ڪتاب ”پھاڪن جي پاڙَ“ جا ٻه اکرعبدالڪريم سنديلو ”وينجهار“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ ”تحقيق لغات سنڌي“ لکندي، جيڪي به پھاڪا، اک تي چڙهندا هئا، سي يڪ جاءِ ڪندو ويندو هوس. تنھن کان سواءِ ٻُڌ سُڌ مان هٿ پئي آيا، سي پڻ گڏيندو ويندو هئس. جڏهن ڏٺم ته ڏسڻ جھڙو مواد موجود ٿي ويو آهي، تڏهن ميدانِ عمل تي آڻڻ جو ارادو ٿيو. پر وري خيال آيو ته هر هڪ پھاڪي جي اصليت ڏجي ته بھتر. ڪيڏو نه ڪٺن ڪم! اها ڪا اهڙي سولي ۽ سُٿري ڳالهه نه هئي، جا کِنَ ۾ کڻي وٺجي. هِت ته رُڪُ ٿو ريھون ڪري! جَرَ مان گڏون ڳولڻو هو يا ائين کڻي چئجي ته لَٽِيلَ لوڙهَه پَٽڻا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جي زبان تي هڪ ٻوليءَ جو اثر هجي ته ان جي پويان پئجي ۽ خيالن کي به اوستائين ڇڏجي، پر هِت ته ”پَنجَ ڪَڻي، مِھر گهڻي“ لڳي پيئي آهي. پھاڪا، چوڻيون ۽ ٻھڳڻن جا ٻول، سنڌ جي سياڻپ جو آئينو آهن. منجهن سنڌ جي رهڻي ڪھڻي ۽ ڳَڻ ڳوت جي گهڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آهي. جيتوڻيڪ مختصر آهن، مگر چوڻ وقت، مطلب کي مفصل ڪن ٿا. سندس ڪامل استعمال، ٻوليءَ کي ٻَھڪايو ڇڏي. خيالن جي ادائگي، جا ھونءَ هوند، ٻن ٽن سٽن ۾ ٿئي، سا هنن جي استعمال سان، اختصار ۾ آڻي سگهجي ٿي ۽ اختصار وري عبارت جي جانِ آهي. جو زور پھاڪي ۾ آهي، سو وري رواجي عبارت ۾ ڪونھي. گهڻي پٽاڙ کان، مختصر، پر مايه دار لفظن جو استعمال، مضمون کي کڻي بيھي ٿو. دنيا جي ڪا به زبان، پھاڪن کان خالي نه آهي ۽ نه وري ڪو دور ئي، پھاڪن کان خالي رهيو آهي. پر خبر ناهي ته اهي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا، ڪھڙن ماڻھن جي آزمودي جو عطر آهن! بھرحال جو ڪجهه ڏنو اٿن، سو وقت جي ۽ ماحول جي پوري پوري ترجماني ڪري ٿو. مثلًا: ڪلھوڙن ۽ ميرن جي حڪومت ۾، پارسيءَ جو قدر هو، ته چيائون؛ ”پارسي، گهوڙي چاڙهسي“. مير بجار جي مارائڻ جو اڻ سھائيندڙ رستو ڏسي، چيائون؛ ”ڪَنن جي ڳالھين، مير بجار مارايو.“ ٻن ڀائرن، دودو ۽ چنيسر، جي ناسازيءَ جو نتيجو ڏسي، چيائون؛ ”دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي“. مٿين حقيقتن مان معلوم ٿيو ته پھاڪن مان، نه رڳو وقت جي تاريخ جو پتو پوي ٿو، پر ملڪ جي عادات ۽ اطوار، رفتار ۽ گفتار، رسم ۽ رواج، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ بدعت جو به جيئن جو تيئن پتو پوي ٿو. انھن جي ذريعي هڪ اَناڙيءَ جي دل تي، اهڙا اوکا اصول نقش پذير ڪري سگهجن ٿا، جي جيڪر ڪوڙين ڪتابن ٻڌائڻ سان به نه ڪري سگهجن. اهي روشن منارا آهن، جن کي نظر ۾ رکندي، هڪ ناکئو پنھنجي مقصد جي ٻيڙيءَ کي، درياءَ جي موج و طلاطم مان ڪڍي، سلامتيءَ سان ساحل ڀيڙو ڪري سگهي ٿو. اهي قديم فلسفي جا ٽڪرا آهن، جن مان اُهي ته نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، جي افلاطون جي تصانيف مان به ملڻ محال آهن. اِهي تقرير توڙي تحرير جا اُهي تيز اوزار آهن، جن سان مطلب جي ڳنڍين کي آسانيءَ سان ڪپي، کولي سگهجي ٿو. اِهي، رهبر ۽ رهنما آهن، جي راءِ کي مضبوط بڻائين ٿا ۽ نتيجي کي وڌيڪ واضح ڪن ٿا. انھن جي عاليشان محلات جي بنياد ۾، عقلمنديءَ جون اهڙيون ته پڪيون ۽ پختيون سرون لڳل آهن، جي صدين گذرڻ تائين به قائم رهنديون. زماني جي گردش سبب، کڻي ڪھڙو به شديد ۽ هولناڪ طوفان ۽ زلزلو اچي، ته به هن فولادي ڪوٽ کي ڪٿان به شگاف پوڻو نه آهي. جڏهن به موقعي محل تي ڳالھايا وڃن ٿا، تڏهن ”المثل في الکلام کاالملح في الطعام“ جو پورو پورو ثبوت ڏين ٿا. جڳ پرسڌ اديبن، پھاڪن جي باري ۾، هيٺين راءِ ڇڏي آهي. ڊزرائيل چوي ٿو: [1] ”پھاڪن ۾ زندگيءَ جي هر رنگ جي جَهلڪ موجود آهي. منجهن هَلڪي ۽ ڀرپور طنز جي چاشني رهي ٿي. گهر جي هَليپي ۽ هَنڊيپي سان گھرو ۽ گهاٽو واسطو رکن ٿا. جيتوڻيڪ هنن جو استعمال گهٽ ٿي چڪو آهي، تڏهن به منجهن عقل ۽ سوچ ويچار جو اَکٽ خزانو، پوشيده رهي ٿو.“ اي- ايس-جي- جيڪر چوي ٿو: ([2]) ”ڪنھن به قوم جي عادات، اطوار ۽ خيالات جي عڪاسي، جنھن نموني پھاڪا ڪري سگهن ٿا، سا ٻئي نموني ٿي نٿي سگهي.“ شِري گوونده، هنديءَ ۾ ڪھڙو نه سھڻو چيو آهي، ([3]): ”ڪھاوتين ڀاشا ڪا مرم هين. جس ني ڀاشا ڪا يه مَرم نهين سمجها، اس ني ڪچهه نهين سمجها“. پھاڪن جو بنياد: ڏند ڪٿائون، مذهبي قصا، تاريخي واقعات، عام قصا ڪھاڻيون ۽ نقل نظير ئي ٿي سگهن ٿا. هر زبان، پھاڪن سان جهنجهي پئي آهي. اسان جي زبان ۾ به اڪيچار پھاڪا آهن؛ ڇاڪاڻ ته ورهين کان وٺي داخل ٿيندا رهيا آهن. ڪٿان رڙھي آيا، ڪھڙي وقت ۾ آيا ۽ ڪيئن پرگهٽ ٿيا، سا ڳالهه البت وهڃائڻ جوڳي آهي. انھن جي استعمال جي خبر آهي، پر اهو پتو ڪيئن پوي ته سندن اصليت جون پاڙون ڪھڙيءَ ٻوليءَ ۾ کُتل آهن. اُن لاءِ، بِھَه ۽ لوڙَه کي، پاڻيءَ مان هٿ ڪرڻ جيان، پٻڻ ۽ ڪُم کان وٺي، هيٺ هلڻو آهي. هِن ڏس ۾ جيتوڻيڪ ڪافي مَٿا ڪُٽ ڪيل آهي، پر تار جي تَري تائين پھچڻ بدران تانگهي ۾ ئي ترسي پيا آهن؛ ڇاڪاڻ ته ڪم ئي اهڙو آهي، جنھن ۾ ساهي منجهائڻي آهي. پر ڪي اهڙا پھاڪا به آهن، جن جو عرصو مقرر ڪري سگهجي ٿو. جيئن: 1- عمر وٺي وٺي، مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلھيندو. (ص 114) 2- هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو. (ص 149) 3- جُمن چارن وارو سوال. (ص 58) مٿين ٽنھي پھاڪن جو عرصو، هيٺينءَ طرح مقرر