شعور جو فلسفو

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    شعور جو فلسفو
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”شعور“ تي تبصرو
    ستار هڪڙو
    سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي جي موضوع تي تمام گھٽ مواد ملي ٿو ۽ خاص طرح سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ هن مضمون کي مڪمل نظر انداز ڪيو ۽ وساريو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بنيادي طرح فلسفي جي شعبي جو ماڻهو هو ۽ مٿئين موضوع تي سندس ٻه شاهڪار لکڻيون ”شعور“ ۽ ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ (ترجمو) سنڌي ٻوليءَ ۾ ان کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
    اڄ جي دهشتگرديءَ، انتها پسنديءَ ۽ سرمائيدار سامراجن جي نين چالن ۽ عالمگيريت واري ماحول ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”شعور“ روشن خياليءَ، حقيقت پسنديءَ ۽ عقليت پسنديءَ جي اهميت لاءِ هڪ سنگ ميل آهي.
    ڪتاب ”شعور“ ۾ ڪل 15 باب آهن، جن ۾ شعور جي تاريخي ارتقائي عمل تي هڪ جامع، مدلل ۽ سولي سهنجي عوامي ٻوليءَ ۾ بحث ٿيل آهي.
    شعور يا سمجھ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي؟ ۽ ان جي اوسر ڪيئن ٿي ٿئي؟ ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب هڪ انساني ٻار جو مثال ڏئي سمجھايو آهي ته ڪيئن مختلف مرحلن مان گذري انسان شعور جي بلندين تي پهچي ٿو ۽ نت نوان علم، خيال ۽ ڏاهپون پِرائي ۽ کوجي ٿو.
    هزارين سالن جي فطري حالتن جي ڦيري، ماحولي تبديليءَ، لقاءَ، تجربي، مشاهدي ۽ سمجھ جي پختگيءَ انسان کي فطرت مان وڌيڪ ڪجھ هٿ ڪرڻ سيکاريو جنهنڪري انسان ٻين ساهوارن جيان فطرت جو رانديڪو نه رهيو. اوزارن جي ڪلا ماڻهوءَ جي سگھ بڻجي پئي جنهن سان اپت ڪري پئي سگھجي، جيڪا اڳتي هلي پيداواري قوت ۾ بدلجي وئي. نتيجي ۾ اپتي عمل ۽ بامقصد سرگرميءَ ۽ پورهيي انساني سماج جو بنياد وڌو. ماڻهن جي هڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ ڪري مختلف عَملن، لقائن، گھرجن ۽ احساسن جي اظهار لاءِ هڪ ٻوليءَ جي گھرج پئي جنهن جو پهريون ۽ سادو روپ اشارا ۽ سانگَ هئا، جيڪي انسان پنهنجين اکين، هٿن، پيرن، مُنهن مهانڊي ۽ ٻين بدني انگن جي چرپر ڪرڻ سان ڪري پئي سگھيو ۽ انسان جي اها سادي ٻولي اڄ دنيا جو هر هڪ ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي ۽ سمجھائي پيو سگھي.
    جيئن جيئن انساني سمجھ، شعور، خيال، سوچ، احساس ۽ بامقصد سرگرميءَ ۾ اوسر ٿي تيئن انسان کي پنهنجن خيالن، سوچن، سَڌن، لقائن، جذبن ۽ امنگن جي اظهار لاءِ لفظن جي ضرورت پئي، جنهن جو اظهار صرف آواز وسيلي ئي ممڪن هو ۽ اهڙي نموني ٻولي وجود ۾ آئي ۽ ماڻهوءَ جي سمجھ، لفظن، ٻولن، ٻوليءَ جي بنياد تي ٺهي. سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي.
    خيالن جو اظهار ٻوليءَ سان ممڪن هو ۽ ٻوليءَ جي ڪري ئي مختلف عقيدن، ويساهن، وهمن ۽ وسوسن جو بنياد پيو. ٻوليءَ جي پختگيءَ انساني شعور ۽ سمجھ ۾ انقلابي تبديلي آندي ۽ ان جي ذهن ۾ نت نوان خيال ۽ ويچار سرجڻ لڳا ۽ انساني سماج تيزيءَ سان ترقي ڪندو ويو. ماڻهو پنهنجي اوسي پاسي ماحول ۾ موجود شين کي وڌيڪ سولائيءَ سان سمجھڻ لڳو ۽ ڪيترائي نوان علم، فلسفا، فن ۽ کوجنائون وجود ۾ آيون ۽ ڪيترائي نوان راز نروار ٿيا.
    ڊاڪٽر محبت وٽ سمجھ جو سبب مادو آهي ۽ ماڻهوءَ جي سمجھ هن جي دماغ، تنتن ۽ ٻوليءَ جي محتاج آهي. ماڻهو پنهنجن حواسن وسيلي عڪس ٺاهي ٿو ۽ انهن مان ئي کيس ڄاڻ ملي ٿي. حقيقت جو اولڙو غلط نموني پرجھيو ويندو ته سوچ به غلط ٺهندي، ڄاڻ به غلط هوندي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب باب نائين ۾ ڪيترائي مثال ڏنا آهن.
    ڏهين باب ۾ ڊاڪٽر صاحب ديوين ديوتائن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي وجود، ارتقا ۽ حقيقت تي مفصل بحث ڪيو آهي ته ديوي ديوتا جو تصور ڪنهن به ٻاهرين حقيقت جو عڪس نه آهي ۽ بنيادي طرح ماڻهوءَ جي خيالي شبيهه آهي.
    ماڻهوءَ پنهنجي سوچ، سمجھ ۽ شعور جي اوسر سان نيون مشينون ايجاد ڪيون جن جي مدد سان هن پنهنجن حواسن کي ڪروڙين ڀيرا وڌيڪ سگھارو ڪيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته سوچون مادي جو لقاءُ آهن جيڪي ماڻهوءَ جي دماغ ۾ هوري هوري ٺهن، وڌن ۽ ويجھن ٿيون.
    مطلب ته هيءُ ڪتاب عام سنڌي پڙهندڙ کي، سمجھ، سوچ، ڄاڻ، خيال، روح، مادي ۽ روشن خيالي جي فلسفي کي سولي نموني کولي پيش ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه اڄ وقت جي ضرورت آهي. ان لاءِ اسان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ٿورائتا آهيون.
    هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته گذريل 4 سالن ۾ ”شعور“ ڪتاب جا ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جيڪي ٿوري ئي عرصي اندر مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي ويا.
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان بهترين ڄاڻ ڏني آهي انشاءِ الله ان کي مارڪيٽ ۾ ڳولينداسين۔
    وسلام
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ادا، اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي، ختم ٿي ويل آهي. ان جي نئين ايڊيشن جي ضرورت آهي.
     
  4. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ادا، اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي، ختم ٿي ويل آهي. ان جي نئين ايڊيشن جي ضرورت آهي.
     
  5. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ادا، اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي، ختم ٿي ويل آهي. ان جي نئين ايڊيشن جي ضرورت آهي.
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ان جي خبر ڪيئن پوندي ته اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو آهي ۔
    وسلام
     
  7. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    وقت ٻڌائيندو، ادا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو