مون اتي جيڪو ڪجهه ڳالهايو، پنهنجي خدا کي حاضر ناظر سمجهي پنهنجي ضمير جي مطابق پنهنجي سنڌ ڌرتي جو ڪيس ايوانِ اقتدار ۾ حاڪمِ وقت آڏو رکڻ پنهنجي وطن ۽ تاريخي فرض مطابق پيش ڪرڻ مناسب سمجهيم، مونکي نه ڪنهن عهدي جي ضرورت آهي، نه وري مان ڪا وڏي نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو، مان فقط هڪ غير سياسي پيشا ورانه صحافي ۽ قلمڪار آهيان، جنهن کي سڀ کان پهرين پنهنجي سنڌ ڌرتي امڙ آهي، جيڪڏهن منهنجي سنڌ خوشحال هوندي، ڀٽائي جي سرزمين جا ماروئڙا آباد هوندا، پنهنجي وطن ۾ اسان سنڌي ماڻهون مستحڪم ۽ مضبوط هونداسون ته اها اسان سڀني جي وڏي گڏيل فتح ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري مان اڄ توهان پڙهندڙن آڏو گذريل ڏينهن ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي صحافين ۽ قلمڪارن جي جيڪا ملاقات رٿيل هئي، ان ملاقات جا حال احوال ڪرڻ تمام گهڻو ضروري سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته هن سماج ۾ ڪير تنقيدي نگاهه سان ملاقات کي غداري جو مهڻو ڏيندو ته ڪير وري چوندو ته اتي جيڪي صحافي صدر آڏو سنڌ ڪيس پيش ڪري رهيا هئا، اهي سنڌ ڌرتي جا باضمير سپوت آهن. منهنجو فرض آهي ته مون اتي جيڪو سنڌ ڪيس صدر آڏو پيش ڪيو اهو توهان سان ضرور شيئر ڪجي پوءِ فيصلو توهان پاڻ ڪري سگهو ٿا ته، اسان جي صدر سان ملاقات ڪرڻ درست فيصلو هو يا غلط، سائوٿ ايشيا، فري ميڊيا ايسوسيئشن (سيفما) نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي صحافين جي نمائنده تنظيم آهي، پر سيفما اهو ادارو آهي جيڪو حاڪمن اَل وقت رياست ۽ صحافين جي مابعين هميشه پُل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. گذريل ڏينهن سيفما جي ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ 2012-10-21ع تي سڄي ملڪ مان آيل صحافين جي مان ۾ ايوانِ صدر ۾ مانجهاڻو ڏنو ويو جنهنجي ميزباني صدر آصف علي زرداري ڪري رهيو هو. هڪڙي پاسي ملڪ جي سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرما گرمي عروج تي پهتل هئي، ته ٻئي پاسي اسان چئنن صوبن جا مختصر صحافي ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري کي ملالا کان ويندي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، انتها پسندي، ملڪ ۾ دهشت گردي توڙي سندس موجودگي ۾ سنڌ ڌرتي کي ڪو نقصان نه رسندو، جا جملا ساڻس براءِ راست ٻڌي رهيا هئاسون. آصف علي زرداري جي تقرير جو آخري مطئن اهو هيو ته، ”منهنجي موجودگي ۾ ڪير سنڌ کي نقصان نٿو رسائي سگهي.“ اهو جملو ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي اندر جي انسان پاڻ مرادو جرئتمندي جو مظاهرو ڪندي، ساڻس اهو پڇڻ جو حق رکيو ته هو چوي ٿو ته سندس موجودگي ۾ سنڌ کي ڪير نقصان نٿو پهچائي سگهي. پر ٻئي پاسي سڄي سنڌ جا موجوده بلدياتي نظام خلاف پوءِ ڇو سراپا احتجاج آهي؟ پوءِ ڇو سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي کان بدزن ۽ گمراهه ٿي چڪا آهن. نيٺ ڇو نه اڄ صدر صاحب جي روبرو ساڻس اکين ۾ اکيون ملائي اهو ڪيس پيش ڪجي. قدرت منهنجا اراده تمام گهڻا پختا ڪري ڇڏيا. آخر ڪار ڪنهن خوشامند ۽ ها سائين، نه سائين کان پاسو ڪندي مون صدر آصف علي زرداري کي سنڌ بابت ڪجهه حقيقتون ٻڌائڻ پنهنجو قومي فرض سمجهيو. تقرير جي ختم ٿيڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري پهرين ٻين صف جي هڪ هڪ مهمان کان هٿ ملائيندو رهيو. ۽ پنجاب توڙي سنڌ جي صحافين کان براءِ راست سوال جواب ڪندو رهيو. جڏهن مان صدر آصف علي زرداري سان مليس ته منهنجو کيس پهرين جملو اهو هيو ته ”خداره سنڌي ماڻهن جي تحفظات کي پري ڪرڻ جي ذميواري توهان جي ڪلهن مٿان آهي“ اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ صدر صاحب مهمانن سان مانيءَ جي ٽيبل تي هليو ويو، ماني واري تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ هو ايوانِ صدر جي تهذيب جي مطابق هڪ هڪ ٽيبل تي وڃي پاڻ صحافي دوستن سان ملندو رهيو. صدر صاحب مختلف مرحلن تي مانيءَ جي موقعي تي صحافين سان سنجيده طور گپ شپ ڪندو نظر آيو. پر هن تقريب ۾ مان جس ٿو ڏيان ملڪ جي نامياري شاعره فهميده رياض کي جنهن صدر آصف علي زرداري آڏو پنهنجي نرم آواز ۾ سنڌ ڌرتي جو ڀرپور طريقي ڪيس وڙهندي اپيل ڪئي ته هو ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي نافذ ڪيل بل موجوده بلدياتي نظام کي فوري طور ختم ڪري سنڌي ماڻهن جو ڌڻي سائين ٿئي. اتي جَس هجي لالا رحمان سمون کان ويندي جعفر ميمڻ تائين جن سنڌي صحافين پنهنجي ٽيبل تي صدر آصف علي زرداري کي کليل لفظن ۾ چيو ته، ”هڪ پاسي سنڌ ۾ بلدياتي نظام وارو ٻٽو بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو، ته ٻئي پاسي الطاف حسين سان توهان جي لنڊن ۾ ملاقات جو ڪهڙو مقصد هو؟“ اهڙا کوڙ سارا ڪَڙا حقيقت تي ٻڌل سوال صدر آصف علي زرداي خاموشي سان ٻڌندو رهيو. صدر آصف علي زرداري جڏهن اسان جي ٽيبل تي پهتو ته سندس مون سان سندس پهريون اهو سوال هو ته سنڌ جا قلمڪار ڇو ناراض آهن؟ جنهن تي مون صدر صاحب کي پنهنجو موقف تحمل سان ويهي ٻڌڻ جي گذارش ڪئي ته، ”مان توهان جي آڏو سنڌ جي ماڻهن جو ڪيس توهان جي ڪورٽ ۾ کڻي آيو آهيان. اڄ سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا ناراض آهن، سنڌي ماڻهو چون ٿا ته سنڌ واسي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. پر ڪالهه جڏهن توهين جيل هئا، رياست جي مشنري جيل ۾ توهان جي زبان تي چيرو ڏنو ته اهي ساڳيا اديب ۽ قلمڪار هئا جن توهان کي ضمير جو قيدي لکيو. جڏهن ڪنهن توهان کي مسٽر 10% لکيو ته اهي ساڳيا سنڌ جا قلمڪار هئا، جنهن توهان جي هر ڪورٽ پيشي تي آصف علي زرداري جي رهائي لاءِ آواز بلند ڪئي. جنرل پرويز مشرف جي آمريت خلاف ويڙهه هجي يا بينظير ڀٽو جي شهادت هجي، سنڌ جا قلمڪار، اديب ۽ دانشورن سدائين توهان جي حق ۾ ڪالم ۽ مضمون لکيا. پر اڄ ڇا وجه آهي ته سنڌ جا ماڻهو توهان کان بدزن ٿي چڪا آهن، ڇا توهان کي خبر آهي ته اڄ سنڌ جا ساڳيا قلمڪار، اديب، دانشور ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي روڊن تي نڪتل آهي، جنهن مٿان واضع لکيل آهي ته، ”تو سنڌ کپائي زرداري، تو سنڌ لڄائي زرداري، سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام نامنظور“ خداره پنهنجي پاليسيز تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر ثاني ڪيو، پاڻ کي تاريخ ۾ جوابده ٿيڻ کان بچايو، ائين نه ٿئي ته جيڪا سنڌ ڪالهه توهان جي اقتدار جو باعث بڻجي اها ئي سنڌ سڀاڻي توهان جي زوال جو ڪارڻ بڻجي. صدر آصف علي زرداري تمام گهڻي صبر ۽ تحمل سان منهنجو موقف ٻڌندو رهيو. مان سمجهان ٿو ته هن جيڪو جواب ڏنو اهو سنڌ جي سمورين اخبارن ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو هن قومپرستن تي ڳالهايو، ذوالفقار آباد تي ڳالهايو. اهو سندس موقف هو پر سنڌي ماڻهن جا تحفظات برابر پنهنجي جاءِ تي آهن، هاڻ ڪاش پيلزپارٽي جي ٿنڪ ٽينڪ ٽيم صدر آصف علي زرداي کي اهڙِون ڪڙيون حقيقتون ٻڌڻ کانپوءِ درست گائيڊ لائين ڏي ته اهو سچ آهي ته سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا مايوس ٿي چڪا آهن. ماڻهن جا تمام گهڻا تحفظات آهن. سچ پُچ سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان ماڻهن پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ آندو. اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي محبت ۽ سندس شهادت جو نتيجو هو، ته ماڻهن کي ڪجهه نه ملڻ باوجود ملڪ ۾ دهشتگردي، بدامني، ٽارگيٽ ڪلنگ، بيروزگاري، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي، سنڌ يونيورسٽي جي تباهه حال تعليم ۽ ملڪ ۾ گُڊ گورننس نه هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو سڀ ڪجهه خاموشي سان برداشت ڪندا رهيا. مفاهمت جي پاليسي جي نالي تي سنڌي ماڻهن سان جيڪا ويساهه گهاتي ۽ تباهي ڪئي ويئي تنهن هوندي به سنڌ جي ماڻهن چُپ جو روزو ڪونه ٽوڙيو. ته اها حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي خون جي نتيجي جمهوريت جي بحالي آهي، تنهنڪري اها حڪومت ضرور پنهنجو مدو پورو ڪري. پوءِ چار سال گذرڻ باوجود ڪنهن کي ڪجهه مليو، ڪنهن کي ڪجهه نه مليو. سڄي سنڌ جا ٻوڏ متاثر دربدر ٿي وطن ڪارڊ تي پنندا رهيا. پوءِ به هي ماڻهو توهان سان گڏ رهيا. پر اڄ حڪومت جي اقتدار جو آخري وقت اچي پهتو آهي. پر اڃا تائين موجوده حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل ڪونه گرفتار ڪري سگهي. سنڌ جا ماڻهو خدا ۾ آس لڳائڻ کانپوءِ حڪومت ڏانهن نهاريندا رهيا آهن، ته توهين سنڌي حڪمران آهيو، ڀلي