذهبن جا بانيڪار

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    حميد سبزوئي

    تازو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ساک واري علمي اداري سنڌيڪا اڪيڊمي نامور مذهبي اسڪالر ۽ گهڻ پڙهئي انسان الطاف جاويد (جنهن کي برصغير جي عظيم قومي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌي جي شاگرد هئڻ جو فخر به حاصل آهي) جو ڪتاب غيرسامي مذهبن جا باني ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
    هن ڪتاب ۾ هندو ڌرم، ٻڌمت، جين مت، اَخناتون، زرتشت، ڪنفيوشس ۽ يونان جي فڪري اساس ـــــ سقراط جو ڀرپور مطالعو ۽ تجزيو ڏنو آهي. ليکڪ جي وسيع مطالعي، ڪشادي دل ۽ تحقيقي رمزن جي ڀرپور ڄاڻ کي داد ڏيندي چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ ۾ شايد ان معيار جو ڪو به ڪتاب موجود نه آهي.
    انساني اخلاق سڌارڻ، کين مهذب بنائڻ ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ ۾ سڀني پاڻ جهڙن آدمين جو خيال رکڻ، توڙي هن ڪائنات جي خالق جنهن لاءِ ڀٽائي چيو هو ته ”ري ٿنڀي ري ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانءَ.“ عبادت ۽ فرض بجا آڻڻ سڀني مذهبي جو گڏيل ورثو آهي. انهي ڳالهه کي هن ڪتاب کي سربستي نموني بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ وحدت انسانيت هيٺ هن ڪتاب جو جيڪو مهاڳ لکيو ويو آهي، اهو ساک ٿو چئي هن ڏاهي علم ۽ ڏاهپ ۾ پير ڪيترا کتل آهن، جنهن ۾ هن اهو علمي ۽ فڪري بحث ڪيو آهي جڏهن قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي ته پوءِ ڇا هندستان، چين، يونان ۽ ايران جي قومن ڏانهن هدايت ڪندڙ نه موڪليا هوندا؟ ۽ هو ڪشادي دل سان اسان کان پڇي ٿو ته ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟ انهيءَ کان پوءِ وحيءَ جي مامري تي بحث ڪندي اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”رسول الله ڪا نئين دعوت کڻي هن دنيا ۾ نه آيو هو، بلڪه اها ان اڳوڻي تعليم ۽ دعوت جي بحالي هئي.“ انهيءَ جي هجت ۾ هو قرآن مجيد جي آيت ڏئي ٿو ته ”توکي(ٻيو) ڪجهه نه پيا چئون پر اهو ئي ڪجهه جيڪو توکان اڳ وارن پيغمبرن کي چيو ويو آهي.“ ان کان پوءِ هو رواداري جي روح تي بحث ڪندي قرآن مجيد جي آيت ٻڌائي ٿو ته ”دين جي باري ۾ ڪو به جبر نه آهي.“ اڄوڪي دور ۽ حالتن ۾ جڏهن مذهب جي درست تشريح به هڪ مسئلو بڻيل آهي، اتي مذهب جي انداز سان درست چهرو ڏيکارڻ به عين ثواب آهي.
    هن ڪتاب جي جيڪا اهم خوبي آهي، اها هيءَ آهي ته هن ۾ سڀني غيرسامي مذهبن جا هاڪاري پهلو، جنهن ۾ انسانذات جي اخلاق سڌارڻ، علم ۾ اضافو ڪرڻ ۽ واحد خدا جي پوڄا ۽ مڃتا ڪرڻ جو مدلل انداز سان جائزو ورتو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته وحدانيت جو تصور سڀني مذهبن ۾ اتم حيثيت ۾ موجود آهي.
    هو شروعات سڀني کان قديم مذهب يعني هندو ڌرم کان ڪري ٿو ۽ ان جي هزارين سالن جي پس منظر، ارتقا ۽ واڌ ويجهه مٿان تحقيقي انداز ۾ نگاهه وجهندي، انهن جي مذهبي محققن، يعني ويدن، اپشنڊن، گيتا ۽ مهاڀارت جي سرجڻ توڙي انهن جي تعليم ۽ انسانذات جي خدمت کي بحث هيٺ آڻي ٿو. انهن جي سڄي تعليم اندر وحدانيت جا پيرا کڻندي، سندن اهو پيغام اسان کي آگاهي ڏيئي ٿو. انهيءَ ڳالهه تي مانائتي ليکڪ کي داد ڏيڻو پوي ٿو ته هن ڪيتري نه باريڪ بينيءَ توڙي وڏيءَ دل سان ويهي هر مذهب جو مطالعو ڪيو آهي ۽ فراخدليءَ سان انهيءَ جي هاڪاري پاسن تي زور ڏنو آهي.
    سوا سَو صفحن تي پکڙيل ان مقالي ۾ هن هندو مذهب جي مصلحن، دانشورن، فلسفين ۽ مذهبي ڏاهن جو مختصر تعارف توڙي سندن خيالن جي جتي تصوير پيش ڪئي آهي. اهڙي ريت آريه سماج جي تحريڪ توڙي برهمڻ سماج جي فلسفي کي به هن واضح انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هندو مذهب جي مقالي ۾ مون کي جيڪا اهم ڳالهه لڳي اها بابا گرونانڪ جي تعليم ۽ مذهبي سکيا وارو آهي. جنهن ۾ هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”بابا گرونانڪ اسلام جي ڪيترو ويجهو هو ۽ هندو مذهب کان ڪيترو پري هو ۽ اهو به ته سندن سياسي زندگي مسلمانن سان الحاق ڪرڻ ۾ آهي.“ کيس ان ڳالهه تي ٿورو لکڻ گهرجي ها ته آخر سک مسلمانن کان ايترو پري ڇو ٿيا هئا، ڇا اها پوک مغلن جي ڪوتاهه انديشن ۽ جارحانه پاليسين جو نتيجو نه آهي جنهن جو ڪيتو اڃا ائين برصغير ڀوڳي رهيو آهي جو هاڻي سک مسلمانن کان ايتري نفرت ڪندا آهن جو ان جي ننڍڙي جهلڪ اسان کي خشونت سنگهه جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ به ملي ويندي؟
    انهيءَ کان پوءِ هو اسان کي گوتم ٻڌ ۽ ٻڌمت جي تعليم بابت هڪ تحقيقي مقالو پڙهڻ لاءِ ڏئي ٿو. اهو شخص پنهنجن ڏاهپ ڀرين ڳالهين توڙي پڪي پختي ڪردار سبب ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ ”خدا جي ذڪر“ توڙي ان کي ”ڇوٽڪارو ڏياريندڙ“ قرار ڏين کان سواءِ هڪ مذهب بنياد رکيو ۽ سواءِ ڪنهن جنگ ۽ فتح جي ڪيترين ئي ملڪن جي ماڻهن جي دلين کي پنهنجي آغوش ۾ ملڪن وٺي ورتو هو. هو ان مذهب جي بڻ بڻياد، تعليم، وقت سان ايندڙ تبديلين، سڌارن توڙي بگاڙ کان اسان کي آگاهه ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته ٻڌمت بنيادي طور تي هندو ڌرم جي انتهاپسندانه پاسن ۽ برهمڻن جو مذهب مٿان چوڌرائپ جو فطري نتيجو هو. ساڳي ڳالهه هو جين مت جي حوالي سان به اسان کي ٻڌائي ٿو ۽ ان مذهب ۾ به خدا جو تصور نه آهي، ان کان پوءِ جين مت جي باني مهاولي جي زندگيءَ، تعليم ۽ بنيادي پيغام کان آگاهه ڪندي ان ۾ ٿيندڙ گروهه بندي ۽ بگاڙ جو به جائزو وٺي ٿو.
    انهيءَ کان پوءِ هو مصري تمدن، ڏاهپ ۽ حڪمت جو تجزيو ڪري ٿو. حقيقت به اها آهي ته مصري تمدن يعني فرعون جو دور ۽ تاريخ علمي لحاظ کان يونان جيترو ئي خوشحال آهي. ان سلسلي ۾ ابن حنيف جي تحقيق جيڪا وڃي ڇهن جلدن تائين بيهي ٿي، پڙهڻ لائق آهي ته ”افناتون“ جيڪو خدا جي وحدانيت جو درس ڏيندڙ واحد حڪمران هو، جيڪو ڇهن سالن اندر حڪومت تان بي دخل ڪري ماريو ويو هو. انهيءَ اصلاحن ۽ فلسفي تي يوسف شاهين پنهنجي ڪتاب ”حق موجود“ ۾ به مفصل انداز ۾ لکيو آهي. بهرحال افناتون کي ليکڪ صاحب الهام مڃي ٿو ۽ ان دور جي ڏاهي ٽاهوٽپ جي فلسفيانه گفتن توڙي مصري ادب مان ڪيترين ئي ڳالهين ۽ جملن جو يهودين ۽ عيسائين جي مذهبي محققن ۾ اچڻ جو پيرائتو ذڪر ڪرڻ، محقق جو وڏو علمي ڪارنامو آهي. انهي مذهب جو مڪمل مطالعو ڪرڻ کان پهرين ضروري آهي ته مصري ادب کي به پنهنجن نظرن مان گذارجي.
    انهيءَ کان پوءِ 1100 ق.م ۾ اوڀر ايران ۾ جنم وٺندڙ زرتشت جي شخصيت توڙي پيغام جو مفصل احوال آهي. زرتشت جا خدا تعاليٰ کان جيڪي سوال آهن، اهي ڏاڍا فڪر انگيز آهن، شايد انهن سوالن کان متاثر ٿي نٽشي پنهنجي ڪتاب جو نالو ”زرتشت چيو“ رکيو هو. زرتشت به وحدايت جو پرچارڪ هو ۽ مٿس وحي نازل ٿيندي هئي ۽ شايد زرتشت اهو پهريون مذهبي مصلح هو جنهن موت کان پوءِ زندگي جي دعوا ڪئي ۽ جزا ۽ سزا جو تصور ڏنو.
    ٽوائن بِي لکيو آهي ته سمورن سامي مذهبن اهو تصور زرشت کان مستعار ورتو آهي. زرتشت جي اخلاقي فلسفي جو بنياد ٽن شين تي آهي، نيڪ خيال، نيڪ گفتار، نيڪ ڪردار. ايئن زرتشت جي صحيفن، بنيادي نظرئي توڙي عبادت جي مفهوم جي ڄاڻ ڏيندي، اسان کي ان مذهب جي سڀني پاسن کان آگاهي ڏئي ٿو.
    انهيءَ کان پوءِ 552 ق.م ۾ چين اندر پيدا ٿيندڙ ڏاهو انسان ڪنفيوشس آهي، جنهن اڍائي هزا سالن کان چين ۽ ان جي ڀرپاسي جي ملڪن کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي ته مائو به ان جو اثر گهٽائي نه سگهيو آهي. چيني تاريخ جي ان غيرمعمولي انسان پنهنجي باري ۾ بيحد دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي ته ”پندرنهن ورهين جي عمر ۾ منهنجو ذهن تعليم ڏانهن مائل ٿيو، ٽيهن ورهين جي عمر ۾ مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هو، ان تي منهنجو پختو يقين ٿي ويو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ خدا جا حڪم معلوم ٿيا، سٺ ورهين جي عمر ۾ منهنجا ڪن حقيقت ۽ صداقت جي آواز تي لبيڪ چوڻ لاءِ هر پل تيار رهندا هئا. ستر ورهين جي عمر ۾ مان پنهنجي دل جي هر خواهش تي عمل ڪرڻ ڏانهن مائل هوس، ڇو ته مون کان ڪو به اهڙو عمل نه پيو ٿي سگهي، جيڪو انساني قدرن جي خلاف هجي.“
    پوءِ هو ڪنفيوشس جي تعليم، توڙي ان جي روح مطابق وضاحت ڪري ٿو. ايئن اسان ڪنفيوشس جي مذهبي اساس بابت ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪريون ٿا.
    سچ ته غيرسامي مذهبن جا باني ڪتاب سنجيده مطالعو ڪندڙن توڙي مذهبن جي بنيادي پيغامن ۾ هيڪڙائي جي تلاش ڪندڙن لاءِ ڏاڍي ڪارائتي شيءِ آهي. اسان جيڪي پنهنجا ڪنڌ مٿي کڻي ٻين مذهبن ڏانهن ڏسڻ به عيب سمجهندا آهيون، انهن لاءِ محنت سان ۽ وڏي جستجو ڪري، تاريخي حوالا سهيڙي اهڙو ڪتاب لکڻ هڪ تحسين لائق ڪم آهي. (هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ جاويد ميمڻ ترجمو ڪيو آهي.)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو