• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

XenForo 1.1.3 انسٽال ڪندي هي ارر اچي ٿو.... ان جو حل؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ sardar
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

sardar

سينيئر رڪن
XenForo 1.1.3 - Errors
The following errors occurred while verifying that your server can run XenForo:
  • The directory /home/vhosts/urdutafreeh.6te.net/data must be writable. Please change the permissions on this directory to be world writable (chmod 0777). If the directory does not exist, please create it.
  • The directory /home/vhosts/urdutafreeh.6te.net/internal_data must be writable. Please change the permissions on this directory to be world writable (chmod 0777). If the directory does not exist, please create it.
Please correct these errors and try again.
 
جيئن ته توهان پنهنجو هي سوال اڳ به ڪيو آهي۔۔۔ ان لاءِ جواب تفصيل سان ڏجي ٿو۔۔۔ سڀ کان پهريان جي توهان زين فورو جا لائيسنس هولڊر آهيو ته هتي ڪلڪ ڪري زين فورو ڪسٽمر پني تي اچي لاگ ان ٿيو ۽ ڪسٽمر ايريا مان زين فورو جو جديد ورجن ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ جنهن کي ايڪسٽريڪٽ ڪندي اندر موجود اپلوڊ فولڊر کوليو ۽ سموري فائيلز هوسٽنگ سرور تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔ فائيلز کي اپلوڊ ڪرڻ لاءِ فائيل زلا بهتر ايف ٽي پي ڪلائينٽ آهي۔۔۔ هتي مان توهان کي فائيل زلا ذريعي اپلوڊ ڪرڻ به سيکاريندس۔۔۔
ان لاءِ فائيل زلا سافٽويئر کوليو۔۔۔ جتي مٿي موجود بار تي هوسٽ واري خاني ۾ پنهنجي سرور ي سائيٽ جو نالو لکو۔۔۔ جڏهن ته يوزرنيم ۽ پاسورڊ ۾ پنهنجي ايف ٽي پي جو نالو ۽ پاسورڊ ڏئي ڪوئيڪ ڪنيڪٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
111qb8m.png

جڏهن توهان جو ڪنيڪشن ڪاميابي سان سرور سان ٿي ويندو ته کاٻي پاسي توهان جي ڪمپيوٽر جون فائلز ۽ ساڄي پاسي سرور تي اپلوڊ ٿيل فائيلز نظر اينديون۔۔۔

35bdwna.png

هاڻي توهان پنهنجي سرور تي فورم لاءِ ڊائرڪيٽري جهڙوڪ ڪميونٽي ٺاهيو۔۔۔ جتي فائيل اپلوڊ ڪيو ۔۔۔ توهان سرور روٽ public_html تي به فائيلز اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔

20s9fgz.png

جنهن کان زين فورو جي اپلوڊ فولڊر جو فائلز کاٻي پاسي تان چونڊيو ۽ ڊريگ ڪندي سرور تي اڇالايو۔۔۔

iz69mv.png

توهان ڏسندو ته فائيلز 5 کان 10 منٽن اندر اپلوڊ ٿي وينديون۔۔۔ (اهو عمل توهان جي نيٽ جي رفتار تي ٻڌل آهي)

11b3fv5.png
توهان غلطي هن مرحلي ۾ ڪري رهيا آهيو۔۔۔
هتي توهان کي اپلوڊ ڪيل ٻن فولڊرس data۽ internal_data جون پرميشنس سيٽ ڪرڻيون پونديون۔۔۔ ٻي صورت ۾ توهان اڳيان انسٽاليشن دوران توهان طرفان ٻڌايل مٿيون ايرر ٿيندو۔۔۔
پرميشن سيٽ ڪرڻ لاءِ اپلوڊ ٿيل ڊيٽا فولڊر تي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو۔۔ ۽ فائيل پرميشن تي ڪلڪ ڪريو۔۔ توهان اڳيان نئين ونڊو کلندي جتي نمريڪل ويليوو تي 777 لکو ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔​
updates-ftp-permissions.jpg
جنهن کان پوءِ انسٽاليشن اسڪرپٽ هلايو ۔۔۔ جنهن لاءِ برائوزر ۾ پنهنجي سائيٽ جو ڊومين سان زين فورو اسڪرپٽ فولڊر لکي انٽر ڪريو ۔۔۔ جهڙوڪ​
جنهن سان توهان جي انسٽاليشن جو پنو کُلي ايندو۔۔۔ ٻي صورت ۾ توهان ڊائريڪٽ انسٽاليشن جو پنو پڻ کولي سگهو ٿا۔۔۔​
۽ توهان اڳيان زينف فورو جو انسٽاليشن جي دعوت ڏيندڙ پنو نظر ايندو۔۔۔​
1zmh0y8.png
بگين انسٽاليشن بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان اڳيان ڪنفگريشن پنو کُلندو جتي توهان پنهنجي سرور تي تيار ڪيل ڊيٽابيس جو نالو ۽ پاسورڊ ڏيندا۔۔۔​
19ozk6.png
ايندڙ اسٽيج توهان کي ٻڌائيندي ته ڪنفگريشن ويريفائي ٿي چڪي آهي ۔۔۔ هاڻي انسٽاليشن شروع ڪريو۔۔۔​
ان کان پوءِ پاڻ مرادو سمورو انسٽاليشن جو عمل جار رهندو ۽ آخر ۾ توهان کي فورم جي ايڊمنسٽريٽر جو نالو، پاسورڊ ۽ اي ميل شامل ڪرڻ جو چيو ويندو۔۔۔​
10rstua.png
جيڪو لڳائڻ کان پوءِ توهان کان فورم بابت بنيادي معلومات سيٽ ڪرڻ جو چيو ويندو۔۔۔​
282iae8.png
۽ بس توهان سڀ ڪجهه مڪمل ڪري ورتو۔۔۔ نئون صفحو توهان کي فورم جي ايڊمن پينل ڏانهن وٺي ويندو جتان فورم جون ڪيٽگريز ۽ اسٽائيل وغيره سيٽ ڪيا ويندا۔۔۔​
اميد ته هي ٽيوٽوريل توهان لاءِ فائيديمند ثابت ٿيندو۔۔۔ توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔۔۔​
 
Back
Top