ڪري سگهجي ٿو: پھريون پھاڪو، سومرن جي دور جو، ٻيو ڪلھوڙن جي دور جو ۽ ٽيون به ڪلھوڙن جي دور جو آهي. پھاڪن جي تُز تاريخ ٻڌائڻ لاءِ وقت کپي، ڇاڪاڻ ته مٿن لَٽَ جا ايترا ته تَھن مٿان تَھه چڙهيل آهن، جو اصليت ئي اوندهه ۾ نظر اچي ٿي. تنھنڪري تحقيق جي تَھهَ ۾ وڃي، ڳوڙهي جانچ پڙتال ڪرڻ کپي. پر جيڪڏهن اسان اندازًا ۽ قياس طور، هڪ پھاڪي کي اصل ٻوليءَ مان خارج ڪري ٻيءَ ٻوليءَ ڏانھن اُماڻيون ته اها نه رڳو اُن ملڪ جي وڏي حق تَلفي چئبي، پر گويا امانت ۾ خيانت! پھاڪن جي حق ۾، راءِ بھادر ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ کيرون لھڻيون، جنھن پھريائين ”سنڌي پھاڪا“ نالي ڪتاب 1889ع ۾ لکي، هِن ميدان تي، پھريون ادبي پَڳُ ڌَري. ڪتاب ۾ تقريبًا، ٻارهن سؤ پھاڪا آندل آهن، پر اصليت آندل نه آهي، جنھن لاءِ آکي ٿو: ”اصل هرهڪ پھاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪيئن ڪم آڻجي، انھن جي بيان ڏيڻ جو ارادو هوم ........ پر ائين ڪجي ها، ته غريب غربو يا ڇوڪرو ٻاڪر وٺي ڪين سگهي ها.“ ظاهر ٿيو ته وٽن مواد موجود هو، پر اسان جي سَرد مھريءَ کان پوريءَ پَر واقف هو، تڏهن ته ڇوڪر ٻاڪر جو عذر ڏيئي، سائُو ۽ سَھندڙن تي ڪَکَ رکي اهو اشارو ڪيو اٿس. خير، ڪيئن به هجي، پر ڪتاب جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪيترا پھاڪا اڌو گابرا آهن: 1- جنھن جو بد بُنياد، تنھنجو ميوو مٺو نه ٿئي. 2- ڀائر ڪوٽ جا ڪُنگر، پُٽ گَهر جي سونھن. 3- سَتي لَڪڙن کان موٽي، ته ڪتن هاب ٿئي. 4- اُٺ نه رُٺا ٻورا رُٺا. مٿيان پھاڪا، در اصل هن ريت آهن: 1- ڪُوَڻَ کي پاڻيءَ جان، پيڙي پياريم ڪماند، نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌرپاندُ، ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند، جنھن جو بد بنياد، تنھن جو ميوو مٺو نه ٿئي. 2- ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پُٽ گهرَ جي سونھن، ويٺا ڪن ورونھن، ڏُڄَڻ ڏُوران ئي ڏَري. 3- سَتي چڙهي ڏاگهه، لھي ته ٿئي ڪُتن ڪانون هاب. 4- اُٺ نه رُٺا، ٻورا رُٺا، مينھن مٿان، ڇَپر اُٺا، ڀونڪن چور ته ڪُتا ٽٺا، ٽِن شين جا، اُبتا پُٺا. [4] پوئين چوڻي، پيراڻي ڀنڀري جو اُبتو ٽوپو آهي، جنھن جي سمجهاڻي، مسٽر بولچند ڏيارام 1893ع ۾ مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) جي سنڌي پيپر ڪڍندي پڻ طلب ڪئي آهي. بھرحال ان موضوع تي اِها پھرين ڪوشش ورتل هئي، جنھنڪري ٿورو اختلاف نظر اچي ٿو، ورنه محنت جَس جوڳي آهي. ٻيو ڪتاب، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جو ”گلشڪر“ نالي آهي، جو هن صاحب 1869ع ۾ لکي پورو ڪيو، ليڪن گورنمينٽ وري 1905ع ۾ شايع ڪرايو. محنت کان ٻه پَھرَ گهٽايو ڪينھيس، پر اصليت آندل نه آهي. ٽيون ڪتاب ”پھاڪن جي حڪمت“ آهي، جو سنڌي زبان جي محسن اعظم مرزا قليچ بيگ 1926ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هر ٻوليءَ جا پھاڪا الڳ الڳ آندا اٿس، پر مقصد جي هَدف کي تير نه هنيو اٿس. چوٿون ڪتاب ”گلقند“ آهي، جو آنجھاني ڀيرومل مھرچند آڏواڻي 1926ع ۾ شايع ڪرايو. جيتوڻيڪ اصليت آندل نه آهي، تڏهن به محنت مڙني کان سرس ۽ سوائي ڪئي اٿس. سرڳواسي ڪيترا پھاڪا اڌورا ڏنا آهن: 1- ٻي سڀ ڪا ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏُڀي اُٺ. 2- ڏُچر گهوڙي، سُچر زال، ٻَئي کڏ پيا. اسان کي وري، اهي چوڻيون هن ريت هٿ آيون آهن: 1- ڳئون ۽ مينھڻ ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏُڀي اُٺِ، چاري اَٽي[5] ڏجي سَڃَ[6]، گئُو اَٽي[7] مُٺ[8]، جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺِ. 2- ڏُچر[9] گهوڙي، سُچرَ[10] زال، ڇِڊي ڪڻڪ، گهاٽا تِر، اُڌارو وهانءُ، پنج ئي نه ٿيا. هن پوئين چوڻيءَ کي ”پنجڪا“ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته پنجن شين جو ذڪر آندل آهي. ساڳئي قابل مصنف جو ”پھاڪن جي پيڙهه“ پڻ شايع ٿيل آهي، جنھن ۾ اصليت آندل آهي، پر هڪ ته ڪتاب ننڍو آهي ۽ ٻيو وري مٿاڇري بيان تي اڪتفا ڪيل آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾، جيڪي به پھاڪا آهن، سي يا ته اصل ٻوليءَ جيان جيئرا جاڳندا ڪم اچن ٿا، يا ته ٿوريءَ مَٽَ سَٽَ سان. ڪن جو ته بنھه ترجمو اچي ٿو. ڪي وري ديسي (سنڌ ديس جا) به آهن. اصل ٻوليءَ وارا: بڙا ڪھاوڻ، بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور. 2- ايڪ پَنٿ، دو ڪاج. (هندي)1- دراز ريش، خضر يا ابليس. 2- يڪ تندريستي، هزار نعمت. (پارسي)1- آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي. 2- آپڻا مال هي، روسون ڀي کاسون ڀي. (سرائڪي)ٿوريءَ مٽ سٽ وارا: 1- جھڙو راجا، تھڙي پرجا. 2- نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندڙ واپار. (وڏو وياڪرڻ، ڀيرو مل، ص 354) يا اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري. (پھاڪن جو ڪتاب ڀاڱو 2- روچيرام ص 84) مٿيان در اصل هن ريت آهن: 1- يَٿا راجا، تَٿا پِرجا. (سنسڪرت پھاڪو) 2- اتم کيتي، مدهم بيوپار، نِش چاڪري، بهيک لاچار. هندي ڪھاوت (پھاڪو) ترجمي وارا: 1- تڪڙ ڪم شيطان جو. 2- ٻه ڀائر ٽيون ليکو. هيٺين زبانن جو ترجمو آهن. ۱- التعجيل فعل الشيطان. (عربي) ۲- دور براد، سوم حساب. (پارسي) مٿي ڏيکاريل آهي ته پھاڪن جي اصليت ڏيڻ لاءِ جُڳَ گهرجن؛ ڇاڪاڻ ته هرهڪ جي اصليت ڏيڻ، ائين آهي، جيئن پاکي مان اُٺ لنگهائڻ. جيتوڻيڪ وس آهر اُڊيڙ ۽ اُکيڙ ڪئي ويئي آهي، پر سچ پچ ته اکِ-کُٽُ جهنگ لڳو پيو آهي. جيڪڏهن ڪَچيلا ٻَرُوٽا پاڙون پٽجن ها ته جيڪر، هينئر وانگر، ڇَٽا نه هڻي وڃن ها. ڪوشش ڪري زمين کي ڪنھن حد تائين هموار بڻايو ويو آهي. باقي مٿس تاريخي ۽ تحقيقي سانھَرُ گهمائڻ ته انھن ئي قابل ڪيمياگرن جو ڪم آهي، جن جو قلم اڪسيري اثر رکي ٿو. جناب زم، جنھن خلوص نيت سان، پنھنجا بيش بھا ۽ قيمتي قلمي نسخا، اَڌ ڳالھائي ۾ پيش ڪيا، تنھن لاءِ بنده وٽ ڪي به لفظ ڪونه آهن، جن سان پوريءَ طرح، سندن ڳڻ ڳائي سگهي. محترم جناب محمد خان شيخ (مالڪ پاڪستان پريس) جو ازحد ٿورائتو آهيان، جنھن پنھنجو وَڙُ ڪري، پريس کي ئي ڪتاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جنھنڪري ڪم جلد سُتَڙُ ٿي سگهيو. پريس جي عملي ميان غلام مصطفى خان، محمد عظيم انصاري ۽ محرم علي جا به مُجرا نه وڃائبا، جن اويل سويل به، پريس ۾ پئي ڪم ڪيو. ڪتاب لکندي هيٺيان ڪتاب نظر مان گذريا: (عربي) 1- عَماني پراور بس- ليفٽيننٽ ڪرنل اي.ايس.جي جيڪر، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي 1904ع. (پارسي) 1- امثال و حِڪم (چار ڀاڱا) علي اڪبر دھخدا تھران 1931ع. 2- فرهنگِ امثال- سيد مسعود حسن رضوي اديب، ڪتاب گهر- لکنئو 1937ع. 3- داستانئه امثال (ٻه ڀاڱا) مير قلي اصفھان 1945ع. 4- پرشن پراوربس، ايل.پي الولسٽن لنڊن 1954ع. 5- ”لُب تاريخ“ خانبھادر قادر داد خان ادبي بورڊ حيدرآباد. (هندي) 1- ڪھاوت رتنا ڪر، نولڪشور لکنئو، 1926ع. 2- محاوره اور ڪھاوتين راشٽر ڀاشا پرچار سمت، ورڌا 1945ع. 3- راجستاني ڀيلون ڪي ڪھاوتين، شري ڦولجي ڀائي ڀيل، اديپور 1945ع. 4- مالوي ڪھاوتين، رتن لال اديپور، 1954ع. 5- ڪھاوتون ڪي ڪھانيان، مھابير پرساد رتن ساهتيه نئين دهلي، 1960ع. (گجراتي) 1- گجراتي ڪھيوت سَنگره اَشا رام دليچند شاهه، احمد آباد 1923ع. (تليگو) تليگو پراوربس، ڪئپٽن ڪار، لنڊن 1880ع. (اردو) 1- محبوب الامثال (حاجي مولوي محبوب عالم) ڪارپردازان پيسه اخبار لاهور، 1925ع. 2- مخزن الامثال، احمد الدين-لڌيانه 1884ع. 3- امثال بي مثال، چرنجي لال دهلي 1886ع. 4- ضرب الامثال، شيخ احمد حسين خان لکنو 1886ع. 5- علم الامثال، محبوب عالم- گجرانواله، 1888ع. 6- فلسفه امثال، ذڪاءُ الله- مطبع مجتبائي دهلي، 1890ع. 7- گلدسته الامثال و محاورات، چنون لال گپتا دهلي، 1893ع. 8- خزينة الامثال، سيد حسين شاهه نولڪشور 1309ع. 9- ايشيا اور يورپ ڪي ضرب المثلين، ڪارپردازان پيسه اخبار لاهور 1922ع. 10- نجم الامثال مولوي نجم الدين، ڪارپردازان پيسه اخبار لاهور 1922ع. 11- اتاليق محاورات و ضرب الامثال، مولوي محمد وحيد غازيپوري همدم برقي پريس لکنئو 1935ع. 12- لغات خواتين، مولانا اشھيري پيسه اخبار لاهور، ٽيون ڇاپو 1935ع. 13- گلدسته محاورات مع ضرب الامثال، راءِ صاحب لاله رگهوناٿ منشي گلاب سنگ-لاهور 1931ع. 14- محاورات مع ضرب الامثال، ايم. عبدالرحيم ساقي حجازي پريس لاهور 1950ع. 15- ڪليد زبانداني، منشي گنيش لال-مطبع محب هند دهلي 1890ع. 16- تاريخ سنده عهد ڪلهوڙه، مولوي غلام رسول مھر- ادبي بورڊ حيدرآباد، 1958ع. (سنڌي) 1- پھاڪا (ديوان ڪوڙو مل) 1883ع. 2- سنڌي پھاڪا ڀاڱو 1 ۽ 2 (روچيرام گجومل، کيمچند شيوارام بوڪ سيلر حيدرآباد 1895ع. 3- عجيب نُڪتا، روچيرام گجومل، کيمچند شيوارام بوڪ سيلر حيدرآباد 1895ع. 4- گلشڪر، ديوان ڪيولرام گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپو ڪراچي 1905ع. 5- پھاڪن جي حڪمت، مرزا قليچ بيگ حيدرآباد، 1925ع. 6- گلقند ڀاڱو 1 (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) 1940ع. 7- سنڌ جي مختصر تاريخ، راءِ بھادر آلومل ٽيڪمداس، گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپو ڪراچي نائون ڇاپو 1892ع. 8- تاريخ سنڌ ڀاڱو 1 (مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد) 1933ع. 9- تاريخ سنڌ ڀاڱو 2 (مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد) 1934ع. 10- تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 (مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد) 1939ع. 11- سنڌ جو پراچين اتھاس ڀاڱو 3 (دوارڪا پرساد شرما، حيدرآباد. 12- تحفة الڪرام (سنڌي) ادبي بورڊ (حيدرآباد. (انگريزي) 1- ڊڪشنري آف دي هندستاني پراوربس بنارس پريس انڊيا 1910ع. 2- هسٽورينس آف سنڌ، سر ايليٽ، ڪلڪتو ٻيو ڇاپو 1956ع. (قلمي نسخا) 1- نگيرانِ سنده (فارسي) پنڊت موهن لال سيوستاني. 2- تاريخ سنده (فارسي) محمد صديق پيرزاده. 3- تاريخ سنڌ (سنڌي) محمد صديق پيرزاده. سنديلواسلم منزل ۱-۹-۱۹۶۶ع ڇاپو ٻيوهن ڇاپي ۾، ڪجهه مواد وڌايل آهي. جن سڄڻن، پھاڪا ۽ رايا موڪليا آهن، تن جو ٿورائتو آهيان. سنديلواسلم منزل، نزديڪ پاور ھائوس، لاڙڪاڻو. ۱-۳-۱۹۶۹ع [1] گجراتي ڪھيوت سنگرھ، آشا رام دليچند شاد، ص ۹[2] عماني پراوربس، ص ۴۳۵، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي واليوم ۲[3] ڪھاوت رتناڪر، نولڪشور پريس، ص ۱[4] ھڪ روايت مطابق، ھڪ وڌيڪ مصرع: ڪتيم ٽي پاءَ ته پنج پاءَ کُٽا.[5] چاري اٽي: چانورن جي اٽي[6] سڃ: تريءَ جو زور[7] گئو اٽي: ڪڻڪ جي اٽي[8] (ڏجي) مٺ: مٺ جو زور (ڏيڻ)[9] ڏچر: ٿور-کائڪ، ٿورو کائيندڙ[10] سچر: گھڻ-کائڪ، گھڻو کائيندڙ