بشير خان قريشي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    [​IMG]

    بشير خان قريشي


    سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف جدوجهد ڪندڙ. قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ سياستدان محترم بشير خان قريشي ولد غلام مرتضى قريشي تاريخ 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي رتيديري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سال 1969ع ۾ 5 درجا سنڌي اول پرائمري اسڪول رتيديري مان پاس ڪيائين. جڏهن ته سال 1974ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سي اينڊس ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتائين. انٽر سائنس امتحان پاس ڪري زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ سال 1978ع ۾ داخل ٿيو. پر هتي سال 1981ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ رسٽيڪٽ ڪيو ويو.

    مسٽر بشير خان قريشي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز شاگرد سياست کان ڪيو ۽ سال 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هو صاحب تنظيم م انتهائي خلوص سان سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن عهدي جي ڪم شروع ڪيو. ٿوري عرصي ۾ قريشي صاحب جي سچائي محنت ۽ عمل کيس جساف جي مرڪزي اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو. اهڙي طرح هن سڄي سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ رهنمائن سان رابطه مهم شروع ڪري منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪئي. جوش، جذبو وڌايو، تنظيم ۾ شامل ورڪرن کي مسٽر بشير خان جي محنت سادگي ۽ نظريي سان محبت گهڻو متاثر ڪيو ۽ جساف وڌيڪ قوت سان ميدان عمل ۾ نروار ٿي. جساف جي هر احتجاج، جلسي، جلوس ۽ جدوجهد ۾ بنا ڪنهن عهدي جي ذميواري نڀائيند بشير خان سرواڻي ڪندي نظر آيو. هر سياسي محاذ تي جنگ جوٽيائين. مقصد خاطر مورچو سنڀاليائين. هن بي لوث شخصيت جي جهاد کيس جساف ۾ هڪ هيرو بڻائي ڇڏيو.
    کيس 1980ع ۾ ٽنڊي ڄام جساف جو صدر چونڊيو ويو. سال 1982ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر ٿيو. پوءِ سال 1983ع کان 1985ع تائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو صدر به رهيو. اهڙيطرح سال 1986ع ۾ جساف سنڌ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو. جتي لڳاتار ٽي دفعا بحيثيت صدر جساف سنڌ سال 1988ع تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيائين. وري 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. سال 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو انوقت پاڻ جيل ۾ هيو تنهن هوندي به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال 1996 ۾ قومي محاذ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته 1998ع کان جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين هئڻ جو اعزاز به حاصل ڪيائين.

    مسٽر بشير خان جو جهڙي طرح قومپرست سياست ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي اهڙي طرح وري جيل ۾ به رهڻ جو شاندار رڪارڊ قائم ڪيو اٿس. سڀ کان پهريان 1978ع ۾ ٽنڊو ڄام پوليس کيس پندرنهن ڏينهن گرفتار ڪيو. 1980ع ۾ لاڙڪاڻو پوليس گرفتار ڪري جيل ياترا ڪرائي. هاڻ سندس زندگي ۾ ريل ۽ جيل واري راند شروع ٿي چڪي هئي. قريشي صاحب جي زندگي ۾ هڪ اهم موڙ 17 آگسٽ 1984ع تي ٿيندڙ ٽوڙهي ڦاٽڪ جو واقعو هو جنهن ۾ جساف جا گهڻا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا. هن واقعي بعد پاڻ ذميواريون سنڀاليندي هڪ طرف تنظيم کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ ٻئي طرف ورڪرن سان رابطو ۽ پوءِ گرفتار ساٿين جي آزادي لاءِ مارشل لا سرڪار خلاف ڀرپور جدوجهد شروع ڪيائين. پر ڪجهه عرصي بعد تاريخ 15 جنوري 1985ع تي رتو ديرو ۾ گرفتار ڪيو ويو. مٿس مختلف ٿاڻن تي ٽارچر ڪرڻ کانپوءِ ڪيترو عرصو حيدرآباد جيل ”بند وارڊ“ ۾ قيد رکيو ويو. جيل اندر ملٽري ڪورٽ پاران ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال سزا کان علاوه ڏهه ڪوڙا پڻ لڳايا ويا. آخر آگسٽ 1986ع ۾ آزادي مليس. وري حيدرآباد ڪراچي ۾ سنڌي مهاجر فسادن دوران هن کي 11 آگسٽ 1988ع تي گرفتار ڪري 18 مهينن لاءِ قيد جي زندان ۾ رکيو ويو جتان ڊسمبر 1989ع ۾ رهائي ماڻيائين. تنهن بعد تاريخ 2 جنوري 1994ع تي وري پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ گرفتار ٿيو ۽ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو قيد جي ڪوٺڙين ۾ گذارڻ بعد نومبر 1996ع ۾ آزاد دنيا جي هوائن ۽ سج چنڊ کي ڏسڻ نصيب ٿيس. آخري دفعو 17 جنوري 1999ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رستي ۾ گرفتار ٿيو ۽ اٽڪل 11 مهينن بعد سنڌ ۾ سندس آزادي لاءِ هلايل جدوجهد جي نتيجي ۾ نومبر 1999ع ۾ آزادي مليس.

