نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    نوجوان شاعر نصير سومري جا شاعراڻا ويچار


    رکيل مورائي


    نصير سومرو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت خوبصورت شاعر آهي، سندس باري ۾ اهو لکندي ذاتي طور مون کي خوشي ٿيندي ته نصير شاعر ته آهي ئي، پر هو هڪ ذهين پڙهندڙ ۽ ادب بابت پنهنجا نجا ويچار رکندڙ تنقيد نگار به آهي. بنيادي طور هو انجنيئر آهي، ان ڪري هن جي هر لکڻي منطق ۽ سائنسي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ مڪمل ٿيندي آهي. نصير سنڌي ادب ۽ عالمي ادب، نظرين توڻي ڌارائن بابت هڪ سوچيندڙ ۽ پوءِ لکندڙ نوجوان آهي، جنهنڪري ڪنهن به شخص کي هن کي پنهنجو دوست سڏيندي خوشي ٿيندي آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب اچي چڪا آهن. هو شاعريءَ جي سڀني باريڪين کان واقف آهي، جنهن جو مثال هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ آيل ڇهه اڀياس آهن جن کي هن شاعريءَ جي فني ۽ فڪري ڌارائن جي سائنسي اوک ڊوک ڪوٺيو آهي. نصير نثر ۾ گهڻو ئي لکيو آهي، پر هن ڪتاب ۾ سندس اهي لکڻيون شامل آهن، جيڪي نج ادب سان تعلق رکن ٿيون، ٻيءَ طرح نصير نظرين، سياست ۽ صحافت جي حوالي ۾ به نهايت اعتماد سان ۽ سچائيءَ سان پنهنجي حصي جون لکڻيون سنڌ کي ڏنيون آهن.
    سنڌي شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ نصير سومرو اهڙو نالو آهي جنهن وٽ شاعري پنهنجي مڪمل روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو سندس شاعراڻو شعور عام شاعر کان مٿاهون آهي. اهڙو احساس سندس هن نثري ڪتاب ”شاعراڻا ويچار“ پڙهڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ هن جا اهي ليک آهن، جيڪي سندس سينئر ۽ همعصر اديبن ۽ دوستن جي ڪتابن ۽ شخصي حوالن کي کڻي لکيل آهن، جن ۾ به نصير جي ٻولي رويو ۽ ويچار شاعراڻا هوندي به هڪ تنقيد نويس ۽ ويچارڪ جا وڌيڪ محسوس ٿين ٿا. ان ڪري ته هو شاعري ڪرڻ سان گڏ ادب جو اعليٰ شعور رکندڙ ويچارڪ آهي، جنهن جي اڄ جي سنڌ کي وڌيڪ ضرورت آهي.
    سنڌي شاعريءَ جا ۶۵ سال هڪ سنجيده اڀياس گهرن ٿا ۽ نصير جهڙي اسان جي دوست جو هيءَ ڪتاب پڙهي مون کي اميد جاڳي آهي ته هن کي جيڪڏهن وقت ۽ ماني ميسر ڪري ڏجي ته اهڙو تاريخي ڪم نصير بنهه اعتماد سان ڪري سگهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن اسان جا ادارا ان حوالي ۾ ڪا ڪوشش وٺندا ته سنڌي ادب تي سندن احسان ٿيندو. ايئن ڪرڻ سان هڪ ذهين نوجوان کان سنڌي ادب بابت هڪ نهايت اهم ڪم وٺي سگهبو ۽ تمام ٿورڙن نوجوانن مان پنهنجي دوست نصير ۾ اهڙي اميد اڳ به هئي ۽ هاڻ به آهي.
    سندس هيءُ ڪتاب اڄ جي ڇپجندڙ ڪتابن ۾ هڪ اهم اڀياسي ڪتاب آهي، جنهن کي بار بار پڙهڻ گهرجي. ڪتاب ۾ ٽيون ڀاڱو انهن تصويرن جو ڏنل آهي جيڪي نصير پنهنجي زندگيءَ ۾ اهم سمجهيون آهن ۽ جن کي هو محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو. تجريدي آرٽ سان سينگاريل حسين ٽائيٽل ۽ نهايت اعليٰ پني ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ تصويرن کان سواءِ 160 صفحا آهن. ڪتاب جو مهاڳ بيدل مسرور صاحب جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي تنقيد ۽ فلسفي تي لکندڙ نهايت اهم نالي، اڪبر لغاريءَ کي منسوب ڪيل آهي ۽ ڪتاب جو مُلهه 300 رپيا آهي. ٻي طرح هي اڻ ملهه ڪتاب سنجيده پڙهندڙن لاءِ آهي، جنهن کي بلال پبليڪشينز ڪراچي شايع ڪيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نصير سان ڪراچي ۾ ملاقاتون ٿينديون آهن۔ هو سٺو شاعر هجڻ سان گڏ وسيع معلومات رکندڙ شخصيت آهن۔ ادبي سنگت ڪراچي جا متحرڪ ميمبر آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو