ڪجهه ڏينهن پهرين هي قصا هڪ دوست ٻڌايا۔ ڏاڍي کل آئي سو اوهان سان به ونڊ ڪجن ٿا
اوهان کي ڪجهه پراڻيون ڪهاڻيون نئين انداز سان ٻڌائجن ٿيون۔
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڪانگ کي ڏاڍي اُڃ لکي۔ پياسو ڪانگ پاڻي جي تلاش ۾ هو ته کيس هڪ مَٽُ نظر آيو جنهن جي تري ۾ پاڻي هو۔جنهن تي پهچڻ ڪانگ جي وس ۾ نه هو۔ پاسي ۾ پٿر به پيا هئا۔ ڪانگ سوچيو ته اهي پٿر پاڻي ۾ وجهبا ته پاڻي مٿي ايندو ۽ ايئن پاڻي پي سگهبو۔ اڇان اهو سوچي ئي رهيو هو ته
اچانڪ فائرنگجو آواز ٿيو ۽ ڪانگ اڻ ڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو
چون ٿا ٻلي 100 ڪوئا کائي حج تي وئي۔ پر اوهان کي خبر اهي هُتي ڇا ٿيو؟
سعودي اميگريشن وارن چيس ته تنهنجي ملڪ جون ڪافي ٻليون پهرين ئي حج بهاني اچي واپس نه ويون آهن ڇو جو تو واري ملڪ م بک جا واڪا آهن۔ ٻلي کي پهچندي ئي ڊيپورٽ ڪيو ويو
مشهور قصو آهي ته سهي ۽ ڪُمي جي ريس لڳي۔ سهي کي لڳو ته هو منزل کي ويجهو پهچي آرام ڪندو ۽ ڪُمي جي پهچڻ کان پهرين آرام سان پهچي ويندو۔ پ هن ڀيري ڪجهه ٻيو ٿي ويو۔
ڪُمي سهي جي موبائيل فون ۽ پرس کڻي نا معلوم طرف رُخ رکيو ۽ اڃان تائين روپوش آهي