    مسٽر قريشي هن وقت اٽڪل ڇهه سال سنڌ جي مختلف جيلن ۾ اذيتون برداشت ڪيون آهن. پنهنجي جواني جا خوبصورت ڏينهن راتيون هڪ وڏي مقصد لاءِ قيد ۾ گهاريون آهن.

    سندس ٻيو گهر هاڻ سنڌ جا جيل بڻجي ويا آهن.

    مسٽر بشير خان سنڌ جي قومي مسئلن تي هر دور ۾ سنڌين جي اڳواڻي ڪئي آهي. پوءِ چاهي پنو عاقل فوجي ڇانوڻي هجي يا ڪو ٻيو قومي مسئلو هجي. هو حق سچ جو نعرو بلند ڪيو پيو اچي. جدوجهد ڪندو جبل جهاڳيندو، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريندو، وير پراڻا واريندو وڌنڌو رهي ٿو . منزل ماڻڻ لاءِ قدم قدم قرباني ڏئي پيو. هر تحريڪ خاص طرح حڪومت پاران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان خلاف سندس قيادت ۾ سڄي سنڌ ۾ عظيم الشان لانگ مارچ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا ويا. تاريخ 27 جولائي 1998ع سڪرنڊ، 6 سيپٽمبر موري، خيرپور ميرس، 10 آگسٽ شهيد ڪمون کان علاوه 12 جولائي 1998ع تي حيدرآباد ۽ 30 جون 1998ع تي گورنر هائوس ڪراچي اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌ جي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچايو. قريشي صاحب کي سال 1998ع ۾ شهري اتحاد رتو ديرو جو سرپرست پڻ چونڊيو ويو.

    هن جوان جو هڪ ڪتاب ”جاڳيا جنگ جوان“ سال 1989ع ۾ شايع ٿيو آهي. جيڪو سندس تقريرن تي مشتمل مجموعو آهي. مسٽر قريشي کي سال 1997ع ۾ جي ايم سيد نيشنل ايوارڊ پڻ مليو. زندگي ۾ صرف ٻه مشغلا اٿس هڪ جيل ۾ رهڻ دوران ڪچهريون ۽ ٻيو ٻاهر رهڻ وقت سياست ڪرڻ.

    هي قومي سياستدان قول ۽ فعل جو سچو جيڪو چوندو سو ڪندو. تقريرن ۾ لفظن وسيلي جادو جاڳائڻ نه پر صاف سٿري سڌي ڳالهه ڪندو . ڌارين لاءِ اک ۾ ڪنڊو ته پنهنجن لاءِ ماکي کان مٺو. سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۾ نظرئي جو سچو سپاهي ۽ عاشق آهي. ڊاڙ ٻٽاڪ کان ڪوهين ڏور. باعمل سياستدان آهي. عام رواجي سياستدانن وانگر ڪونهي، ڪابه انا يا وڏائي ڪونه رکي. عام ڪارڪنن کي پنهنجي ڀائرن وانگر پيار ۽ عزت ڏيندڙ. پاڻ به هڪ عام ڪارڪن وارا گڻ ۽ سڀاءُ رکندو آهي. اعلى ڪرادار، ماٺيڻي طبيعت ۽ نوڙت کيس هر هنڌ مقبول بڻايو آهي.

    سندس بهادري ۽ دليري پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. آزادي جي تحريڪن ۾ جتي عقل کٽي اتان عشق ڦٽي وارو مثال بشير خان صاحب سان ٺهڪي ٿو. هو ان واٽ جو پانڌيئڙو آهي جنهن تي هلندڙ انقلابين کي وقت جا حاڪم قيد ڪريو ڇڏين. قريشي صاحب دولهه دريا خان، هيمون ڪالاڻي، هوش محمد شيدي جي ٻڌايل راهه جو راهي آهي. ۽ انهن جي روايتن کي زندهه رکندي هميشه اڳئين مورچي تان بيهي وڙهڻ کي ترجيح ڏني آهي. تاريخ عمل سان ٺهندي آهي ۽ بشير خان جو هر دفعي جيل وڃڻ به ان عمل جو حصو آهي.

