ڇا قومپرست تنظيمون سنڌ کي متبادل قيادت ڏئي سگهن ٿيون؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا قومپرست تنظيمون سنڌ کي متبادل قيادت ڏئي سگهن ٿيون؟​

    نصير ميمڻ​

    گذريل مضمون ۾ اسان ان ڳالهه تي بحث ڪيو هو ته پاڪستان جي تبديل ٿيندڙ منظرنامي ۾ ڪيئن سنڌي باقي صوبن، قومن ۽ نسلي گروهن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور پوزيشن ۾ آهن. ان ڪمزور پوزيشن سبب ملڪ اندر هلندڙ سڌي ۽ اڻ سڌي بارگيننگ ۾ سنڌين کي عملي طور ڌر ئي تصور نٿو ڪيو وڃي. ملڪ اندر ٿيندڙ فيصلا هجن يا ملڪ اندر ممڪن تبديلين کي رخ ڏيندڙ عالمي قوتون هجن، سنڌين کي اهي عملي طور ڪنهن ڳاڻيٽي ۾ نه ٿيون آڻين. عالمي طاقت وٽ ڌر طور قبول ٿيڻ جا ٻه بنيادي معيار هوندا آهن. عالمي طاقتون ان کي ڌر تسليم ڪنديون آهن، جيڪو سندن مفادن جو يا ته پورائو ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي يا سندن مفادن کي ڇيهو رسائڻ جي صلاحيت رکندو هجي. عالمي طاقتن جي فيصلي سازي زميني حقيقتن ۽ سندن مفادن آهر ٿيندي آهي. وٽن حق، ناحق، تاريخي حقن، مظلوميت ۽ ڌرتي ڌڻي هجڻ وارن اصطلاحن جي ڪا به معنيٰ ناهي هوندي، تنهن ڪري سڀاڻي سنڌ بابت ڪي فيصلا ٿيندا ته عالمي يا مقامي طاقتون سنڌين جو حصو ان بنياد تي طئي نه ڪنديون ته سنڌي هن ڌرتيءَ جا تاريخي وارث آهن، موهن جي دڙي جي تهذيب جا وارث آهن، پرامن ۽ سيڪيولر صوفي آهن يا شاهه لطيف جي عالمي امن جي فڪر جا رکوالا آهن. اڄ جي دور ۾ پاڪستان جهڙي ملڪ اندر قومن يا نسلي گروهن جي حصي پتي يا حيثيت جو تعين ڪرڻ وقت ٻين سميت هيٺيان فيڪٽر منظور ڪيا ويندا.

    · ملڪ جي جمهور کي سياسي ۽ انتظامي ڍانچي ۾ اثر رسوخ.

    · ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي ڪاروهنوار کي ڊسٽرب ڪري سگهڻ جي صلاحيت.

    · ملڪي معيشت ۾ ڀائيواري ۽ معاشي ڪاروهنوار کي ڊسٽرب ڪري سگهڻ جي صلاحيت.

    · معاشي مرڪزن يعني شهري علائقن ۾ اثر رسوخ.

    · جاگرافيائي بيهڪ جي اهميت.

    · مضبوط ۽ اثرائتي سياسي تنظيمي اڳواڻي، جيڪا ان قوم يا نسلي گروهه کي منظم ڪرڻ ۽ چرپر ۾ آڻڻ جي صلاحيت رکندي هجي.

    · ملڪ کان ٻاهر اثرائتي لابنگ ڪري سگهڻ جي صلاحيت.

