سچل جو اردو ڪلام

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سچل جو اردو ڪلام
    احسان بدوي

    سنڌ جي زمين، پنهنجيءَ گود ۾، جن باڪمال شاعرن ۽ اديبن کي پاليو آهي ۽ اُنهن جي ادبي ڪاوشن جي نشو نما جو حصو ورتو آهي، تنهنجو ذڪر ۽ بيان ايترو ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي؛ جو اُن کي پڙهي خوشيءَ ۽ حيرت جي انتها نٿي رهي. حقيقت ۾، سنڌ جي صحرائي خطي مان، اهڙن گلن جو پيدا ٿيڻ، جي پنهنجيءَ لازوال خوشبوءِ سان اِن کي معطر ڪندا رهيا آهن؛ پنهنجيءَ نوعيت جو اڪيلو مثال آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي اِنهن خصوصيتن کان متاثر ٿي، شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي مشهور دعا واري سٽ سنڌ لاءِ ڇڏي آهي:
    سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    حقيقت ۾، اسين جيئن جيئن سنڌ جي ادبي تاريخ جو مطالع ڪندا رهنداسين ته اسان جي اڳيان گوناگون چيزون ظاهر ٿينديون رهنديون. اِها گهٽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه نه آهي، ته سنڌي شاعرن، نه فقط پنهنجي طبع آزمائيءَ جا جوهر، سنڌي شعر و شاعريءَ ۾ ڏيکاريا آهن، بلڪ اُنهن جا تخيلات ايترا ته وسيع آهن: جو هو سنڌ جي تنگ دائري کان نڪري، هندستان ۽ ايران جي حدن تائين پهچي چڪا آهن. آءٌ سمجهان ٿو، ته شايد اِهي فقط اسان جا ئي شاعر هئا، جن پنهنجيءَ مادريءَ زبان ۾ شعر چوڻ کان علاوه، عربيءَ، پارسيءَ ۽ اُردو ۾ به، اُهي ته ڪمال جا شعر لکيا آهن جي اسان جي فخر جو سبب آهن ۽ سنڌ اِنهن تي جيترو به ناز ڪري سو ٿورو آهي.
    شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لطف الله بدويءَ، پنهنجيءَ بي مثل تصنيف ’تذڪره لطفيءَ‘ ۾، سنڌ جي مختلف پارسي گو شاعرن جي تذڪره کي قلم بند ڪري؛ هڪ طرف سنڌ جي هن سرمايه کي زماني جي باد و باران کان محفوظ ڪيو آهي ۽ ٻئي طرف سنڌ وارن کي پنهنجي عظيم ڪارنامن کان واقف ڪيو آهي. آءٌ شايد هت هن ڳالهه جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهان، ته اِهو ڪيترو نه بهتر ٿئي ها جو جناب لطف الله صاحب، ان سان گڏ جيڪڏهن انهن شاعرن جو به ذڪر ڪري ها، جن پنهنجي دل ۽ جگر جو خون ڏيئي اردو شاعريءَ جي چمنستان جي آبياري ڪئي آهي، ته سندس تصنيف زياده جامع ٿي پوي ها. هن سلسلي ۾ ڪي قدر پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ مقالي ۾، سنڌ جي اُردو شاعرن جو ذڪر، اُردو زبان ۾ ڪيو آهي جو گذريل سال ’اُردو‘ رسالي جي ڪنهن اشاعت ۾ ڇپجي چڪو آهي(1). مگر هي مقالو، ڪن چيزن جي نه هجڻ ڪري ايترو جامع نه آهي، ۽ اسان جي پياس کي مٽائي نٿو سگهي. بهرحال راشدي صاحب جو اِهو ڪارنامو تحسين جي لائق آهي جو هن صاحب ڪنهن حد تائين سنڌ جي اُردو شاعرن کي منظر عام تي آڻي کين اُردودان طبقي سان روشناس ڪيو آهي ۽ اُنهن تي اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته اسان جا شاعر سنڌي زبان جي تنگ دائري ۾ ڪڏهن به رهي نه سگهيا آهن. هن مقالي ۾ آءٌ سنڌ جي بلند پايه صوفي منش شاعر سچل سرمست جي اُردو ڪلام کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
    اُن کان اڳ، جو آءٌ سرمست سچل جي اُردو شاعريءَ جو بيان ڪيان ۽ اُن جي ڪلام جي مختلف خصوصيتن کي واضح طور تي ظاهر ڪيان، بهتر ائين آهي ته آءٌ اُن زماني جي ادبي ۽ تاريخي پس منظر جو جائزو وٺان. سچل جنهن دور جي پيداوار آهي، اُهو ميرن جي صاحبيءَ جو عهد هو. تاريخي نڪتهء نگاه کان ميرن جي صاحبيءَ جيتوڻيڪ سنڌ لاءِ ڪو يادگار نه ڇڏيو آهي، تاهم هو پنهنجي حڪمت عمليءَ ۽ دور انديشيءَ کان نهايت ئي قابل ذڪر ٿي گذريا آهن. مير صاحب جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ ۾ ڪن سياسي چالبازين جي ڪري سنڌ کي ڳچ وقت لاءِ غلاميءَ جو طوق پهرائي ويا، اِن هوندي به، هو رعيت جا گهڻگهرا هئا ۽ امن امان جا ڪوڏيا هئا. نه فقط مير صاحب حڪمران هئا، پر اُنهن جي درٻار هميشہ شاعرن ۽ اديبن جو مسڪن به هئي. جيتوڻيڪ اسين هن عهد کي، بقول مصنف ’تذڪره لطفي‘ سنڌي شاعريءَ جو سونهري دور چئي سگهون ٿا؛ پر اِن سان گڏ پارسي زبان کي نه فقط درٻار جي قربت حاصل هئي، پر ڪيترائي ٽالپر حڪمران پارسي زبان جا نهايت ئي بلند پايه شاعر به هئا، جن پنهنجي ڪلام جا مڪمل ديوان يادگار ڇڏيا آهن. ظاهر آهي ته اهڙي ماحول ۾، جتي حڪمران طبقي جا فرد شعر و شاعريءَ جي محفل ۾ شمع بڻجي اَچن، اُتي جي رعيت جا ڪي فرد پروانا ٿي پچڻ اچن، ته ڪا تعجب جي ڳالهه ڪا نه آهي.
    سچل سرمست به اِن دور جي پيداوار آهي ۽ مٿس به پارسي شعر و شاعريءَ جي خد و خال جو اثر پوڻ لڳو ۽ هن پنهنجو مڪمل پارسي ڪلام ’ديوان آشڪار‘ ۾ ڇڏيو آهي. پر هي منهنجي مقالي جو موضوع نه آهي. ان ڪري آءٌ پنهنجي مقصد ڏانهن وڌان ٿو. جيتري قدر سنڌ جي ادبيات جو مطالع منهنجي رهنمائي ڪري ٿو، ته اِهو معلوم ٿي رهيو آهي ته سرمست سچل کان اڳ به ڪن سنڌي شاعرن اُردو زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، پر جيترو سچل جو ڪلام مڪمل ۽ جامع آهي، ايترو شايد ٻئي ڪنهن شاعر جو نه آهي. سچل کان پوءِ فقير قادر بخش ’بيدل‘ پنهنجي اُردو ڪلام جو مڪمل ديوان ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تخيل جون جيڪي جولانيون ڏيکاريون آهن. اُهي ڪنهن به طرح اُردوءَ جي اُستاد شاعرن کان گهٽ نه آهن. بهرحال، سچل سرمست به پنهنجي دور جو هڪ خاصو شاعر ٿي گذريو آهي. هن زماني ۾، سنڌ جي حدن کان ٿورو اڳتي هندستان جي سر زمين تي، اُردوءَ جا باڪمال شاعر، جهڙوڪ: انشا، مصحفي، نظير، رنگين ۽ نصير رهيا ٿي ۽ جن پنهنجي ڪلام کي هر پهلوءَ کان مڪمل ڪري ورتو هو. سچل به ريخته جو مالڪ آهي. ان وقت اُنهن شاعرن جنهن نموني جو شعر چيو ٿي، تنهن سان جيتوڻيڪ سندس ڪلام جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، تاهم هن جو ڌاريءَ زبان ۾ طبع آزمائي ڪرڻ ۽ اُن ۾ نفيس خيالن جو نڀائڻ تحسين جوڳو آهي.
    سچل جي ڪلام تي نظر وجهڻ سان اسان جيءَ دل تي جيڪا پهرين پهرين چيز اثر ڪري ٿي سا آهي سندس زبان داني. سچل جي اُردو ڪلام جي زبان جيتوڻيڪ ايتري پختي ۽ مڪمل نه آهي، پر اِها زبان ڪنهن به طرح قديم دکني زبان کان گهٽ نه آهي. آءٌ هن سلسلي ۾ سچل سرمست جا ڪي شعر هيٺ نقل ڪري، ڪن دکني شاعرن سان مقابلو ڪريان ٿو:
    بيمار هون تيري بره ڪا چهوڻن ميرا مشڪل هوا
    يه درد ميرا ديکهه ڪر افلاطون لايعقل هوا
    اي يار تم آتا نهين مجهه پر شفا بخشي ڪرو
    اِس درد ميري ڪي دوا آنا تيرا اڪ پل هوا
    منهنجي اڳيان قطب شاهي سلاطين مان سلطان عبدالله قطب شاه جو ڪلام آهي. آءٌ ان مان چند شعر پيش ڪيان ٿو:
    گلشن هـي تو پياري بلبل هـي دل همارا
    رنگ بانس دونون تجهه مين پهل هون پهليا نظارا
    تيري درشن ڪون اي محبوب آتـي هين حبيبان سب
    دکها درشن جو هووين راکهه جل رشڪون رقيبان سب
    ولي دکني، جنهن کي ڪن حلقن ۾ اُردو غزل جو مؤجد ليکيو وڃي ٿو، ان جي زبان به ڏسو:
    دل بيتاب ڪي اڪ آن نهين اُسڪو قرار
    زلف دلدار سون همسر هـي پريشاني مين
    مدت هوئي سجن نـي دکهايا نهين جمال
    دکهلا ڪـي اپنـي قد ڪون ڪيا نہين نہال
    مٿين چند مثالن کي پڙهڻ کان پوءِ شايد هيءَ حقيقت واضح ٿئي، ته سچل جي ڪلام کي پڙهندي، هڪ منٽ لاءِ به اِهو شڪ نٿو رهي ته ڪو اسان هي اُردو ڪلام سنڌي نزاد شاعر جي زبان کان ٻڌي رهيا آهيون.
    سچل پنهنجي زماني جو هڪ صوفي منش شاعر ٿي گذريو آهي. ان ڪري ظاهر آهي، ته سندس ني مان جيڪي نغما نڪتا هوندا، سي به اِن ئي رنگ ۾ رڱيل هوندا.
    سندس شعر ۾ ”مقامات تصوف“ جو سمورو احوال ملي ٿو. صوفيانه شاعريءَ جي جدا جدا عنوانن تي، هُن نهايت ئي صفائي سان بحث ڪيو آهي. صوفي بزرگن وٽ ’يقين‘ هڪ نهايت ئي اهم ڳالهه آهي. معرفت کي سمجهڻ لاءِ اِهو ضروري آهي، ته پهريائين هنن وٽ يقين هئڻ گهرجي. سچل هن مسئلي کي ڪهڙي نه آسان طريقي سان نڀايو آهي:
    اگر اِثبات ڪر جانو نه هرگز تم گدا هوگا
    يقين ڪرنا گدا گرهـي و ليڪن خود خدا هوگا
    وحدة الوجود جو مسئلو اسلامي تصوف جو تاڃي پيٽو آهي ۽ ان تي تصوف جي ساري عمارت کڙي ڪيل آهي. اِن همہ اوست جي باريڪ نڪتن کي ڪهڙي نه عمدي نموني نڀايو اٿس:
    نہين ديدار ڪو ئي دو جہان نه جائـي ديکہن ڪي
    نظر ڪي جائي تمہاري هـي ببين تا خود لقا هوگا
    زمين پر ڪيا فلڪ پر ڪيا، ڪيا عرش ڪرسي پر
    درون بيرون همه اندر ڪه هر جا بجا هوگا
    هو الاول، هو الاخر، هو الظاهر، هو الباطن
    اِدهر وهي اُدهر وهي ’سچو‘ ڪہہ تم ڪجا هوگا
    اِهڙي نموني سچل جو اُردو ڪلام تصوف جي باريڪ مسئلن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ نفي ۽ اِثبات، فنا ۽ بقا، ذڪر ۽ فڪر، حال ۽ قال، همہ اوست ۽ وحدة الوجود جهڙا دقيق مسئلا نهايت ئي آسان نموني سمجهايل آهن.
    هنن ڳالهين کان سواءِ سندس اُردو ڪلام ۾ حسن و عشق جو بيان، هجر ۽ وصال جو ذڪر، درد ۽ محبت جون ڳالهيون وغيره به سمايل آهن. نه فقط ايترو، پر هن پنهنجي شعر ۾ محبوب جي بي اعتناين ۽ عاشق جي حال زار جو داستان به دلگداز انداز ۾ ڳايو آهي.