    هن صاحب ڊسمبر 1984ع ۾ شادي ڪئي. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ صنعان ۽ پنج نياڻيون آهن. سندس پٽ جو نالو محترم سائين جي ايم سيد تجويز ڪيو آهي........


    ورتل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون ليکڪ عبدالستار ڀٽي
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سٺي انفارميشن ڏني آهي توهان۔۔
    پر اسان جا قوم پرست ڀائر اڄ ڪلهه اَنا پرست ٿي ويا آهن، نه ته هڪڙي قوم پرست پارٽي مان هيڏا سارا ڌڙا نه ٿين ها۔۔ اڄ به جيڪڏهن سڀ قوم پرست اڳواڻ مِلي سنڌ جي حقن جي جدوجهد ڪن ته اسان جا حق مِلڻ ۾ دير نه آهي، پوءِ سنڌ جو عوام به بنا ڪنهن چوڻ جي ئي سندن پٺڀرائي ڪندو۔
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مونکي انهن قوم پرست پارٽين جي هدف ۽ نصب العين جي خبر نه آهي
    سائين زاهد صاحب ٿورو وضاحت ڪندا
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين محترم منهنجو پڻ سياست سان ڪو واسطو ناهي مان صرف سنڌي شخصيتن جي حساب سان مواد کي هن فورم تي چاڙهيندو آهيان ۔۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ته ڪو دوست ان مان ڪو لاڀ حاصل ڪري ۔۔۔۔

    باقي مٺڙا پاڻ به اوهان وانگر آهيون جيڪڏهن صفا اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪنهن به سياسي شخصيت جو مواد هن فورم تي گهٽ ۾ گهٽ مان ته ڪونه رکندس۔۔۔۔
    shal judy hujeen
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مهرباني سائين۔۔۔۔

    ادا اوهان کي جيڪڏهن ڪجهه سياست جي باري ۾ معلومات هجي ته ادا عظيم کي ٻڌائيندا shal judy hujeen
     
  6. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فقير سائين ناراض نه ٿيو مان پنهنجي علم ۾ اضافي خاطر توهان کا پڇيو wslam
    اگر ناراض ٿا ٿيو ته مان پنهنجي پوسٽ کي ڊليٽ ڪيان
    گذشته را معاف آينده را احتياط
    shal judy hujeen
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا مان ناراضگي واري حالت ۾ نه لکيو آهي مون ته پنهنجي ڊڄ جي حساب کان لکيو آهي ته متان ڪو ٻيو به نه مونکان سوال ڪري۔۔۔ باقي جاني اوهان پنهنجي تحرير کي ڇو ٿا ختم ڪيو۔۔۔۔ مون ته پهريان به ائين اوهان کي لکيو هو ته مان به اوهان وانگر آهيان مونکي به ڪا ڄاڻ حاصل ناهي سياست جي باري ۾۔۔۔۔۔

    جاني اوهان ٿورڙي گهڻي ڳالهه تي ناراض ٿيو وڃو ٿا۔۔۔ ڇا ڀلا اڃا ڪو پُراڻو پلاند رهيل اٿو ڇا۔۔۔۔

    جاني يقين ڪيو ته منهنجو ڪو به ناراضگي وارو لهجو نه هئو ۽ جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته پوءِ ان جي لاءِ اوهان کان معذرت خواه آهيان۔۔۔

    منهنجي ان لکڻ سان اوهان جي دل آزاري ٿي تنهن لاءِ ٻيهر معافي جو طلبگار آهيان۔۔۔۔shal judy hujeen
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    مسٽر قريشي جي زندگي بابت معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جا لک احسان ادا زاهد

    توهان پنهنجو اهڙو سلسلو جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا زاهد مهرباني
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بشير خان قريشي

     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بشير خان قريشي

    ڇني گُل گُلاب جا ڪيئي ڌارئون ڌار
    اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان


    پنهنجي سموري حياتي سنڌ لاء جدوجهد ڪندي بشير خان قريشي اڄ رات ٽي بجين سڪرنڊ ويجهو دل جي دوري سبب گذاري ويو آهي۔

    بشير قريشي آخري دفعو جڏهن 23 مارچ 2012 تي ڪراچي ۾ آزادي مارچ ڪيو هو ته ان ۾ لکين سنڌين شامل ٿي هڪ نئين جدوجهد جي شروعات ڪرڻ شروع ڪئي هئي، پر موت کيس فرصت ڪانه ڏني ۽ هو لکين ماڻهن جون اکيون آليون ڪري سنڌ ڌرتيء جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو۔

    سنڌ جا ماڻهو کيس سرخ سلام پيش ڪن ٿا۔
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بشير خان قريشي

    هڪ صورت مرندي آهي هڪ صورت زنده رهندي آهي جسماني صورت مري ويندي آهي اهو ايڏو وڏو حاڃو ناهي پرجي ڪردار واري صورت مري وڃي ته هي وڏو حاڃو هوندو آهي ۔ جڏهن به سنڌ جي قوم پرستي جي سرواڻن جو نالو ايندو تڏهن محترم بشير قريشي جو نالو زنده رهندو ۔ هن ڌرتي جي گرمي گواه آهن ته سنڌ ڌرتي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پيرن ۾ پِٿون وجهندڙ بشير قريشي هن ڌرتي جي آزادي لاءِ ڪيڏو جهادي هو هن جي جُهد جي جدا نظير آهي ۔ يقين ڪريو گهڻي دير کان ه شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪوشش پيو ڪريان ليڪن ڪي لفظ هن جي قداور شخصيت لاءِ نه ٿا ملن جتان شروع ڪريان ۔
    وسلام
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بشير خان قريشي

    اڄ بشير خان قريشيءَ جي وڇوڙي هڪطرف ته اسان سڀني کي ڏکيارو ڪيو آهي، پر ٻي طرف وري ور ور ڪري اهو خيال ٿو اچي ته پڪ سان اسانجي سنڌي قوم مرده پرست آهي، ڇاڪاڻ ته بشير خان جڏهن اڄ اسان ۾ ناهي رهيو ته هر سياستدان، هر پڙهيل ڳڙهيل يا هر ماڻهون کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿو پر جڏهن جيئرو هيو ته کيس ايتري موٽ نه ٿي ملي ۔۔۔

    پر تازو ڪراچيءَ ۾ اچي آزادي مارچ ڪرڻ ۽ 40 واري قرارداد کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ کيس قومي موٽ ملڻ شروع ٿي هئي ۽ قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لڳي هئي۔۔۔

    پر سندس اچانڪ سندس وڇوڙي اسانکي ڏک سان گڏ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ ۔۔۔ موت ته الله جي رضا سان آهي، پر امڪاني طور حيرانڪ سازش به ٿي سگهي ٿي۔ ڇاڪاڻ جڏهن به ڪو عوامي اڳواڻ، عوام کي محبوب ٿيندو آهي ته سندس ڏينهن پورا ٿي ويندا آهن۔ خاص ڪري سنڌ ۾

    تاريخ کڻي ڏسو ته ائين ئي محسوس ٿئي ٿو ته سندس اوچتو موت ڪئي سوال اڀاري ويو آهي ۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟

    الله ڏاهي مَ ٿيان۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بشير خان قريشي

    سندس موت ڪنهن سازش جو نتيجو ئي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته معلومات مطابق پاڻ رات جنهن هوٽل تي ماني کاڌي هئائون ته اتي ئي کيس رت جون الٽيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون۔۔۔ دل سندس موت جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي۔۔۔۔​
     
  15. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: بشير خان قريشي

    زاهد سائين ايڏي ڪاوڙ ؟
    ڪاوڙ چئني دفترن ۾ حرام آهي ، آهي حلال جنهن ۾ سو ڪتاب ڪهڙو ؟
    جنهن وڻ ۾ ميوو هوندو آهي اُن ۾ ئي ڀتر هڻبا آهن ۔ اوهان وٽ جيڪي ڪجهه آهي اُن جو ونڊ ڪندا رهو الله سائين اوهان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندو آمين ثم آمين ۔ ٽيڪا ٽپڻي هرهڪ جو حق آهي ان لاءِ اوهان کي حوصلو رکڻ گهرجي ۔ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي اوهان لکڻ ڇڏي ڏيو اِهو مناسب ڪونهي ۔
    پنهنجي اِن ونڊ ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي جي مهيني جي درستگي ڪجو 17 آڪٽوبر 1984 آهي ، نه ڪي 17 آگسٽ 1984 ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو