سڪون جي تلاش اسان سڪون جي تلاش ۾ الائي ڪٿي ڪٿي ڀهٽڪندا آهيون۔ ڪجه ماڻهون کي سڪون گهڻا پيسئا ڪمائڻ ۾ ملندو آهي،انهن وٽ دنيا جي هر آسائش هوندي آهي ،ان جي باوجود هو وڌيڪ دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ رڌل هوندا آهن،اهو سڪون وقتي هوندو آهي،جڏهن دولت ختم ته سڪون به ختم۔ اسان سڪون کي ڇو عارضي شين ۾ تلاش ڪندا آهيون؟ حقيقت ۾ سڪون ته هر انسان جي دل ۾ هوندو آهي، سڪون ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ هوندو آهي، جنهن کي پنهنجي اندر ۾ گهڙي ڳولهڻو پوندو آهي، جڏهن اسان ضرورتمندين جي مدد ڪندا آهيون،ڪنهن ڀٽڪيل کي سڌي راه ڏيکاريندا آهيون،ڪنهن جي چهري ته پنهنجي ڪنهن نيڪ عمل سان مسڪهرائٽ آڻيندا آهيون ته يقين ڄاڻو اهڙو سڪون ملندو آهي جنهن سان زندگي خوشين سان ملامال ٿئي ويندي آهي۔ ڪنهن کي سڪون پنهنجي محبت حاصل ڪرڻ تي ملندو آهي، محبت ته جذبو ئي اهڙو آهي جو ان جي باري ۾ سوچي ۽ حاصل ڪرڻ تي سڪون ئي سڪون ملندو آهي۔ محترم ۽ مانوارا هن ڪکائون اڳڻ جا ڀاتي ! جيڪڏهن توهان ۽ اسان سچي۔حقيقي ۽ پائيدار سڪون جي تلاش ۾ آهيون ته اسان ۽ توهان کي الله پاڪ کي دل جي گهرائين سان يادڪري،انهن جي سامهون جهڪي ،انهن جي وڏائي ، بزرگي،واحدانيت، هر شي تي قادر جو بار بار تذڪرو ڪرڻو پوندو، الله سائين جي عبادتن سان جيڪو سڪون ملندو ان جو ڪو نعيم البدل نه آهي،اهو سڪون هر ڏک ،تڪليف ۽ غم وساري ڇڏيندو آهي۔ آزمائش شرط آهي۔
مون ۾ تون موجود ۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش ڪو سمجهي ته سڪون ۽ راحت ڪهڙي عملن ۾ آهي، جيڪڏهن سمجهي ته هوند لالچ، لوڀ، پريشانين کي ڇڏي رب جي رضا تي راضي رهي ۽ حضور صه جي ڏسيل واٽ کي وٺي ڪاميابي ماڻي،
بيشڪ الله پاڪ جي ياد ۾ ئي دلين جو سڪون آهي ، ان ڳالھ جو قرآن گواھ آهي ۔ دعا آهي ته شال الله پاڪ اسانکي هر وقت پنهنجي ياد ۾ محو رکي ، ۽ اسان پنهنجو تن من سڀ ڪجھ وساري صرف ان مالڪ حقيقي جي ياد ۾ مست ۽ سرشار رهون آمين۔
مونکي هڪ بزرگ جي ڳالھ ياد پئي اچي ڪنهن بزرگ کان ڪنهن شخص سوال ڪيو هو ته مان سڪون چاهيان ٿو؟ بزرگ ان شخص کي جواب ڏنو هو ته مان سڪون چاهيان ٿو ان جملي مان، مان ۽ چاهيان ٿو ڪڍي چڏ ته باقي سڪون ئي سڪون آهي اها هڪ حقيقيت آهي ته سائين انسانن جي معاشري ۾ اڪثر ائين ئي نظر آيو آهي ته انسانن سڪون جي تلاش ۾ هميشه اهي ڪم ڪيا آهن جن انسان جي بيسڪوني ۾ مسلسل اضافو ڪيو آهي ۔ سڪون ته صرف الله جي زڪر ۾ آهي پر اهو زڪر صرف تسبيح و مصلو ناهي نه روزي عبادت ۾ آهي الله جو زڪر ڇا آهي ان کي سمججهڻو پوندو ؟ وسلام
اڄ اوهان جي هن موضوع ۾ آندل خيالن کي پڙهي مون کي هڪ جهونو ياد آيو جيڪو هن وقت بدين ۾ رهي ٿو۔ ننڍي هوندي ڳوٺ ۾ هوندي هو تمام گهڻو امير هوندا هئا۔ سندس هڪ سؤٽ جنهن سان هن تمام گهڻي قربت هئي، اهو هڪ انتهائي غريب خاندان سان تعلق رکندو هو۔ جڏنهن ته هي پئسي پنجڙ ۾ آسودا هئا۔ پر الاءِ ڇو کيس ماءُ جيڪا سچي گيهه جي سڻڀي ماني گهاٽي ڏُڌ سان ڏيندي هئي انهي کان وڌيڪ کيس هُن دوست جي گهر پاڻي ملائي پورت ڪندي ڇڊي لسي ۽ اڻڀي ماني کائي سڪون ملندو هو۔ کيس گهر وارا سدائين ٽوڪيندا هئا ته گهر ۾ صبح شام گوشت ۽ سبزي جا ٻه ٻه طعام ٺهن ٿا ته به تون هُنن وٽ تريل مرچ، يا ڳڙ جي ڳنڍي سان اڌ ڀورو ماني جوکائي ايندو آهين؟ هن جو سدائين اهو جواب ته مون کي انهي ۾ سڪون ٿو ملي۔ مون به سدائين انهي تي سوچيو آهي ته اسان جو يقين ته کڻي اهو آهي ته ابدي سڪون ۽ بي انت سفر ته هُن جهان ۾ آهي پر انهي کي سنوارڻ لاءِ ته هي مختصر ۽ انتهائي اهم زندگي ملي آهي۔ جنهن جي هڪ الڳ ئي حيثيت آهي۔ ۽ ظاهر آهي هِتي به سڪون جي حاصلات جيڪر انهي عمل سان آهي جنهن سان هُتي جو ڇوٽڪارو آهي ته پوءِ جهڙو ٻئي جهان ٺهي ويا۔ پر جي رُڳو هِتي جي ئي يا رڳُو هُتي جي ئي ۾ لڳل رهيو ته پوءِ ڪجهه ڪَمي ضرور رهجي ويندي۔ هڪ استاد ٻڌايو هو ته اوهان خواهشن جو دائرو جيترو وسيع ڪندؤ اوترو مايوسي جا خدشا وڌندا۔ جيڪڏنهن اوهان پنهنجي اوقات ۽ خواهشن کي تناسب ۾ رکو ته ڏسو ڪيئن ٿو سڪون ملي۔ دولت ۽ سڪون هڪٻئي لاءِ توڙي جو لازم سمجهيون وڃن ٿيو پر ايئن قطعي ناهي۔ توڙي جوکڻي ڌن دنيا ۾ جياپي جي ضرورت آهي پر اهو ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو سڪون ڪڏنهن به نه ٿو ڏيئي سگهي۔ تڏنهن ته ڪنهن غريب هڪ امير کي هڪڙي سوال ”ڇا تون سڪون ۾ آهين هن غريبي حال ۾؟“ جي جواب ۾ چيو هو۔ ”ها آئون سڪون ۾ آهيان۔ ڇو ته آئون جيڪو سڄو ڏينهن ڪمائي اچان ٿو ته انهي مان هڪ مهل جي ماني به مس پوري پوندي آهي پر شڪر آهي ته بنا ننڊ جي گوري کائڻ جي مون کي ننڊ اچي ويندي آهي۔” سوسڪون نه پئسي ۾ آهي نه آسائش ۾۔ سڪون جو بنياد آهي اسان جي پنهنجي طئي ڪيل ترجيحات تي۔
”ڇا تون سڪون ۾ آهين هن غريبي حال ۾؟“ جي جواب ۾ چيو هو۔ ”ها آئون سڪون ۾ آهيان۔ ڇو ته آئون جيڪو سڄو ڏينهن ڪمائي اچان ٿو ته انهي مان هڪ مهل جي ماني به مس پوري پوندي آهي پر شڪر آهي ته بنا ننڊ جي گوري کائڻ جي مون کي ننڊ اچي ويندي آهي۔” وه ڦٽپاٿ پي سو جاتا هي اخبار بڇا ڪر مذدور ڪڀي نيند ڪي گوليان نهين کايا ڪرتا سوسڪون نه پئسي ۾ آهي نه آسائش ۾۔ سڪون جو بنياد آهي اسان جي پنهنجي طئي ڪيل ترجيحات تي۔[/quote] ليڪن سائين زماني جي قسم کي پروردگار اها ڳالھ ڪئي آهي ته ولعصر يعني زماني جي قسم مطلب زماني جا مشاهدات ٻڌائين ٿا انسانن جي اڪثريت خصاري ۾ رهي آهي انسان جون ترجيحات ته جي آهن اهي ته زر زمين زن ئي آهن جن جي حوس جو انجام بي سڪوني ئي آهي انسان جون ترجيحات ئي انسان کي بيسڪوني جي دلدل ۾ کڻي وڃن ٿيون ڇو جو انسان جنهن شي ۾ سڪون ڳوليو آهي ان گهڻي ڀاڱي هن جي بيسڪوني ۾ اضافو ڪيو آهي ۔ وسلام