    انهن يا ان جهڙن فيڪٽرن کي ذهن ۾ رکي ۽ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائجي ٿي ته محسوس ٿئي ٿو ته عالمي ۽ مقامي طاقتن اڳيان پاڻ ڳڻائڻ لاءِ اڃا تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي. هن ملڪ اندر سنڌين جي نمائندگي هڪ اهم سوال آهي. سنڌ واسين کي هميشه اها ڳالهه ذهن ۾ رهي آهي ته پيپلز پارٽي سندن نمائنده جماعت آهي. ووٽن وٺڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جي حد تائين پيپلز پارٽي ڪنهن حد تائين سنڌين جي نمائنده جماعت برابر آهي، پر جڏهن ڳالهه بنيادي حقن جي تحفظ ۽ تاريخي گهرجن جي پورائي جي اچي ٿي ته پيپلز پارٽي وٽ اوليتن جي فهرست ۾ سنڌي تري ۾ بيٺل مس ٿا نظر اچن. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي جو پيپلز پارٽي سنڌين جي ان مجبوري کي سمجهي ورتو آهي ته سندن موجوده متبادل سنڌ واسين کي جيئن ته قبول ناهن، تنهن ڪري سنڌي جيئن يا مرن ووٽ وري به کين ڏيندا. سنڌي ماڻهن لاءِ به اهو هڪ منجهائيندڙ مسئلو آهي ته هو مسلم ليگ نون، قاف ۽ شهري تنظيمن کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور آهن، پر پ پ جڏهن اقتدار ۾ اچي ٿي ته ان وٽ سنڌ ۾ اهم بنيادي تبديلين لاءِ ڪو به پروگرام ناهي هوندو. سندن سڄو زور سفارشي نوڪرين، رشوتي مقررين، ٺيڪن ۽ خيراتي پروگرامن تي هوندو آهي. هينئر به پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪوٽا مان مڊل ڪلاس جي باشعور ۽ سنڌ دوست ايماندار ماڻهن کي ڪا جڳهه ڏيڻ بجاءِ رحمان ملڪ، شوڪت ترين، فاروق نائيڪ کي سينيٽ ۾ ميمبر ڪرايو آهي، جن کي سنڌ جي مفادن لاءِ ڪڏهن ڪنهن اکر به ڪڇندي نه ٻڌو هوندو. هونءَ ته سنڌي ميمبر به سنڌ سان ٿيندڙ ڪنهن انياءَ تي ايوانن ۾ ڳالهائڻ کان پاسو ڪن ٿا، خاص طور تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ته ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هجي. سنڌ اسيمبلي جو حال اهو آهي ته 18 آڪٽوبر واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ٺهراءُ پيا بحال ٿين، جڏهن ته اها اسيمبلي خود سنڌ حڪومت به آهي. خبر ناهي اهو مطالبو هو ڪنهن کان پيا ڪن؟ هن صورتحال ۾ سنڌ واسين لاءِ بنيادي سوال اهو آهي ته جڏهن ملڪ اندر رهندڙ ٻين قومن، نسلي گروهن وٽ سندن حقن جي تحفظ ۽ نئين ممڪنه جوڙجڪ ۾ شيئر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون پنهنجون نمائنده قيادتون ۽ تنظيمون موجود آهن، اتي سنڌ جي حقن جي تحفظ ۽ شيئر لاءِ بارگيننگ ڪندڙ تنظيم يا قيادت ڪهڙي آهي. پيپلز پارٽيءَ ثابت ڪيو آهي ته ان قسم جي ڪم ۾ سندس ڪا دلچسپي ناهي. تنهن ڪري سنڌين لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هو پنهنجي قومي وجود، جاگرافيائي وحدت، وسيلن جي مالڪي ۽ نئين سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ جهڙن بنيادي نوعيت جي مسئلن لاءِ متبادل قيادت ۽ نمائندگي بابت سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ۽ عملي اڳڀرائي ڪن.

    متبادل قيادت سنڌ لاءِ هاڻي تاريخي گهرج بنجي چڪي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ان خال کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. هينئر تائين سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي متبادل قيادت اڀري نه سگهڻ جو هڪ ڪارڻ بينظير ڀٽو جي وزنائتي سياسي شخصيت به هئي. سنڌ جا ماڻهو نه رڳو کيس ڀٽي جي ڌيءَ جي حيثيت ۾ مان ڏيندا هئا، پر سندس ذاتي شخصيت ۾ به اهي گڻ هئا، جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ڪيترين ئي شڪايتن باوجود اها اميد هوندي هئي ته جيڪڏهن هن خطي ۾ ڪڏهن به ڪا نئين جوڙجڪ ٿي يا موجوده ڍانچي اندر قومن جي مستقبل بابت ڪا بارگيننگ جي نوبت آئي ته بينظير ڀٽو سنڌ جي مفادن کي ٽڪي سير نيلام نه ڪندي. جيتوڻيڪ سندس گذريل ٻن حڪومتن دوران سنڌ کي ڪيتريون ئي شڪايتون به هيون، پر مجموعي طور سندس شخصيت لاءِ عوام جي دلين ۾ عزت ۽ محبت ايتري ته گهري هئي، جو سنڌ واسين کي سندس موجودگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙي ننڌڻڪائيءَ جو احساس نه ٿيو، جهڙو هن وقت ٿيڻ لڳو آهي. سنڌين جي ويچارپ ۽ بي وسيءَ جو هي عالم آهي جو مرڪز توڙي وفاق ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هجڻ جي باوجود شهرن ۾ نه سندن آباديون ٿي سگهن ٿيون، نه انهن جو بلڊوز ٿيڻ بند ٿو ٿئي ۽ نه تعليمي ادارن ۾ کين داخلائن جو حق واپس ملي سگهيو آهي. نه سندن ضلعن جي پراڻي حيثيت ٿي بحال ٿئي ۽ نه سنڌ دشمن ناظمي نظام جو طوق سندن ڳچيءَ مان ٿو نڪري. جيڪي به چار اهم نوڪريون آهن، سي به وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي مائٽن ۾ ورهائجن پيون ۽ اهي به ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي. اسڪول، اسپتالون ۽ يونيورسٽيون ساڳي حال ۾ آهن، امن امان جي حالت سڌرڻ بجاءِ ويتر بگاڙ جو شڪار آهي. اهڙي طرح سنڌ سان لاڳاپيل اهم پاليسي معاملن تي به ڪا اهڙي اڳڀرائي ناهي ٿي، جيڪا سنڌين کي اهو احساس ڏياري ته هيءَ سندن حڪومت آهي. ويتر سنڌين سان جٺ اها آهي ته جو جيڪڏهن ڪٿي ٿا پنهنجي حقن بابت ڪڇن ته کين ورائي چيو وڃي ٿو ته صدر اوهان جو، وزير اعظم اوهان جي پارٽيءَ جو، ناڻي وارو ۽ گهرو وزير سنڌ مان چونڊيل ۽ سينيٽ جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبليءَ جا اسپيڪر به سنڌ جا ۽ چئني صوبن ۾ حڪومتون به سنڌين جي پارٽيءَ جون ٻيو ڀلا آخر سنڌي ڇا ٿا چاهن. پيپلز پارٽي سنڌين کي هڪ اهڙي جنجل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جتي هو پنهنجي پاڻ سان ٿيندڙ جٺ تي اکر ڪڇڻ جهڙا به نه رهيا آهن. سو ان سڄي لقاءَ ۾ هاڻي سنڌين وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي جو اهي هاڻي شهيدن جا قرض لاهڻ کانپوءِ ڪجهه پنهنجي ووٽ جي قرض جو حساب ڪتاب گهرڻ به شروع ڪن. جيستائين اهو عمل شروع نه ٿيندو، سنڌين کي پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي بليڪ ميل ڪندي رهندي ته جيڪڏهن سنڌين پ پ کي ووٽ نه ڏنا ته عوام دشمن قوتون سنڌ جي ايوان تي قابض ٿي وينديون. شايد اهڙي نوبت اچي به ۽ ان جي ذميوار به پيپلز پارٽي ئي هوندي، جنهن سنڌين کي ان انتها تي پهچايو آهي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهو رڳو ووٽ جي قرض جو پڇاڻو ڪرڻ سکي پون ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ جي صف بندي به کين يرغمال بنائي نه سگهندي.

    مون مٿي ذڪر ڪيو ته بينظير ڀٽو جهڙي قدآور شخصيت سبب سنڌ ۾ متبادل قيادت نه پئي اڀري، پر هاڻي اهو خال ڀرڻ تاريخ جي گهرج آهي، تنهن ڪري متبادل ادارن ۽ اڳواڻي لاءِ ضرور رستا کلندا. هاڻي اچو ته هڪ نظر ڏسون ته سنڌ ۾ متبادل قيادت جا رستا ڪهڙا ڪهڙا آهن ۽ سنڌين کي ڪهڙي طرح پنهنجي لاءِ متبادل قيادت جو تعين ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر متبادل قيادت جون ٻه اهم ڪيمپون ٿي سگهن ٿيون. هڪ ڪيمپ اسٽيبلشمينٽ جي انهن وڏيرن جي آهي، جيڪي شهري علائقن جي نمائندن سان گڏجي مشرف دور ۾ سنڌ تي ڪارو راڄ ڪندا رهيا. پيپلز پارٽي جيڪو خال پيدا ڪري رهي آهي، ان ۾ اها ڪيمپ پنهنجو مستقبل روشن ڏسي رهي آهي. جيئن ته هن ملڪ جا فيصلا ڪندڙ طاقتون ان وڏيرڪي ٽولي جي راڄ ۾ هر لحاظ کان مطمئن هونديون آهن، تنهن ڪري ممڪن آهي ته سنڌين جي ڳچيءَ ۾ ٻيهر اهو ڳٽ پئجي وڃي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ ڀيري سندن سرواڻي شهري آبادي جي تنظيم جي هٿ ۾ به اچي وڃي. جنهن کان پوءِ سنڌين وٽ ٻه آپشن بچندا. هڪ ته پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي وجود جو انت ايندي ڏسن يا وري رياستي عذاب کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ڪو ڀرپور ردِعمل ڪن.

    سنڌ ۾ متبادل ڪيمپ جو ٻيو رستو سنڌ جي قومپرست تنظيمن ڏانهن کلي ٿو. سنڌ ۾ قومپرست سياست ۾ ٻه ٽي ڌريون ئي ڪا نمايان سڃاڻپ بچائي سگهيون آهن، انهن ۾ هڪ مڪتبهءِ فڪر پارليامينٽ جي سياست ۾ يقين نٿو رکي ۽ ٻي ڪيمپ 1940ع جي قرارداد هيٺ پارلياماني سياست وسيلي سنڌين کي حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي. سنڌ ۾ قومپرست سياست وٽ پارلياماني سياست جو تجربو نه هجڻ جي برابر آهي. پر هن وقت هڪ موقعو آهي ته سنڌ ۾ قومپرست سياست ڪندڙ تنظيمون سنڌ لاءِ ڪا ٺوس حڪمت عملي جوڙين، جنهن جو مرڪز ايندڙ چونڊون هجڻ گهرجي. جيتوڻيڪ سنڌ جون قومپرست تنظيمون سنڌ اندر ووٽرن تائين پهچ جي معاملي ۾ ڪيترن ئي حوالن سان ڪمزور آهن، پر بهتر پلاننگ ۽ درست حڪمت عمليءَ سان اهي ڪجهه سالن اندر سنڌ کي متبادل قيادت فراهم ڪرڻ جي قابل بنجي سگهن ٿيون.

    درحقيقت تاريخ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪو وقتائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪري رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست تنظيمون هن موقعي مان ڪو فائدو وٺي سگهيون ته هو سنڌي قوم جي تاريخ جو هڪ نئون باب لکي سگهن ٿيون ته تاريخي تقاضائن جو پورائو نه ڪري سگهندڙ ڌريون پنهنجي وجود کان به هٿ ڌوئي ويهنديون آهن. هن موقعي جي دانشمنداڻي استعمال لاءِ منهنجي ادنيٰ راءِ ۾ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن.

    · پنهنجي ادارن اندر سنڌ جي پارلياماني سياست جي حوالي سان صف بنديءَ بابت ڳالهه شروع ڪن.

    · سنڌ ۾ قومي مسئلن تي رابطي مهم کي تيز ڪري گهٽ ۾ گهٽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن تائين پهچن ۽ سنڌ واسين کي صورتحال جي ڳنڀيرتا ۽ حڪمرانن جي موقعي پرست روين کان آگاهه ڪن ته جيئن ماڻهو وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کان به پڇاڻو ڪرڻ شروع ڪن.

    · مڊل ڪلاس جي پراڻن سياسي ورڪرن، ليکڪن ۽ سنڌ دوست ماڻهن کي پنهنجي جدوجهد جو مرڪز بنائن.

    · جيستائين ايندڙ عام چونڊن جو وقت اچي، مڪاني ادارن جي ايندڙ چونڊن لاءِ تياري شروع ڪن. در حقيقت مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ هيٺين سطح تي سندن ڪاميابيءَ جا امڪان به بهتر آهن، ڇو ته اتي ڪروڙين رپين ۽ وڏين پارٽين جي ٽڪيٽن کانسواءِ به مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

    · جيڪي تنظيمون پارلياماني سياست ۾ يقين نه ٿيون رکن، اهي گهٽ ۾ گهٽ اهو طئي ڪن ته عام توڙي مڪاني چونڊن جي وقت جتي به ڪو سنڌ دوست بي داغ ڪردار وارو ماڻهو چونڊن ۾ بيهندو، ان جي حمايت ڪندا ۽ جتي به سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو بيهندا، ان جي مخالفت ڪندا. ان معيار کي ان شخص سان لاڳاپيو وڃي ڀلي اهو ڪهڙي به پارٽيءَ سان تعلق رکندو هجي.

    · قومپرست پارٽيون اهو فيصلو ڪن ته سندن حمايت سان چونڊن ۾ بيهندڙن ۾ ڪو به وڏيرو يا داغدار ماضيءَ وارو ماڻهو شامل نه ٿيندو. سندن حمايت جو مرڪز هيٺين ۽ وچولي طبقي جا روشن خيال ۽ باضمير سياسي ورڪر، سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ هجڻ گهرجن، جيڪي سڀاڻي عوام آڏو پاڻ کي جوابدار به سمجهن.

    · قومپرست پارٽيون اهو طئي ڪن ته آئيندي اهي چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ گڏيل اميدوار بيهارينديون يا ڪنهن اميدوار جي گڏيل حمايت جو اعلان ڪنديون.

    · ان مقصد لاءِ چونڊن واري سياست ۾ يقين رکندڙ ڌرين مان ڪنهن هڪ کي اڳڀرائي ڪري ٻين ڌرين ڏانهن وک وڌائڻ گهرجي ته جيئن ان ڏس ۾ ڪا گڏيل حڪمت عملي جڙي سگهجي.

    جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست ڌريون ان قسم جي ڳالهين تي ڪو اڻ لکيو يا لکيل اتحاد ڪري سگهن ته ايندڙ ٻن ٽن سالن دوران اهي پاڻ کي سنڌي ووٽرن اڳيان هڪ مضبوط ۽ بهتر متبادل طور پيش ڪري سگهن ٿيون. ان سان هڪ طرف عوامي سطح تي متبادل قيادت اڀرندي ته ٻئي طرف سياسي ميدان ۾ وڏيرڪي ڪلاس جو قبضو ڪمزور ٿيندو. ظاهر آهي ته ان ڏس ۾ يڪدم ڪا وڏي ڪاميابي نه ملندي، پر جيڪڏهن قومپرست ڌريون مستقل مزاجيءَ سان ان ميدان کي سنڀالين ۽ پنهنجي تنظيم سازي ۽ ادارتي ڍانچي کي ان رخ ۾ آڻين ته ٽن کان پنجن سالن اندر سنڌ جي سياست ۾ انتهائي اهم تبديليون آڻي سگهجن ٿيون. هڪ ٻن چونڊن جي مرحلن مان گذرڻ تائين سنڌ جون قومپرست ڌريون ان ميدان ۾ گهڻي بهتر پوزيشن ۾ اچي سگهن ٿيون. پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته ان دوران جتي به سندن اميدوارن کي ڪاميابي حاصل ٿئي ته اهو اميدوار عوام جي اڳيان بهتر سياست جا ڪي نوان مثال سامهون آڻي. پهرين مرحلي ۾ جيڪڏهن محدود ڪاميابيءَ تي به قومپرست ڌريون ماڻهن کي عملي طور ڪجهه بهتر نتيجا ڏيکاري سگهن ته پوءِ رت پياڪ وڏيرڪي سياست کان بيزار ٿيل سنڌ جا ماڻهو کين اها موٽ ڏيندا، جن جو هنن تصور به نه ڪيو هوندو. قومپرست ڌرين جي ان سياست سان ڪي وڏيون ڪاميابيون جيستائين سامهون اچن، فوري طور تي هيٺيان اهم فائدا ضرور حاصل ٿيندا.

    · سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ تي دٻاءُ وڌندو ته اها عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجا رويا درست ڪري.

    · سنڌ ۾ پارلياماني سياست تان وڏيري جو ناجائز قبضو ڪمزور ٿيندو ۽ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي روشن خيال سياست جا بنياد پوندا.

    · سنڌ جي آئيندي بابت فيصلا ڪندڙ طاقتون ويڪائو وڏيري جي غلام بنايل سنڌ بدران هڪ اهڙي سنڌ سان سامهون هونديون، جنهن ۾ عوامي طبقن مان آيل سنڌ دوست قيادت ساڻن ڪن ٻين شرطن تي ڳالهائيندي.

    · قومپرست سياست کي بين الاقوامي فورمن تي هڪ ڌر جي حيثيت ۾ سنڌين جي نمائندن طور سڃاڻپ حاصل ٿيندي.

    اهي سڀ ڳالهيون چوڻ سوليون، پر ڪرڻ ڏکيون آهن. ان باوجود اهي سڀ ڳالهيون ان ڪري بيحد ضروري آهن، جو سنڌ جي ماڻهن کي ان جي ضرورت آهي. پر اهو سڀ ڪجهه رڳو قومپرست پارٽيون اڪيلي سر نه ڪري سگهنديون، ان لاءِ سنڌي سماج جي سمجهدار ماڻهن کي سماج اندر هڪ اهڙي لهر پکيڙڻ جي ضرورت آهي، جتي اها اڻٽر ضرورت پوري ڪرڻ قومپرست قوتن لاءِ مجبوري به بنجي پئي ته ٻئي طرف سنڌي سماج اندر سندن حمايت لاءِ هڪ ڀرپور ماحول به تيار ٿئي. اهو سڀ ڪجهه رڳو چونڊن وسيلي به ممڪن ناهي، ان لاءِ سنڌ جي سماجي ڍانچي اندر بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪم رڳو هڪ وطن دوست ۽ روشن خيال وچولو طبقو ئي ڪري سگهندو

    (روزاني ڪاوش)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    قوم پرست پارٽين وٽ هينئر ڊاڪٽرس ۽ انجنيئرس جي ڪهڙي کيپ آهي جيڪا هو سنڌ جي الڳ ٿيڻ جي ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا۔۔؟
    جيڪڏهن شروع جي سالن ۾ جڏهن يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جي چڱي تعداد هوندي هُئي، اُن وقت هي قوم پرستيءَ جي بيماري سنڌي شاگردن جي دلن ۾ نه وڌي وڃي ها ته هينئر سنڌ آباد ۽ خوشحال هُجي ها، هٿ وٺي سنڌ جي ذهين نوجوانن کي پڙهائي کان دور ڪيو ويو، ڪامريڊي سيکاري وئي، هاڻي اُن جو نتيجو اهو آهي جو موجوده دور ۾ ٻين ٻولين وارا، ڌاريا وڏن وڏن عُهدن تي قابض ٿي ويا آهن، نه صرف وفاق ۾ پر ڪراچي ۽ سنڌي ادارن ۾ پڻ ڌاريا سٺين پوسٽن تي پهچي ويا.. اسان سنڌين کا ڇا وريو؟....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو