آمريڪا ۾ سوَن گاڏين ۾ هڪ اهڙو آلو نصب ڪيو پيو وڃي جنهن جي مدد سان گاڏيون هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪنديون۔۔۔ آمريڪي رياست مشي گن ۾ ٿيڻ واري هي تجربو محڪمه ٽرانسپورٽ ڪمپني جي نگراني هيٺ ٿيو ۔۔ هن ٽيڪنالاجي آڻڻ جو مقصد حادثن کي گهٽائڻ آهي۔۔ ڇو ته رڳو گذريل سال لڳ ڀڳ 32000 ماڻهون آمريڪا ۾ ٽريفڪ حادثن جو شڪار ٿيا آهن۔۔۔ ۽ حڪومت جو خيال آهي ته هن ٽيڪانالاجي جي مدد سان 80 سيڪڙو حادثن ۾ گهٽتائي ٿيندي۔۔۔ آمريڪا ۾ 500 بسن ۽ ٽرڪن ۾ پهريان ئي وائي فائي سان ملندڙ جلندڙ ڪجهه ڊيوائسز لڳل آهن۔۔۔ حادثن کان خبردار ڪندڙ هي ڪٽ ٻين گاڏين سان گڏو گڏ روڊن ۽ پُلن ۾ لڳل مختلف آلن سان رابطو رکندي ۽ هيٺين صورتن ۾ ڊرائيور کي خبردار ڪندي۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن چوڪ تي گاڏين جي ٽڪرجڻ جو خطرو هجي خاص طور ان رستي کان جتان ٽريفڪ نظر نه ايندي هجي۔۔۔ جيڪڏهن ڪا گاڏي پنهنجو رستو مٽائيندي هجي۔۔۔ ۽ ڊرائيور کيس نه ڏسي سگهي۔۔۔ جيڪڏهن اڳيان هلندڙ گاڏي اچانڪ بريڪ لڳائي۔۔۔ جنهن سان ٽڪرجڻ جو انديشو هجي۔۔ اڍائي ڪروڙ ڊالرس جي هن منصوبي ۾ 8 ڪارن جون ڪمپيون حصو وٺي رهيون آهن۔۔۔ بي بي سي جي ٿورن سان
ها ادا۔۔ وائي فائي ٽيڪنالوجي کي ٿوڙو تبديل ڪري ان کي هلندڙ ڦرندڙ گاڏين ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي حادثي کان پاسو ڪري سگهجي۔۔ معلومات لاءِ مهرباني،،