اسان کي ٻن ويلن جي ماني نه ڏيو، پر شهيدن جي رت سان توهين ويساهه گهاتي نٿا ڪري سگهو. پوءِ توهان سنڌي ماڻهن جي ڪيل اعتماد جو ڪهڙو ڀرم رکيو. توهان پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ مفاهمتي پاليسي ذريعي نائن زيرو پهچي هڪٻئي کي ڀائي ڀائي ڪري سنڌي ٽوپيون پارائي معاف ڪيو. پوءِ به اهو ماجرو سنڌ ماڻهو ڏسندا رهيا. توهان پنهنجي حڪومت ۾ پيپلزپارٽي جي ڳڙهه، ڀٽو جي لياري جي بي گناهه معصوم ماڻهن مٿان چودري اسلم جي قيادت ۾ سڌيون گوليون هلائي بم ڦٽا ڪيا، پوءِ ماڻهن صبر جو پيمانو ڪونه ٽوڙيو. نيٺ 15 آڪٽوبر تي پيپلزپارٽي لياري جي انهن باغين حيدرآباد ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ کان معزرت ڪري ڇڏي، ته توهان پنهنجن ماڻهن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه ڪونه ڏنو. توهان موجوده حڪومت کي بچائڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو پاران ڄاڻايل قاتل چودري ظهور الاهي جي خاندان جي فرد چودري پرويز الاهي کي ملڪ جو نائب وزيراعظم بڻائي ڇڏيو. پوءِ به جمهوريت زنده باد جي نعري ماڻهن توهان کي ڪجهه ڪونه چيو. پر جڏهن رات جي اونداهي پهر ۾ پهرين آڪٽوبر تي سنڌ اسيمبلي ۾ بلدياتي ٻٽو نظام پيش ڪيو، ته سنڌ جي ماڻهن هن بل کي سنڌ جو ورهاڱي جو ڪارڻ سمجهي هن بل کي رد ڪري ڇڏيو. ڇا پيپلزپارٽي جي ٿنڪ ٽينڪ ٽيم ۽ فلاسافرن مان ڪنهن اهو ڪونه سوچيو ته هو اهڙو بلدياتي بل آڻي سنڌ ڌرتي جي ماڻهن کي بدزن ڪندا ته سنڌي ڪڏهن به پنهنجي ڌرتي ماءُ جو ورهاڱو قبول نه ڪندي، سدائين تاريخي مذاهمت ڪندا. پيپلزپارٽي جي ٿنڪ ٽينڪ ٽيم جي ٻي تاريخي غلطي حيدرآباد شهر ۾ 15 آڪٽوبر تي جلسو ڪرڻ هئي. جنهن تي حقيقت پسند ٿي سوچجي ته توهان پاڻ سمجهي ويندا ته توهان جو جلسو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيو. مان اڄ پنهنجي اڄوڪي ڪالم ۾ صدر آصف علي زرداري سان براءِ راست هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي مخاطب آهيان. ته سائين هاڻ توهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته توهين سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي حڪمتِ عملي جوڙيو ٿا. سنڌ ۾ سنڌي V/s سنڌي جنگ جو آغاز ٿي چڪو آهي. SPLGO 2012 سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن صورت قبول ڪونهي. پر توهان جي مطابق ته هن بل کان سنڌ جو ورهاڱو نٿو ٿي سگهي. ته پوءِ توهان کي سمجهڻ گهرجي ته ڇو اڄ توهان جا ماڻهو توهان جي خلاف روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪن پيا. ڇو ماڻهن کي کلي طرح ڪاهل نٿا ڪريو ته هي بل سنڌ جي ورهاڱي جو ڪارڻ نٿو بڻجي سگهي؟ ڇو سنڌ مان پيپلزپارٽي جي وڏي وزير قائم علي شاهه کان ويندي آغا سراج دراني کي حڪم نٿا ڏيو ته هو ماڻهن سان براءِ راست رابطو ڪن. يا پاڻ پنهنجي صلاحيت مطابق ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي قائل ڪن يا پاڻ قائل ٿي وڃن. ڇو هن جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ پ پ پ جي ڪنهن معزز صوبائي وزير کي اياز لطيف پليجو ۽ امتياز شيخ جو براءِ راست مناظرو نٿو ڪرايو وڃي؟ اهي سوال ڪڙا ضرور آهن. پر اهي حقيقت تي مبني آهن. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي سنڌ جي ليڊر شپ، صوبائي وزير ۽ مشير سمجهن ٿا ته سنڌ جي ماڻهن فني ۽ آئيني طور تي هن ٻٽي نظام کي مڪمل طور رد ڪري چڪا آهن. سنڌ جا پوڙها، پڪا ۽ ٻچا سمجهن ٿا ته هن مڪاني بل ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ذريعي گراميٽيڪل طور مئرن کي جيڪي پاور ڏنا ويا آهن. اهي سڀاڻي سنڌ جي تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. پوءِ ڇو نٿا توهان وقت جي نزاڪت کي سمجهيو ته توهان کي سنڌ جي ماڻهن توڙي اتحادين ۽ سنڌ جي قومپرستن وٽ پاڻ لنگهي وڃڻ گهرجي، جڏهن توهين مسلم ليگ (ق)، چوڌري ظهور الاهي جي خاندان سان مفاهمتي پاليسي جاري رکندي کيس ملڪ جو وزيراعظم بڻائي اقتدار ۾ پنهنجو ڀائيوار بڻائي سگهو ٿا. پوءِ ڇو نه پير صبغت الله شاهه پير پاڳارو توڙي جلال محمود شاهه ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، حسين هارون سوڌو سنڌ جي سمورن ساڃاهه وند ماڻهن جو آواز نٿا ٻڌو جيڪي ماضيءَ ۾ توهان جي هر ڏُک ۽ سک جا ساٿي هئا. پوءِ ڇو نٿا اعلان ڪريو ته جيڪڏهن واقع ئي موجوده بلدياتي نظام سنڌ جي ماڻهن کي قبول ڪونهي. ته هن بل کي گڏيل طور هميشه هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي ٿو. ته پوءِ ڇو نه پنهنجي اتحادين کي سمجهايو ته اسان کي گڏجي سنڌ ۾ رهڻو آهي. اسان جا مرڻا پرڻا هتي گڏ آهن. ڇو انسان ذات ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو ٿا اچو ته گڏجي سنڌ جي عوام جي اُمنگن مطابق مسئلي جو حل ڪڍون. ضرور جڏهن ٻئي ڪنهن اتحادي ڌر سان مفاهمت جي نالي تي پرچار ڪيو وڃي ٿو. ته ساڳيو حق سنڌ جي سمورن قومپرستن، سنڌ بچايو ڪميٽي، اديبن ۽ دانشورن جي موقف کي ٻڌڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. سائين هاڻ وقت اچي ويو آهي ته حڪمران سنڌ جي موجوده اشو تي ضرور سنجيدگي سوچي سمجهي ٻه وکون پوئتي اچن. هاڻ سنڌي ماڻهن پنهنجو بال رياست جي ڪورٽ ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو اڄوڪو ڪالم فقط رڳو هڪڙو ڪالم نه پر اهڙا هزارين ڪالم هاڻ ايوانِ صدر ۾ رياست جي اصل اقتدار ڌڻين آڏو سنڌ ڪيس جي صورت ۾ پيش ٿي چڪا آهن. مان به پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جو وڪيل بڻجي هي ڪيس توهان جي درٻار ۾ پيش ڪريان ٿو. هاڻ فيصلو ڪرڻ ايوانِ صدر ۾ ويٺل حاڪم اَل وقت جي هٿ ۾ آهي ته هو تاريخ ۾ پاڻ کي سرخرو پيش ڪرڻ چاهيو ٿا يا وي سنڌ جي تاريخ ۾ توهين جوابده لکيا ويندا.