    هڪ هنڌ پنهنجي درد انگير ڪيفيت جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:
    ڪس نون مين ڪہه سنائون ميرا يار هـي خيالي
    ميرا حال پوچہتا نہين هـي اصل لا اُبالي
    ڪهڙو نه درد ڀريو داستان! عاشق پنهنجي درد جو احوال دلبر سان اورڻ گهري ٿو، پر هو ايترو ته بي پرواه آهي، جو ڏانهس خيال به نٿو ڪري. ’لا اُبالي‘ لفظ ۾ ڪيترو نه زور آهي ۽ منجهس ڪيتري قدر نه محبوب جي طريقهءِ ڪار جو نقش چٽيل آهي! وري ٻئي هنڌ ساڳي ئي رقت خيز انداز سان درد جو احوال اوريو اَٿس:
    تيري درد مجهه ڪو جانا اب بـي خبر ڪيا هـي
    مجروح ميري دل ڪو اُس اِڪ نظر ڪيا هـي
    سچل صرف ايستائين نه ٿو وڃي، بلڪ اِن کان به ڪجهه اڳڀرو وڃي، معشوق جي شڪايت ۽ پنهنجي جذبات جي ترجماني ڪندي چوي ٿو:
    تيري هجر مين پيارا روتا هون زار زار
    وعده نـي تيري هم ڪو اب منتظر ڪيا هـي
    محبوب جي جدائي جو ذڪر ۽ اُن جي شڪايت ته شاعر ڪئي آهي، پر سچل هنن سٽن ۾ ’وعدي تي منتظر‘ رهڻ جا الفاظ آڻي؛ هجر ۽ فراق جي ڪيفيت کي نهايت ئي دلگداز بڻائي ڇڏيو آهي ۽ شعر ۾ جان پيدا ڪئي آهي. محبوب جي بي اعتنائي جو بيان ته هر شاعر نهايت ئي درد خيز طريقي تي ڪيو؛ پر محبوب کي اُن جي بي اعتنائي ياد ڏياريندي، اِئين چوڻ ته تو به ڪڏهن اسان جي ڳليءَ مان گذر ڪيو آهي، سو سچل جو ئي ڪم آهي:
    اِتني يه بـي نيازي دلبر نه ڪر ’سچل‘ سـي
    اُس ڪي گلي سـي تم نـي اڪ دن گذر ڪيا هـي
    محبوب جي بي پرواهيءَ، بي نيازيءَ ۽ لا اُباليءَ هوندي به سچل سندس حسن جو شيدائي آهي. سندس حسن تي فقط هو مفتون نه آهي، بلڪ جنهن جي به مٿس نظر پوي ٿي سو سندس لازوال حسن تي حيران ۽ مستان آهي:
    بيچاره ايڪ نہين مين آشفته اُس صنم ڪا
    ڪتنـي هوئـي هين حيران ديکهه حسن لايزالي
    سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ نه فقط محبوب جي صفت ڪئي آهي، بلڪ سندس اڳيان اُها زندگي پٿر کان به پري آهي، جنهن ۾ عشق جو واسو نه آهي. ڪهڙي نه عمدي نموني هن خاصيت کي ظاهر ڪيو اٿس:
    پتھر هـي ايسي زندگي، بن عشق هـي شرمندگي
    جس ڪو سجن ڪا درد هـي، رويت اُس ڪي زرد هـي
    اڳتي هلي عاشق جي خاصيت کي اڃا به وڌيڪ واضح طريقي تي بيان ڪيو اَٿائين:
    عاشق وهي جسي غم هوا، دونون جگت اڪ دم هوا
    دن رات اُسي ماتم هوا، اکہيان ڪا آب آگم هوا
    سچل جيئن ته هڪ اهل دل ۽ سوز گداز جي مڪمل تصوير هو، اِن ڪري مٿس عشق جا ڪشف و ڪرامات ۽ اُن جا واردات وقت بوقت ظاهر ٿيندا پئي رهيا. هن ڪيفيت جو هڪ هنڌ هئن ٿو ذڪر ڪري:
    عشق عجب آفات هـي ناڪشف ڪرامات هـي
    تقويٰ نه ڪوئي طاعات هـي تن مين نه مرجوعات هـي
    سر مست سچل جو اُردو ڪلام اهڙيءَ طرح حسن و عشق جي ڳالهين ۽ سوزو گداز جي جذبات سان پُر آهي؛ جنهن کي پڙهندي دل ۽ دماغ تي هڪ ڪيف ڇانئجي وڃي ٿو ۽ شاعر جي جذبات جي صحيح تصوير اکين اڳيان ڦري وڃي ٿي. اُن کان اڳ جو مان پنهنجي مضمون کي ختم ڪريان، اِهو ضروري سمجهان ٿو ته هن ڳالهه جو به هت ذڪر ڪري ڇڏيان، ته سنڌ جي ڪنهن به اديب اڄ تائين سچل جي اُردو ڪلام ڏانهن توجهه نه ڏنو آهي؛ حتيٰ ڪ مرحوم آغا صوفي جو پوئين دور جي اديبن مان سچل سرمست جي ڪلام جو جامع ۽ شارح آهي؛ ان به پنهنجي ضخيم تصنيف ۾ صرف چئن غزلن تي اڪتفا ڪئي آهي. هينئر وقت آيو آهي ته سچل جو اُردو ڪلام، جيڪو ٽڙيل پکڙيل آهي، گڏ ڪري مٿس بصيرت افروز مقدمو لکي منظر عام تي آندو وڃي.
    (1) ڏسو رسالو ’اُردو ڪراچي‘ ــــــ جولاءِ ۽ آڪٽوبر 1951ع
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو